ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن

ڪراچي ۾ امن جا ذميوار سڀ کان وڌيڪ ووٽ وٺندڙ آهن،
ڪرفيو لڳائي فوج طلب ڪري سگهجي ٿي:ذوالفقار مرزا
ڪرفيو لڳائي فوج طلب ڪري سگهجي ٿي:ذوالفقار مرزا

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته اڄ حالتون بهتر نه ٿيون ته ڪراچي جي مخصوص علائقن ۾ ڪرفيو لڳائي سرچ آپريشن ڪيو ويندو ۽ ضرورت پوڻ تي فوج کي طلب ڪيو ويندو. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو بهتر نموني سان علاج ٿي سگهي ٿو. ڪراچي ۾ امن جا ذميوار سڀ کان وڌيڪ ووٽ وٺندڙ آهن. آئون مارشل لا جي پيداوار ناهيان، جتي امن قائم نه ٿيندو، اتي ڪرفيو لڳايو ويندو ۽ سرچ آپريشن ڪيو ويندو، سياستدان پاڻ ۾ وڙهندا ته پرتشدد واقعن کي روڪي نٿو سگهجي. ڪراچي ۾ پرتشدد واقعن ۾ ملوث ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اڄ حالتون بهتر نه ٿيون ته ڪرفيو لڳايو ويندو ۽ غير قانوني هٿيار رکندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پوليس ۽ رينجرز اهلڪار گڏيل طور سرچ آپريشن ڪندا. ناظم آباد، عزيز آباد ۽ ملير ۾ پڻ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي
روزانه عبرت اخبار
ٽارگيٽ ڪلنگ جي روپ ۾ رچايل دهشتگردي آخر مقصد ڇاهي؟
ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي سمورن واقعن جي عدالت جاچ ڪرائڻ سان گڏ سنڌ سرڪار ڪراچيءَ ۾ رينجرز کي گرفتارين ۽ تلاشيءَ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن، جنهن بابت سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ جي گهرو وزير ۽ وفاقي وزير داخلا رحمان ملڪ مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اهو چيو ته ايئن سمجهيو وڃي ته اڄ کان ٽارگيٽ ڪلنگ جو ڪو به واقعو نه ٿيندو. جيڪڏهن ڪو واقعو ٿيو ته سخت ايڪشن ورتو ويندو. هن ميڊيا بريفنگ ۾ اهو به ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته ڊي آءِ جي جي سربراهيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪرائيمز مينجمينٽ يونٽ پڻ قائم ڪيو ويو آهي. هن يونٽ ذريعي ڏوهارين ۽ دهشتگرد ڪاررواين ڪندڙن تي نظر رکي ويندي ۽ هٿيارن جي روڪٿام لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون وينديون. جڏهن ته ٽارگيٽ ڪلنگ واقعن جي تحقيقات به متحده جي قتل ٿي ويل ڪارڪن کان شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڇو ته جنهن ڏينهن مورڙي جي ماڳ ڪراچي ۾ رحمان ملڪ جي روح کي راحت سان سنڌ سرڪار جي وڏڙن سان ميڊيا سامهون ٻوليون، ٻوليون پئي ويون. ان وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بريڪنگ نيوز هلي رهي هئي ته ڪراچيءَ جي گارڊن واري علائقي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ دوران متحده جو ڪائونسلر هيلمٽ پاتل ۽ ٻٽ ٻڌل ٽن هٿياربندن سراج کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته متحده جي ٻن ٻين ڪارڪنن کي به انهيءَ ئي ڏينهن نشانو بڻايو ويو، جنهن کان پوءِ رينجرس کي اختيار ڏيڻ ۽ عدالتي جاچ جي شروعات به هنن متحده جي ٽن ڪارڪنن جي قتل واري واقعي کان ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هونئن به ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا ايترا ته وڌي چڪا آهن جو ڪو به ڏينهن يا پهر خالي ناهي جو ڪو واقعو نه ٿيندو هجي. ڏٺو وڃي ته هن مخصوص ۽ معنيٰ خيز ٽارگيٽ ڪلنگ جي انوکن واقعن ۾ هن وقت تائين هڪ سئو کان وڌيڪ سياسي ڪارڪن قتل ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ سنڌ اندر سمورين سياسي ڌرين جي ڪارڪنن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ پ پ، متحده، حقيقي، اي اين پي کان وٺي قومپرست پارٽين جي ڪارڪنن کي پڻ وڏي پلاننگ تحت نشانو بڻايو ويو. اهو ٽارگيٽ ڪلنگ وارو سلسلو اڃان جاري آهي. وڏي ڳالهه هڪ سئو کان وڌيڪ ڪارڪن قتل ٿيڻ کانپوءِ به اڃان تائين ملڪي ايجنسيون ڪنهن به واقعي جا مک سبب نه ڳولي سگهي آهي ته اهي ڪهڙيون قوتون آهن جيڪي ڄاڻي واڻي هڪ وڏي راند تحت سڀني سياسي پارٽين جي سياسي ڪارڪنن کي نشانو بڻائي رهيون آهن. لازمي آ ته ان پٺيان ڪا سوچيل ڳجهارت هوندي جنهن تحت هي ڪارروايون ڪراچيءَ ۾ ڪيتري وقت کان ٿي رهيون آهن جو سياسي ڪارڪنن کي پنهنجن گهرن، آفيسن ۽ روڊن رستن تي نشانو بڻايو پيو وڃي. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪي مخصوص قوتون ڪراچيءَ ۾ ايندڙ وقت اندر ڪا وڏي راند کيڏڻ پيون چاهين، انهيءَ پسمنظر ۾ ئي هي دهشتگردي جيڪا ٽارگيٽ ڪلنگ جي روپ ۾ ٿي رهي آهي جنهن متعلق ملڪي وزير داخلا رحمان ملڪ جي انهن لفظن مان ئي هنن واقعن جو ڀانڊو کلي پوي ٿو، جنهن چيو آهي ته ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي واقعن ۾ هڪجهڙائي آهي ۽ دهشتگردي ڏاج ۾ مليل آهي! سو هيءَ ڏاج ۾ مليل دهشتگردي جو ئي نتيجو آهي جو اڄ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن جي مٿي تي هر وقت موت راڪاس گهمي رهيو آهي.
ان جو مک سبب اهو آهي جو ڪراچيءَ ۾ ٻاهرين لوڌ کي آڻي، شهر جو امن ۽ سُڪون برباد ڪيو ويو ۽ هي سڄو عذاب ڪراچي جي ڌرتي ڌڻين کي ان وقت ڀوڳڻو پيو جڏهن جنرل ضياءَ جي دور حڪومت ۾ سوويت افغان جنگ دوران افغاني پناهگيرن جا رُخ ملڪي مفاد جي نالي ۾ ڪراچيءَ جو رُخ ڪرايو ويو. هنن ئي افغاني پناهگيرن هتي اچي جيڪو هٿيارن ۽ منشيات جو وڏي کان وڏو ڪاروبار شروع ڪيو، ان جي ڪري ڪراچيءَ جو امن داءَ تي لڳڻ شروع ٿيو. ان جو ئي نتيجو نڪتو جو هاڻي ڪراچيءَ اندر هٿيارن جا انبار ايترا ته ڪٺي ٿي چڪا آهن جو سمجهه ۾ ڪا به ڳالهه نٿي اچي ته اهي لکن جي تعداد ۾ غيرقانوني هٿيار جيڪي غيرقانوني طور وڏي منصوبابنديءَ سان آندا ويا. اهي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪا لاڀائتي جستجو ڇو نه ڪئي وئي. يارن جا ڪي ٻيا مقصد آهن! لازمي آ ته هنن هٿيارن کي آڻڻ ۾ به ڪي قوتون ملوث هونديون. انهن قوتن کي وائکو ڪرڻ سان ئي اصل حقيقتن جي ڄاڻ پوندي ته اهي ڪهڙا چهرا هيا جن پنهنجي مخصوص مفادن جي ڪري سنڌ جي روشنين واري شهر ڪراچيءَ جي دنيا جهان جي يتيمن جو گهر ڇو بڻايو ۽ دنيا جهان جي بارود کي هتي ڇو آندو ويو. اهي ئي سوال هن وقت به جواب طلبين ٿا. ڇو ته جيڪڏهن سوويت افغان جنگ وقت افغاني پناهگيرن کي لکن جي تعداد ۾ آڻي بارود جا انبار نه ڪٺي ڪيا وڃن ها ته اڄ ڪراچيءَ جي ههڙي صورتحال نه هجي ها جو هن وقت هر گهٽي کان وٺي هر خدا جي بستيءَ تائين پارا چنار جو ڏيک ڏئي رهي آهي ۽ هر دور حڪومت ۾ ڪراچيءَ ۾ امن امان جو سبب ڄاڻائي رينجرس کي مالي معاونت سان گڏ اختيار به ملندا رهيا. ان جي باوجود اڄ ڏينهن تائين ڪراچي هٿيارن ۽ ڌارين جي آبادڪاري کان پاڪ شهر نه ٿي سگهيو. جڏهن ته هر سال سنڌ سرڪار جيڪا به آئي اها امن جي نالي ۾ رينجرس کي سنڌ جي وسيلن مان پالندي ته رهي پر امن ڪڏهن به نه ٿي سگهيو. هن وقت جڏهن هنن ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي تي عدالتي تحقيقات جو فيصلو ٿيو آهي ته ان جي سمورن رُخن کي سامهون رکي جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جن جن پارٽين جا سياسي ڪارڪن نشانو بڻيا آهن انهن جي وارثن کان وٺي سياسي قيادتن جا بيان به رڪارڊ ٿيڻ گهرجن ته جيئن اهو معلوم ٿي سگهي ته اهڙي ڪهڙيون قوتون ۽ منحوس چهرا آهن جن مورڙي جي ماڳ ڪراچيءَ جو سڪون ئي ڦٽائي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري هن وقت سموريون سياسي ڌريون پڻ خوف ۾ مبتلا آهن. ڇو ته سياسي پارٽيون ئي سماج جي بهتري لاءِ سوچينديون ۽ فيصلا ڪنديون آهن. سو هن دهشتگرديءَ واري دور ۾ سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي نشانو بڻائن ڪنهن نه ڪنهن ڳجهي راند جي منصوبابندي نظر اچي ٿي. ٿي سگهي ٿو ته وري ڪراچي جو سڪون ڦٽايو وڃي. ان لاءِ ٽارگيٽ ڪلنگ جي روپ ۾ رچالي دهشتگرديءَ جو انت آڻڻ لاءِ غير جانبداراڻي عدالتي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ته اهو واضح ٿيڻ گهرجي ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي روپ ۾ دهشتگردي ڪهڙا مخصوص چهرا رچائي رهيو آهي ۽ انهن جو مقصد ڪهڙو آهي
بشڪريه سنڌ ميل!
http://www.youtube.com/watch?v=ohVmzMN2lyQ
http://www.youtube.com/watch?v=zfZPQGspd7M&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=-LsJ4mF_2mg&feature=related
http://www.youtube.com/watch?v=AYz3PVrmsrI&feature=related