خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي( سنڌ ورڪي)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي( سنڌ ورڪي)​

    [​IMG]
    شوڪت حسين شورو

    سنڌ جا صدين کان وٺي وچ اوڀر، ڏور اوڀر، ڏکڻ ايشيا، وچ ايشيا، آفريڪا، پاناما ۽ يورپ جي ڪجهه ملڪن سان واپاري ناتا رهيا آهن. ٺٽي جا ڀاٽيا ۽ لاڙ جا لهاڻا ڪيٽي بندر، شاهبندر، لاهري بندر ۽ علي بندر تان ٻيڙا ڪاهي واپار سانگي ڏورانهان سمنڊ جهاڳي ايندا هئا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن کي وڻجارا ڪوٺيو آهي ۽ سُر سامونڊي ۾ انهن وڻجارن جو ئي ذڪر آهي. جتي سنڌي مسلمان سنڌ ڌرتيءَ کان پير ٻاهر نه ڪڍيو، اتي سنڌي هندو سڄي دنيا کي پنهنجن پيرن سان لتاڙي آيو، ٻئي سنڌ جا ڄاوا هئا، پر ٻنهي جي نفسيات ۾ زمين آسمان جو فرق هو. سنڌي مسلمان قسمت تي ڀاڙي پنهنجي ٽٽل ڦٽل گهر کان ٻاهر نڪرڻ پسند نه ٿي ڪيو ۽ سنڌي هندو دنيا جهان مان ڪمائي موٽي سنڌ ۾ اچي پنهنجو پڪو گهر ٺهرائيندو هو، سنڌي مسلمان جي لاءِ اهو مشهور هو ته پنهنجي ڳوٺ مان نڪري حيدرآباد يا ڪراچي ويندو هو ته چوندو، پرديس پيو وڃان، جيتوڻيڪ هاڻي ٿورا گهڻا ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن، پر انهن ۾ جيڪي پڙهيل لکيل آهن، سي نوڪرين جي لاءِ ۽ غريب غربو مزدوريءَ جي لاءِ. ٻاهر وڃي واپار يا ڌنڌو ڪرڻ سنڌي مسلمان جي فطرت ۾ ئي ڪونهي، سواءِ ميمڻ يا شيخ برادريءَ جي باقي خير آهي. سنڌي مسلمان جي ڀيٽ ۾ سنڌي هندو واپار ۾ ايترا ڀڙ آهن جو دنيا جي نالي وارين واپاري قومن کان به گوءِ کڻن، هڪ ئي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙن جي فطرت ۾ ايترو فرق حيرت انگيز آهي!
    جڏهن سنڌ جا سمورا بندر ڦٽي ويا، ته سنڌي وڻجارن جا سامونڊي رستا به ڄڻ بند ٿي ويا. بندر بازاريون نه رهيا، ته وڻجارن وڃي ٻيون واٽون نهاريون. شايد انهن ئي وڻجارن جي اولاد مان اڳتي هلي سنڌ ورڪي پيدا ٿيا، جن پنهنجي ذهانت ۽ هوشياريءَ سان هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي دنيا ۾ سنڌ جي سڃاڻپ ڪرائي، حيدرآباد جو شهر جوڙايو ته ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هو، پر ان جو اوج ميرن جي دور ۾ شروع ٿيو، ان جي ڊگهي شاهي بازار جي ٻنهي پاسن کان هر قسم جي هنر وارن ڪاريگرن پنهنجن پنهنجن پاڙن جون گهٽيون آباد ڪيون، انهن ۾ سونارا، لوهار، واڍا، ڪوري، رازا، ڪاسائي ۽ ڪاشيگر شامل هئا، انهن ۾ ڪي گهٽيون خدابادي عاملن ۽ ڀائيبندن جون پوڻ هيون، عامل پڙهيل لکيل ۽ وڌيڪ نفاست پسند هئا، هنن پوءِ پنهنجو الڳ پاڙو هير آباد جي نالي سان ٺهرايو ۽ اتي عاليشان جايون جوڙايون، ڀائيبند واپاري طبقو هو جيڪي لهاڻا هئا، مير، سندن خاندان ۽ درٻار جا ماڻهو ٻاهرين ملڪن جي ريشمي ڪپڙي ۽ ٻين شين جا شوقين هئا، جيڪي هندو واپاري کين گهرائي ڏيندا هئا، هندو واپاري حيدرآباد جي ڪاريگرن کان هيرن ۽ موتين جي جڙاءُ وارا خنجر، تلوارون، سون ۽ چانديءَ جا زيور، لونگيون، کيس، ڀرت ڀريل ڪپڙا ۽ ٻيون شيون ٺهرائي ميرن کي وڪڻندا هئا. سنڌ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته نه مير رهيا ۽ نه سندن درٻارون. هندو واپارين جي گراهڪي ڦٽي وئي ته هنن ٻيا رستا ڳولهڻ شروع ڪيا. هنن سنڌي ڪاريگرن جي ٺاهيل دستڪاريءَ واري سامان ۽ ڪپڙي جو پرڏيهه ۾ واپار ڪرڻ شروع ڪيو.
    سنڌي ڪاريگر پنهنجي هٿ جي هنر سبب جڳ مشهور هئا ۽ پرڏيهه ۾ انهن جي ٺاهيل شين کي سنڌي ڪم (Work) سڏيو ويندو هو. سنڌي ورڪ جو واپار ڪندڙ سنڌ ورڪي سڏجڻ لڳا، اهو نالو اهڙو پڪو ٿي ويو، جو خود سنڌ جا سنڌي به کين سنڌ ورڪي ڪوٺڻ لڳا، هنن جو ڌنڌو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ هوندو هو، پر سندن مرڪز آفيس (پيدي) حيدرآباد ۾ ئي هوندي هئي، شاهي بازار جي آسپاس واري ڪنهن گهٽيءَ ۾ پهرين سنڌ ورڪي ڪمپنيءَ جو بنياد 1860ع ۾ حيدرآباد ۾ پيو هو. شڪارپور جا هندو وري پئسي ڏوڪڙ جي ڏي وٺ ۾ هوشيار هئا، ڏوڪڙ هڪڙي هنڌان ٻئي هنڌ جلد پڄائڻ لاءِ هنن ”هُنڊي“ جو رواج وڌو، بئنڪ جي ان نئين نظام هيٺ اعتبار تي واپاري پنهنجي رقم ڏيهه پرڏيهه ۾ جلد کان جلد موڪلي سگهندا هئا.
    هڪ طرف شڪارپوري سنڌين پنهنجي بئنڪنگ واري ذهن طور دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ نالو ڄمايو، ته ٻئي طرف حيدرآباد جي سنڌين واپار ۾ وڏو مان حاصل ڪيو، مصر جڏهن سياحت جو مرڪز ٿيو ته سڄي دنيا جا ماڻهو اتي اچڻ لڳا، تڏهن سنڌورڪي سنڌي هٿ جا هنر ۽ ٻيون شيون ساڻ کڻي وڃي، اتي وڪڻي اينداهئا، پوءِ هنن پاڻيءَ جي ڪنارن وارن رستن تي پنهنجا دڪان کولي ڇڏيا. مارڪيٽنگ ۽ سامان جي وڪري جي قدرتي ڏات کين ڄائي ڄم کان مليل هئي. ورهاڱي ٿيڻ کان پوءِ هنن کان سنڌ وئي ته سنڌي هٿ جي هنر جو سامان به ويو. سنڌي هندو جيڪي پنهنجا ڀريل گهر گهاٽ، مال متاع ڇڏي ڀارت ۾ آيا، تن شروع ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏٺا، ڪٽنب ڌار ڌار ٿي ويا. خوددار، انا پرست ۽ وڏي مان شان وارا ماڻهو غريبي ۽ ذلت جي زندگيءَ گهارڻ تي مجبور ٿي پيا، هنن پنهنجو الهه تلهه پوئتي ڇڏي ڪيمپون اچي وسايون هيون، جن ۾ حياتي گهارڻ جون بنيادي سهولتون به موجود نه هيون. شاهوڪار ۽ زميندار جيڪي ڪڏهن شاهاڻي زندگي گذاريندا هئا سي هاڻي مفت جو راشن وٺڻ لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ قطار ۾ بيٺل، عورتون گڏيل غسل خاني جي ٻاهران پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺل ۽ نلڪي مان پاڻي ڀرڻ لاءِ وڏا مفاصلا لتاڙي ٿانوَ مٿي تي کڻي اينديون هيون، اهي سنڌي هندو پنهنجي برباديءَ جي ڍير مان ائين اٿي کڙا ٿيا جو دنيا حيران رهجي وئي. هنن پنهنجو پاڻ کي ٻيهر آباد ڪيو، ائين جيئن قفنوس پکي پنهنجي ئي رک مان ٻيهر جنم وٺندو آهي، هنن نه رڳو ڀارت ۾ پر سڄي دنيا ۾ پاڻ کي واپاري، بزنيس مئن ۽ ڪارخانيدار جي حيثيت سان ماري مڃايو، جتي دنيا هڪ ڳوٺ (گلوبل وليج) بنجي وئي آهي، اتي سنڌي هندو ڪميونٽي ڪنهن هڪ ملڪ جي نه پر سڄي دنيا جي ڪميونٽي بنجي وئي آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ورهاڱي جي 63 سالن کان پوءِ به عام سنڌي مسلمان اڃا تائين قبائلي جهيڙن، خوني تڪرارن ۽ جهالت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو پيو آهي!

    بشڪريه ڪاوش
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي( سنڌ ورڪي)

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو