حاڪم
سينيئر رڪن
بارسلونا (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته مان چيف جسٽس جي هر قدم کي درست سمجهان ٿو، بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي آخري تقرير ۾ ان ڳالهه جو واضح اعلان ڪيو هو ته پيپلز پارٽي عدليا لاءِ هر قرباني ڏيندي، ججز بحالي جو نوٽيفڪيشن ڪنهن به صورت ۾ واپس نٿو ٿي سگهي، هي حڪومت خلاف سازش آهي ۽ ان معاملي جي پوري جاچ ڪئي وڃي. مشرف سڄي زندگي پاڪستان واپس نٿو وڃي سگهي، مشرف کي 10 دفعا وردي ۾ صدر چونڊڻ جو اعلان ڪرڻ وارا به اڄ ان کان نظرون چورائي رهيا آهن، ڪجهه وڪيل اڄ جيڪو ڪجهه ڪري رهيا آهن مان ان جي حمايت نٿو ڪري سگهان، پاڪستان ۾ هن وقت سرمائيڪاري نه نجڪاري ٿي رهي آهي، پاڪستان ۾ صورتحال جي ڪري قوم کي مايوس نه ٿيڻ کپي جلد نئون سج اڀرندو، اعتزاز احسن بار سلونا ۾ پاڪستاني صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. اعتزازاحسن بارسلونا ۾ پاڪستان ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ تي ٿيڻ واري سيمينار ۾ شرڪت لاءِ آيل هو. هتي هن جي ڪتاب انڊس ساگا جي تقريب منعقد ٿيندي، اعتزازاحسن چيو ته مان پهرين ڏينهن کان اهو واضح طور چوندو آيو آهيان ته عدليا جي فيصلن کي مڃڻ کپي. هن چيو ته هڪ فوجي ڊڪٽيٽر خلاف جنگ وڙهڻ وارا وڪيل جيڪڏهن هڪ سيشن جج جي خلاف اٿي کڙا ٿيندا ۽ سيشن جج به اهو جيڪو ايماندار هجي ته مان وڪيلن جي انهن قدمن جي حمايت نٿو ڪري سگهان، هن چيو ته وڪيلن جي موجوده قيادت جي ڪمزورين ڪري وڪيل قابو نه پيا اچن، هن چيو ته چيف جسٽس پاڪستان انصاف جي علامت آهي ۽ انهيءَ ڪري هنن فيصلو ڪيو آهي ته هو مشرف خلاف ڪنهن به مقدمي ۾ جج نه هوندو. جڏهن ته اڳوڻي ڏوگر دور ۾ انصاف کي دڪانداري ٺاهيو ويو، هن چيو ته مان به چاهيان ها ته چيف جسٽس جي نالي تي اربين رپيا ڪمائي سگهان ها، جنهن طرح ڏوگر راڄ ۾ ڪجهه وڪيلن ٺاهيا پر مان چيف جسٽس جي واپسي سان هي اعلان ڪري چيو ته جيستائين چيف جسٽس آهي تيستائين مان ان جي عدالت ۾ وڪيل طور پيش نه ٿيندس.
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com