سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ جو تاريخي پسمنظر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ جو تاريخي پسمنظر​

    [​IMG]
    محمد لائق ٻٽ

    1843ع ۾ سنڌ جي غلاميءَ کان پوءِ سنڌين انگريزن خلاف بهادريءَ سان مزاحمتي تحريڪ هلائي، 1857ع ۾ جڏهن سڄي هندستان ۾ بغاوت جو علم بلند ٿيو ته سنڌ به ان ۾ شريڪ رهي. بغاوت ڪندڙن کي توپ جي سامهون بيهاري گولي سان اڏايو ويو. امرڪوٽ ۾ روپلي ڪولهي جي بغاوت، شڪارپور سکر ۽ جيڪب آبا ۾ جکراڻين، بڙدين ۽ کوسن جي بغاوت ڪراچي ۾ چاڪر خان ۽ حاجي جوکئي جي بغاوت، حر تحريڪ، خلافت تحريڪ کان مسلم ليگ ۽ ڪانگريس ۾ شامل قومپرستن تائين ڪيل جدوجهد ان وقت جي قومپرستيءَ جي تحريڪ جو مکيه مثال آهي، سنڌ جا قوم پرست مسلم ليگ ۾ ويا يا ڪانگريس ۾ ويا اهي پاڻ سان قومپرستيءَ کي ساڻ کڻي ويا ۽ اتان نڪرڻ جو سبب به سندن سنڌ لاءِ ڪيل جدوجهد هئي.
    1908ع کان 1935ع تائين سنڌي قوم پرستن پاران ڪيل سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي جدوجهد سنڌ جي هڪ نظرياتي جدوجهد هئي، 1935ع کان پوءِ 31 آڪٽوبر 1936ع سر عبدالله هارون جي گهر سنڌ اتحاد پارٽيءَ جو بنياد وڌو ويو ۽ 1936ع جي اليڪشن ۾ اتحاد پارٽي 22 سيٽون حاصل ڪري سنڌ جي وڏي ۽ مکيه جماعت طور اڀري آئي. ليڪن سنڌ جي گورنر لانسلاٽ گراهم اتحاد پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مسلم پوليٽيڪل پارٽي جي اڳواڻ سر غلام حسين کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني جنهن وٽ صرف 3 سيٽون هيون، انگريز سرڪار جي ايجنٽن لالچون ڏئي پهريون ڀيرو سنڌ اندر اتحاد پارٽي کي ٽوڙڻ لاءِ ميمبرن جي خريداري شروع ڪئي، اهڙي ريت اسيمبليءَ ۾ وفادارين، بدلائڻ جو رواج پيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي پيو، باوجود ان جي سنڌ، سنڌ جي قوم پرستن سنڌ جي هارين ۽ عام غريب ماڻهن جي بهتريءَ لاءِ ڪيئي رٿون رٿيون، جيڪي انگريز سامراج جي مداخلت جي ڪري عمل ۾ اچي نه سگهيون. صورتحال اهڙي ٿي جو سنڌ جي اڀرندڙ ترقي پسند سوچ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو جيڪا سوچ سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگي واري تحريڪ دوران پيدا ٿي اها گروهي سياست جي ور چڙهي وئي ۽ مذهبي فرقي واريت کي اڀار مليو، سر غلام حسين کان پوءِ 23 مارچ 1937ع تي شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو وزيراعظم ٿيو، 1939ع ۾ اوم منڊلي، حيدرآباد هند مان مندر ڪراچي ۽ ساڌ ٻيلو سکر جي مسئلن تي فساد ٿيا، شهيد الله بخش هڪ سيڪيولر ۽ قومي سوچ رکندڙ اڳواڻ هو، جنهن هنن مسئلن تي بنا فرقي واريت وارو رويو رکيو، جنهن ڪري ڪنهن وقت مسلمان مسلم ليگي اسيمبلي ميمبر ته ڪنهن وقت هندو ڪانگريس ميمبر سندس مخالف ٿي ٿيا، ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ سنڌ اندر اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو سنڌ جا ميمبر سنڌ خاطر سوچڻ بجاءِ هڪ ٻئي جي مخالفت ۾ وقت ضايع ڪرڻ لڳا، ڪانگريس هندو ميمبرن پاران الله بخش جي مخالفت جي ڪري شهيد الله بخش سومري استعيفيٰ ڏني، 18 مارچ 1940ع تي سندس وزارت ختم ٿي، ان کان پوءِ سيد بنده علي وزيراعظم ٿيو ۽ 1941ع ۾ شهيد الله بخش ٻيهر وزيراعظم سنڌ ٿيو، 1940ع ۾ جڏهن لاهور ۾ مسلم ليگ پاران قرارداد پاس ڪئي وئي ته الله بخش دهليءَ ۾ سڄي هندستان جي ترقي پسندن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ هنن، 1940 جي قرارداد جي مخالفت ڪئي ڇو ته سندس خيال ۾ ورهاڱو، مذهب جي بنياد تي ٿي رهيو هيو. سندس دور اقتدار ۾ مولانا عبيد الله سنڌي جلاوطني ختم ڪري واپس آيو ته الله بخش سندس استقبال ڪيو، 1942ع تي هن ڪانگريس جي اپيل تي انگريزن پاران مليل لقب واپس ڪيا، جنهن ڪري انگريز گورنر کيس 12-10-1942 تي معطل ڪيو، الله بخش سومرو کي 14-5- 1943ع تي شڪارپور ۾ شهيد ڪيو ويو. سندس قتل جو مقدمو محمد ايوب کهڙو تي داخل ڪيو ويو، جڏهن ته پير علي محمد راشدي موجب ته الله بخش کي حرن شهيد ڪيو هو، هن واقعي جي ڪا به تحقيقات نه ڪئي وئي.
    جڏهن اسان 1938ع کان 1947ع تائين سنڌ جي سياسي صورتحال جو جائزو وٺنداسون ته معلوم ٿيندو ته جناح صاحب انگريزن جي آشيرواد سان ڪم ڪري رهيو هو، جڏهن ته سنڌ جا قومپرست سنڌ سان محبت جي جذبي تحت ڪم ڪري رهيا هئا انهن وٽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻه وڏا پليٽ فارم هيا جن تان هنن سنڌ جي حقن جو آواز بلند ٿي ڪيو، اهو ئي سبب هيو ته هنن ڪانگريس ۾ رهندي اتحاد پارٽي ٺاهيو ۽ مسلم ليگ ۾ رهندي الڳ ترقي پسند گروهه تشڪيل ٿي ڏنو ۽ ڪانگريس ميمبرن سان گڏجي سنڌ جي ڀلي لاءِ ڪوششون ٿي ورتيون. شهيد الله بخش کان پوءِ سنڌ جي گورنر اسيمبلي مان سياسي پارٽي بنيادن تي ايوان جو اڳواڻ چونڊڻ لاءِ چوڻ بجاءِ سر غلام حسين کي وزارت اعظميٰ لاءِ نامزد ڪري کيس وزارت ٺاهڻ لاءِ چيو ۽ اسيمبلي پارٽي جي اڳواڻ محمد ايوب کهڙو کي کنگهيو ئي نه، 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ 1940ع جي قرارداد جي روشنيءَ ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي ۽ 13 جون 1943ع تي قائد اعظم محمد علي جناح جي موجودگيءَ ۾ جي ايم سيد صاحب کي مسلم ليگ سنڌ جو صدر چونڊيو ويو، 1943ع ۾ جاگيرداري ايڪٽ جي مسئلي مسلم ليگ اندر ڇڪتاڻ ٿي جيتوڻيڪ هن ايڪٽ خلاف سنڌ مسلم ليگ قرارداد پاس ڪئي پر اهو ايڪٽ ختم نه ڪيو ويو. 1944ع ۾ مسلم ليگ سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلي واسطي پاس ڪيل ٺهرائن کان جناح کي آگاهه ڪيو. 1944ع ۾ هندستان ۾ مذهبي فساد ٿيا.
    قائد اعظم جون قلابازيون ۽ جي ايم سيد جي سنڌ جي مسئلي تي اختلافن جي شروعات:
    قائد اعظم محمد علي جناح سائين جي ايم سيد کي سندس موڪليل تار جي جواب ۾ تار موڪلي ته اوهان اهي مسئلا پهرين آگسٽ تي لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ آڏو اچي مسئلا پيش ڪريو. جڏهن لاهور ۾ سائين جي ايم سيد ٻڌايو ته سنڌ جو وزير اعظم سنڌ جي مفادن وارن معاملن تي توجهه نه ٿو ڏئي جن ۾ پرائمري ماسترن جون پگهارون وڌائڻ، رينٽ ڪنٽرول جو قائدو پاس ڪرڻ، آبادگارن جي حقن جي ضمانت، رشوت بند ڪري ايماندار عملي جي مقرري، سنڌ اندر بدامني کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ، زمينن جي سروي، جاگيردارن کي گهٽائڻ ۽ ٻيا مسئلا هيا جيڪي سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي پاس ڪيا هيا. جناح صاحب سر غلام حسين جي خلاف ڪجهه به ٻڌڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽ سيد مٿان سخت ناراض ٿيو ۽ ورڪنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ جي ايم سيد صاحب سان تکو ڳالهايائين. انهيءَ ئي اجلاس جي ٻئي ڏينهن جناح صاحب کان هندستان اندر مذهبي فسادن متعلق سوال ڪيو ويو پر جناح صاحب ان متعلق ڪجهه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو.
