پارلياماني ميمبرن ۽ سول سوسائٽي 40ع واري ٺهراءَ تحت صوبائي خودمختياري جي گهر ڪري ڇڏي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پارلياماني ميمبرن ۽ سول سوسائٽي 40ع واري ٺهراءَ تحت صوبائي خودمختياري جي گهر ڪري ڇڏي

    ڪراچي (ذوالفقار راڄپر) : اسيمبلي ميمبرن، سينيٽرن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن ملڪ جي بقا ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ صوبن کي 1940ع جي ٺهراءَ تحت صوبائي خودمختياري ڏيڻ، سنڌي ٻولي سميت ٻين صوبن جي ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ، وفاقي ادارن ۾ صوبن جي ڪوٽا تي عمل ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. اهڙي گهر مقامي هوٽل ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊولپمينٽ طرفان ”وفاق ۽ صوبائي خودمختياري“ جي عنوان سان ڪوٺايل سيمينار ۾ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ تي جشن نه ملهائڻ گهرجي ها. ڇو ته ان ايوارڊ مان سرحد، بلوچستان ۽ پنجاب کي فائدو پهتو آهي. 18 هين ترميم بعد ان جي صوبن جي حقن جي پهرين ڀڃڪڙي قومي اسيمبلي جي سنڌي اسپيڪر ڪندي قومي اسيمبلي ۾ ريسرچ جي لاءِ چئن ئي صوبن جي رکيل ڪوٽا مان ٽي سيٽون پنجاب حوالي ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته حڪمرانن کي بلوچستان جي حقن جي شروعات وانگر سنڌ جي حقن جي آغاز به ڪرڻ گهرجي ها. افسوس ته سنڌ ۾ مولوي به پنجاب کان آندو وڃي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته اين آر او ۽ نيب ۾ ڪو به مولوي داغدار نه ٿيو آهي ۽ هن کي مولوي هجڻ سان گڏ سنڌي هجڻ تي فخر آهي. سڀ کان پهرين مولوين ڪالاباغ ڊيم کي ڪفر قرار ڏنو هو ۽ هڪ مولوي جي حيثيت ۾ چوان ٿو ته سنڌ کي حق ڏيو نه ته پاڪستان نه بچندو. مولوي قومي حقن جي گهرج کي صحيح سمجهن ٿا. ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو ته ملڪ ۾ مولوين کي حڪومت نه ملي آهي ۽ حڪمرانن مذهب کي غلط استعمال ڪيو آهي. جيئن هر سوٽ پائيندڙ انگريز نه آهي تيئن هر ڏاڙهي وارو ۽ پڳڙي پائيندڙ مولوي نه آهي ۽ اهي درنده آهن. جيڪي ڪنهن به فرقي جي عبادتگاهه کي نشانو بڻائين ٿا ۽ اهڙو ماڻهو نه مسلمان ۽ نه مولوي آهي. سينيٽر چيو ته جيڪڏهن ڪو لنڊن ۾ ڇڪو هڻي ٿو ته ان کي سکر ۾زمين ڏني وڃي ٿي ۽ سنڌ ۾ صرف گڊو بئراج ۾ فوج کي 6 لک ايڪڙ زمين مليل آهي ۽ کين 10 لک ايڪڙ زمين انعام ۾ ڏني وئي آهي ۽ سنڌ جا 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائيٽس سي ۾ مبتلا آهن ۽ سنڌ جو 70 سيڪڙو پاڻي ۾ زهر مليل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي آمر زندهه آهن انهن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ۽ جيڪي مري ويا آهن انهن جي قبرن تي آمر لفظن جا خطبا لڳايا وڃن ۽ قومون مذهب سان نه پر قوم ۽ ڌرتي سان ٺهنديون آهن. ان موقعي تي پروفيسر هما بقائي، ايم پي اي صديق ميمڻ، گل فرحانه، زهرا ۽ زبير فيصل خطاب ڪندي چيو ته 73ع جي آئين ۾ صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ته آهي پر صوبا پنهنجو آءِ جي پوليس ۽ ٻيا عملدار رکي نه ٿا سگهن. ملڪ ۾ شامل قومون پاڻ کي وفاق جو غلام سمجهن ٿيون. ملڪ ۾ مذهب جو وڌيڪ استعمال ڪري قومي حقن کي پوئتي ڌڪيو ويو. فوج، سول ادارن ۽ پارليامينٽ ۾ قومي برابري نه آهي.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: پارلياماني ميمبرن ۽ سول سوسائٽي 40ع واري ٺهراءَ تحت صوبائي خودمختياري جي گهر ڪر

    بهترين ادا..........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو