• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نواز شريف کي آزاد ڪرڻ ملڪ جو سڀ کان وڏو اين آر او هو:بابر اعواڻ

حاڪم

سينيئر رڪن
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون واري وفاقي وزير بابر اعواڻ چيو آهي ته پرويز مشرف کي وردي لاهڻ جي اجازت ڏيڻ عدالتي اين آر او هو، نواز شريف کي آزاد ڪرڻ ملڪ جو سڀ کان وڏو اين آر او هو، هن ملڪ ۾ ڪو هڪ اين آر او ناهي جاري ٿيو، هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پرويز مشرف جو اين آر او ملڪ جو پهريون اين آر او نه هو، مشرف کي وردي ۾ اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏيڻ پهريون عدالتي اين آر او هو، منهنجي ججن سان ملاقات ناهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته هو شريف الدين پيرزادي سان پريڪٽس دوران آخري ڀيرو مليو هو، شريف الدين پيرزادو ڪنهن ڪنهن سان ٿو ملي ان جي خبر ناهي، سيف الرحمان جيڪي ڪيسز بڻايا اهي اڄ ڏينهن تائين ثابت نه ٿي سگهيا، جمهوري حڪومت پنهنجو مدو 2013ع تائين پورو ڪندي، پاڪستان ۾ مڊٽرم ۽ شارٽ ٽرم اليڪشن نه ٿيندي پر ضمني چونڊ ٿي رهي آهي، وزيراعظم آئيني ادارن جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، اين آر او ڪيس تي دير وارا طريقا استعمال نه ڪري رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته نواز ليگ جي ٽي روڊ جي پارٽي آهي، نواز شريف 5 منٽ به پنهنجي ڳالهه تي بيهڻ وارو ناهي، هاڻي ڪهڙي ضمانت آهي ته ملڪ مان ٻيهر نه ڀڄندو، هوڏانهن راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀتون کڙيون ڪري رستا بند ڪندڙن جي پاليسي نه هلندي.

The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@yahoo.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com
 
Back
Top