• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايرر فڪس ڪيئن ٿيندو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
نيو ونڊو انسٽال ڪرڻ کان سواء هي ايرر فڪس ڪيئن ٿيندو؟؟؟
Error.PNG
 
جواب: ايرر فڪس ڪيئن ٿيندو

ڪمپيوٽر اسٽارٽ ٿيڻ کان پوءِ ڊيسڪٽاپ تائين پهچي جيڪي سروسز پاڻمرادو هلائيندو آهي ان ۾ Help and Support پڻ شامل آهي۔۔۔ اڪثر ونڊوز جون فائيلز صحيح طرح سان ڪاپي نه ٿيڻ ڪري يا وري ونڊوز ڊسڪ ۾ ڪجهه فائلز نه هجڻ ڪري اهڙيون سروسز پڻ متاثر ٿينديون آهن۔۔۔
ان کانسواءِ ڪجهه دوست جڏهن ونڊوز رجسٽري ۾ ڪا تبديلي ڪندا آهن ته بي خيالي ۾ ڪجهه انٽريز ڊليٽ ڪري وجهندا آهن جنهن ڪري پڻ اهڙا مسئلا سامهون ايندا آهن۔۔۔۔ ان بابت ٻه حل هيٺ پيش ڪجن ٿا۔۔

حل نمبر 1؛
سٽارٽ مينو تي ڪلڪ ڪري رن ڪمانڊ تي اچو ۽ Services.msc لکي انٽر پريس ڪريو۔۔
کلندڙ ونڊوز منجهان Help and Support تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔
هتي Startup type کي Automatic تي سيٽ ڪريو۔۔۔۔
جنهن کان Start the Service تي ڪلڪ ڪريو۔۔
مسئلو حل نه ٿئي ته ري سٽارٽ ڪريو۔۔

حل نمبر 2؛
هتي ڪلڪ ڪري زپ فارميٽ ۾ رجسٽري جي فائيل ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔۔
جنهن منجهان رجسٽري فائيل ايڪسٽريڪٽ ڪريو۔۔۔
هن رجسٽري فائيل تي ڊبل ڪريو ۔۔ جنهن سان توهان جي ڪمپيوٽر جي ونڊوز ۾ موجود رجسٽري ۾ پاڻمرادو ڪجهه تبديليون عمل ۾ آنديون وينديون۔۔۔
هاڻي ڪمپيوٽر کي ري سٽارٽ ڪريو۔۔۔

اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔
 
جواب: ايرر فڪس ڪيئن ٿيندو

حل نمبر 1؛
Start the Service تي ڪلڪ ڪرڻ سان
Error_2.PNG

حل نمبر 2؛
فائل ڪهڙي فولڊر ۾ رکڻو آهي؟؟
 
جواب: ايرر فڪس ڪيئن ٿيندو

زپ فولڊر ڊيسڪ ٽاپ تي ڊائونلوڊ ڪريو اتي ئي ايڪسٽريڪٽ ڪريو ۽ کلندڙ رجسٽري فائيل کي اتي ئي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ ڪمپيوٽر کي ري سٽارٽ ڪريو۔۔۔
 
جواب: ايرر فڪس ڪيئن ٿيندو

سائين ڪجه به چينجگ نه ٿي آهي...سا ڳي حالت آهي........
 
Back
Top