دوستو! ڇا هنن لمحن مان ڪو هڪ به لمحو اوهانجي زندگي ۾ آيو آهي ۔۔۔؟ 1۔ اوهان پنهنجين پهرين پگهار پنهنجي والدين کي ڏيندي خوش ٿيا آهيو؟ 2۔ اوهان پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۾ ويهي ڪڏهن پنهنجين اکين مان ڳوڙها ڳاڙيا آهن؟ 3۔ اوهان ڪڏهن پراڻا ۽ يادگار ڦوٽو ڏسي پنهنجي اندر ۾ کليا آهيو؟ 4۔ اوهان پنهنجن دوستن سان پياريون ۽ جذباتي ڳالهيون ڪري ٽهڪ ڏنا آهن؟ 5۔ اوهان پنهنجي محبوب سان ڪڏهن هٿ هٿ ۾ ڏئي ويٺا هجو يا گهميا هجو؟ 6۔ اوهان جنهنکي تمام گهڻو پيار ڪندا هجو ۽ ان طرفان اوهانکي تمام پيار ڀريو ڀاڪر مليو هجي؟ 7۔ اوهان پنهنجي نئين ڄاول ٻار کي پهرين چمين ڏئي خوش ٿيا آهيو؟ 8۔ اوهان ڪڏهن تمام زور سان کليا هجو جو اوهانجي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هجن؟ دوستو! اهڙا لمحا اوهانجي زندگي ۾ اچن ٿا ته پڪ ڄاڻو ته اوهانجي اندر جو حساس انسان جيئرو آهي ۽ بيشڪ اوهان پيارا انسان آهيو ۔۔۔۔
جواب: ڪجهه لمحا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه مسرتون الحمد الله ۔۔۔۔ الله پاڪ جا لک شڪر آهن جو اهي سڀ لمحا منهنجي زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي آيا آهن۔۔ الله پاڪ جا لک شڪر آهن۔۔۔ پر غريب مسڪينن جي حالت کي ڏسي اکين ۾ پاڻي اچڻ به حساس انسان جي نشاني آهي۔۔ ڪنهن ظلم جي خلاف آواز بلند ڪرڻ به حساس انسان جي نشاني آهي
جواب: ڪجهه لمحا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه مسرتون منهنجا دوست به مون کي هميشه انتهائي حساس سمجهندا آهن ۔۔۔۔ يقينن توهان جي ذاتي تجربي جي عڪاسي توهان جي هن خوبصورت ليک مان عيان آهي۔۔
جواب: ڪجهه لمحا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه مسرتون سائين لاجواب اهي سڀ لمحا وقت سر زندگيء ۾ ايندا آهن۔۔۔ توهان ته يادون تازه ڪري ڇڏيون توهان جي هر تحرير لاجوب هوندي آهي۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل جذبن جي عڪاسي ڪئي آهي
جواب: ڪجهه لمحا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه مسرتون بيشڪ سنڌ سلامت جا سڀ دوست حساس ۽ سهڻا دوست آهن، خوشنصيب هونديون آهن اهي اوطاقون جنهن جي اڱڻ تي سنڌ سلامت جهڙا پيارا ۽ پرخلوص دوست اچ گڏ ٿيندا آهن ۔۔۔ مٿي ڏنل حساس جذبن جا ڪيترائي پهلو اسانجي زندگين ۾ وقت به وقت ايندا آهن ۔۔۔ پر جيڪي حساس انسان هوندا آهن، جن جي اندر انسانيت هوندي آهي اهي انهن جذبن مان مستفيض ٿي پاڻ به سکيا ٿيندا آهن ۽ ٻين کي به سکيو ڪندا آهن ۔۔۔۔ اهي ننڍڙا ننڍڙا جذبا ۽ احساس ماڻهونءَ جي اندر هڪ مضبوط ۽ سگهارو انسان پئدا ڪنديون آهن ۽ سماج اندر بهارون ڦٽي نڪرنديون آهن ۔۔۔ دعا آهي ته اسانجا سڀ سنڌي پيار جي جذبن ۽ انساني احساسن جو قدر ڪري پنهنجي سماج جي پرگهور لهن ته هوند اسين سڀ سکيا ۽ ستابا ٿي پئون ۔۔۔ لک ٿورا انهن دوستن جا جن پنهنجي اندر جي ڳالهه سامهون آندي ۔۔۔
جواب: ڪجهه لمحا ڪجهه ڏک ۽ ڪجهه مسرتون ادا دوستو اهي تمام سڀ لمحا منهنجي زندگي ۾ آيا آهن پر الله تعالي اسان سڀني کي انهن کي صبر ڪرڻ جي توفيق ڏيڻ جي طاقت ڏيندو آمين پر دوستو اهي سڀ هر انسان جي زندگي ۾ ايندا آهن انهن کي مڙس ماڻهو ٿي ڪري منهن ڏجي۔