    ٻيو واقعو 23 فيبروري 1945ع تي مسلم ليگ جي اڪثر ميمبرن سر غلام حسين خلاف جي ايم سيد کي درخواست ڪئي. اسيمبلي اجلاس ۾ اها رٿ آندي وئي. 25 ميمبرن جي ووٽ سان رٿ پاس ٿي، سر غلام حسين کي 19 ووٽ مليا پر گورنر سر غلام حسين کي مهلت ڏني جنهن اسيمبلي ميمبرن کي لالچاڻي اڪثريت پنهنجي طرف ڪئي، گورنر ۽ سر غلام حسين جي روش ۽ صورتحال کان جي ايم سيد جناح صاحب کي واقف ڪرڻ لاءِ تار موڪلي اطلاع ڪيو جنهن جي جواب ۾ جناح صاحب جي ايم سيد صاحب کي هڪ قسم جي چارج شيٽ موڪلي، جنهن ۾ سيد کي اڻ لائق، شرارتن جو شڪار ٿيندڙ، ليڊر جو انڪار ڪندڙ“ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ۽ مسلمانن ۽ ليگ جي مفادن جي برخلاف سڏيو.
    ٽيون سبب 3-4 جون 1945ع تي سنڌ مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا اهي مسلم ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري شيخ عبدالمجيد سنڌي خط ذريعي اخبار ۾ شايع ڪرايا جنهن ۾ واضح ڪيو ويو ته سنڌ مسلم ليگ آل انڊيا مسلم ليگ جي اختيار ڪيل دستور سان اتفاق نه ٿي ڪري جنهن ۾ گهر ڪئي وئي ته صوبن جون چونڊون صوبائي مسلم ليگ ذريعي ڪرايون وڃن، مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي جي روش صوبائي ليگ جي برخلاف آهي، مرڪزي پارليامينٽري بورڊ کي جملي اختيار سونپڻ جمهوريت جي خلاف آهي ۽ صوبائي خودمختياري لاءِ آزادي جي خلاف آهي، سنڌ اندر رشوت جو مرض وڌي ويو آهي وزارت ان کي ختم ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، انهيءَ ۾ لکيو ويو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا انهن معاملن جي جاچ ڪندي. هي ٺهراءُ به پاس ڪيو ويو ته بادشاهه سلامت جي حڪومت کي عرض ٿو ڪجي ته سنڌ اندر سنڌي گورنر مقرر ڪيو وڃي. ظاهر آهي ته اهي ٺهراءُ انگريز سرڪار توڙي جناح صاحب وٽ قابل قبول نه هئا ۽ اهڙي ريت جي ايم سيد جا سنڌ جي مسئلي تي جناح سان اختلاف وڌي وڃي وڻ ٿيا. چوٿون سبب سائين جي ايم سيد ۽ سنڌ جي قوم پرستن جا جناح ۽ مرڪزي مسلم ليگ سان شملي ۾ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ کان پوءِ وڌي ويا جنهن ۾ مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جا اختيار وڌائي کين صوبائي اسيمبلي پارٽين ۽ وزارتن تي مڪمل ضابطي جا اختيار ڏنا ويا جنهن جي جي ايم سيد صاحب مخالفت ڪئي. ان جا مکيه ڪارڻ هن ريت هئا، (1) مرڪزي پارلياماني بورڊ تي هندستان جي انهن صوبن جي ليڊرن جو قبضو هيو جنهن ۾مسلمان اقليت ۾ هئا ان ڪري مسلم اڪثريت ۽ اقليت وارن جا مسئلا الڳ هيا. (2) اڪثريتي صوبن اندر وزارت جي ڪمن بنسبت صوبائي مسلم ليگ جي ذميواري هئي نه ڪي مرڪزي پارليامينٽري بورڊ جي، ٻيو اهو ته مرڪزي پارلياماني بورڊ وارا اڪثريتي مسلم صوبن جي مسئلن کان گهٽ واقف هئا. (3) مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ اڳ ۾ ئي صوبن اندر مسلم ليگ جي رجعت پرست ۽ سرڪار سان وفادار اڳواڻن جي حمايت ڪندي رهي هئي. (4) ڪانسٽيٽيوٽ اسيمبلي جلد ٺهڻ واري هئي، ان جي ميمبرن کي چونڊڻ جو اختيار صوبن کي ملڻ وارو هيو.
    پنجون سبب: 1 آڪٽوبر 1945ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ پنهنجي صوبي لاءِ پارليامينٽري بورڊ جوڙي ڇڏيو هو، جڏهن جناح صاحب سنڌ ۾ آيو ته هن انهيءَ ۾ تبديليءَ ڪري رجعت پرست گروهه کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ چيو، سائين جي ايم سيد گهٽتائي دليل ڏنا پر جناح صاحب هڪ به نه ٻڌي ۽ جناح صاحب پنهنجي مرضيءَ جو پارليامينٽري بورڊ جوڙيو، سون تي سهاڳو اهو ٿيو ته ان بورڊ جي ميٽنگ ڪرڻ بجاءِ وزارتي ڌر هڪ طرف اميدوار نامزد ڪيا، جڏهن جناح صاحب کي ٻڌايو ويو ته هن انهيءَ طرف توجهه نه ڏنو، ٻي طرف صوبائي مسلم ليگ درخواستون گهرائي فيصلو ڪري اميدوار نامزد ڪيا. 24 آڪٽوبر 1945ع تي جناح صاحب سائين جي ايم سيد ۽ سسپينڊ ڪيل بورڊ جي ميمبرن کي طلب ڪيو ۽ چيو ته پارلياماني بورڊ جي ڪيل فيصلي کي قبول ڪري سيد سنڌ جي مفادن کي مد نظر رکندي انڪار ڪيو. نتيجي طور سائين جي ايم سيد ۽ سمورن ترقي پسند سوچ رکندڙن کي خارج ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ جيڪا اليڪشن ٿي ان ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ وزارتي گروهه وڏي پئماني تي ڌانڌليون ڪرايون ته جيئن مسلم ليگ جو ترقي پسند گروپ شڪست کائي ختم ٿي وڃي. چونڊون 16 جنوري 1946 تي ٿيون جنهن ۾ مسلم ليگ 27، ڪانگريس 21، ترقي پسند گروپ 4، قومپرست مسلمان 4، يورپين مزدور 1 ڪل 61 ميمبر هيا، اگرچ ترقي پسند گروه ڪانگريس سان ڪوليشن ڪري 29 ميمبر ڪيائين گورنر سر غلام حسين کان وزارت ٺهرائي. انهيءِ کان پوءِ جڏهن به سر غلام حسين جي وزارت ڪيرائڻ جي ڪوشش ٿي ته گورنر ان کي سرڪاري مشنري ذريعي بچايو ٿي. جڏهن وزارت جي مخالفت ۾ 31 ميمبر ٿيا ۽ وزارت قائم رکڻ مشڪل ٿيو ته ڪوليشن کي وزارت ٺاهڻ بجاءِ اسيمبلي ئي ٽوڙي ڇڏي ۽ جيڪا نگران حڪومت ٺاهي وئي اها هڪ طرفي هئي ۽ وڏي پئماني تي سرڪاري مشنري استعمال ڪئي وئي ۽ سرڪاري گروهه کي چونڊن ۾ کٽرايو ويو. انهيءَ کان پوءِ سائين جي ايم سيد ۽ سندن ساٿين جنوري 1947ع ۾ دهليءَ ۾ هندستان جي مکيه جماعتن جو اجلاس ڪرايو، جنهن ۾ جمعيت علماءِ هند، آزاد ڪانفرنس، نيشنلسٽ مسلمان، خاڪسار، مومن ڪانفرنس، شيعا جماعت ۽ سنڌ مسلم جماعت جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. انهيءَ ۾ هي فيصلا ڪيا ويا، (الف) ملڪ جو نصب العين مڪمل آزاد ۽ خودمختيار هئڻ گهرجي (ب) هندستان جي آزاديءَ سان مسلمانن ۽ اقليت وارين قومن جي مذهب، تهذيب ۽ تمدن جي حفاظت ۽ آزادي شامل سمجهڻ گهرجي ۽ جيڪو آئين اها ضمانت نه ڏئي هو قابل قبول نه ٿيڻ گهرجي، (ث) ملڪ جي مسئلن جو حل خودمختيار علائقن جي فيڊريشن جي تجويز ۾ آهي
    مطلب اهو ٿيو ته هندستان اندر ڪنفيڊريشن ٽائيپ جو آئين جوڙڻ جي گهر ڪئي وئي، اهو جي ايم سيد صاحب هاڻ سنڌ جي مڪمل خودمختياري جي گهر ڪري رهيو هو ڇو ته مسلم ليگ 1940ع واري فيصلي تان ڦري وئي هئي. جنهن ۾ قوم کي خودمختياريءَ ڏيڻ جي گهر ڪيل هئي، جنهن جو اظهار 8 اپريل 1946ع ۾ دهليءَ ۾ مسلم ليگ جي قانون سان ادارن جي ميمبرن جي ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ 1940ع وري قرارداد جي به خلاف هيٺين قرارداد پاس ڪئي وئي.
    ”اتر اولهه جا علائقا بنگال ۽ آسام، اتر اولهه جا علائقا جن ۾ پنجاب، صوبه سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان جتي مسلمان اڪثريت ۾ آهن انهن علائقن تي هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ قائم ڪيو وڃي ۽ فوري طور پاڪستان قائم ڪرڻ جي ضمانت ڏني وڃي“ (قرارداد پاڪستان صفحو 178)
    هي ڳالهه جيڪا سمجهڻ جي آهي ته هن ڪنوينشن کي اهڙو ڪو به اختيار نه هو جو اهي 1940ع واري قرارداد ۾ ترميم ڪري سگهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين پاڪستان جا حڪمران به 1940ع واري قرارداد جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن پر ان تي عمل نه ڪندا آهن.
    هندستان اندر انگريز خلاف هلندڙ آزادي جي تحريڪ ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ سان ٻي عالمي جنگ ۾ مدد ڪرڻ جي واعدي موجب ڪئبنيٽ مشن هندستان جي ورهاڱي جو فارمولو تيار ڪيو جيڪو ڪانگريس ۽ مسلم ليگ قبول ڪيو ۽ برطانيا سرڪار 3 جون 1947ع تي هندستان کي ورهائي هندستان ۽ پاڪستان قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن موجب 11 آگسٽ تائين انگريز سرڪار سموريون واڳون مٿين ٻن حڪومت جي حوالي ڪندي اهڙي صورتحال کي مد نظر رکندي سائين جي ايم سيد مسلم ليگ جماعت جي مکيه ڪارڪنن جي ميٽنگ 24-23 جون 1947ع تي سن ۾ گهرائي جنهن جي صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪئي. هن اجلاس ۾ سڄي سنڌ جا مکيه قومپرست اڳواڻ شريڪ ٿيا جنهن ۾ غور ويچار ڪري هيٺين قرارداد پاس ڪئي وئي.
    قرارداد جو انتصار:
    برطانيا سرڪار جي 3 جون 1947ع جي اعلان جي مد نظر هي ظاهر ٿيا آهن وري به پنهنجي تجويز جيڪا اڳ پاس ڪئي وئي.
    1: هندستان ۾ هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل حڪومت ٺاهي وڃي جنهن ۾ صوبا خود مختيار ۽ آزاد هجن.
    2: ڏهه ڪروڙ مسلمانن کي عزت واري زندگي گذارڻ ۽ ترقيءَ لاءِ ملڪ جي معاملن ۾ مناسب موقعا ۽ حق ڏنا وڃن. کي درست سمجهندي به 2 جون واري ڪيل فيصلي جي مدنظر هيٺيان ٺهراءُ نئين حڪومت کي ڪاميابي سان ملائڻ لاءِ آئين سان اسيمبلي ۽ مسلم ليگ جي غور لاءِ پيش ڪري ٿي.
    1: پاڪستان جو نئون آئين جمهوريت، سوشلزم ۽ قرآن جي بنيادي اصول پٽاندڙ ٺاهڻ گهرجي.
    2: هن نئين ملڪ جي مختلف زبانن رکندڙ صوبن جي وچ ۾ توازن قائم ڪيو وڃي. ايئن نه ڪيو ويندو ته ممڪن آهي ته طاقت ور شخصيتون، طبقا ۽ وڏا صوبا عوام ۽ ننڍن صوبن کي پنهنجي مفاد لاءِ ناجائز ڪتب آڻين جنهن ڪري طبقاتي ۽ صوبائي تعصبات پئدا ٿي نئين بيٺڪ جي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏين، ان ڏس ۾ سنڌ، فرنٽيئر ۽ بلوچستان جي اقتصادي ۽ سياسي حقن ۽ فائدن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي.
    3: هندستان سان ٻنهي ملڪن جي اقليت جي حقن تواريخي، تهذيبي يادگارن مذهبي مرڪزن، درسگاهن جي حفاظت بنا روڪ جي ڪتب آڻڻ جي اجازت بابت سمجهوتو ڪرڻ گهرجي.
    ٺهراءُ نمبر 2 :
    هر ڪو صوبو جدا ملڪ جي حيثيت رکي ٿو، انهيءَ اصول کي نظر ۾ رکندي سنڌ ڪو به اهڙو آئين قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي، جنهن جي ڪري اڃا ان جا رهاڪو ڪن وڏن صوبن جي سياسي، اقتصادي ذهني، غلاميءَ هيٺ اچي وڃن، هي ميٽنگ سڀني سنڌ سان محبت رکندڙ سنڌين کي اپيل ٿي ڪري ته ايندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿين، جيڪڏهن هنن خاموشيءَ سان سنڌ جي موجوده خود مطلب ليڊرن کي پنهنجي مرضي مطابق، هلڻ تي ڇڏي ڏنو ته سندن قومي ۽ ملڪي هستيءَ کي وڏي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. سنڌ جي آزادي ۽ ٻين صوبن سان برابر ۽ سندن ٻين صوبن سان برابري ۽ سندن مالي وسائلن کي مڪاني باشندن جي مفاد ۾ ڪتب آڻڻ واسطي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي.
    1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان پوءِ سنڌ اندر حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ايجنٽ سنڌي هندن کي ڊيڄاري، ڌمڪائي، ڪراچيءَ ۾ فساد ڪرائي سنڌ مان لڏڻ تي مجبور ڪيو، سنڌ اندر آباد چوڏهن لک هندن مان تقريب ساڍا ٻارنهن لک هندو مجبور ٿي سنڌ ڇڏي هندستان ڏانهن لڏي ويا، انهن جون جايون، گهر، ڳئون شالا، مندرن جا ڪوارٽر، زمينون، دڪان، هوٽل سڀ نوان لڏي آيل مهاجرن کي ڏنا ويا، ڪيترائي پنجابي پڻ ڪوڙا ڪليم ٺهرائي مهاجرن جو روپ اوڍي اچي سنڌ جي زمينن جا مالڪ بڻيا، اهي زمينون جيڪي پاڪستان کان اڳ هندن وٽ گروي هيون ۽ لڏپلاڻ وقت ڏيتي ليتي ذريعي يا ڪنهن به طرح اهي اصل ڌڻين جي حوالي ڪري ويا پر پاڪستان جي حڪمرانن انهي کي قبول نه ڪيو، نتيجي طور نون آباد ٿيندڙڻ ۽ اصل رهاڪو سنڌي مسلمانن جي وچ ۾ نسلي تضاد اڀريو، انهيءَ صورتحال ۾ هندستان کان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيندڙن ۾ مسلمان بجاءِ هڪ ڌار نسل جي بنياد تي متحد ٿيڻ جو رحجان پئدا ڪيو. سنڌ جي نئين صورتحال ۾ هڪ طرف سنڌ اندر هندستان ۽ پنجاب جا ماڻهو اچي آباد ٿيا ته ٻئي پاسي سنڌ جو واپاري ڪلاس ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو سنڌ ڇڏي ويا. جنهن سان هڪ قسم جو خال پيدا ٿي پيو، سنڌي مڊل ڪلاس جيڪو اڀري رهيو هيو اهو هڪدم ختم ٿي ويو.
    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 1940ع جي قرارداد تي عمل نه ٿيو ۽ سنڌ جي خودمختيار حيثيت بحال نه ٿي، الٽو اهو فيصلو ڪيو ويو ڪراچي کي پاڪستان جو گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو ويو. ان ڪري انهيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي ويون، انهيءَ ۾ اها ڳالهه به شامل هئي ته سنڌ حڪومت جو عمل دخل نه هلڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان ڌارين کي آباد ڪيو ويو. ۽ صنعت ۽ ٻئي ونهوار سان سنڌ جو تعلق ختم ڪرڻ جي سازش سٽي وئي، اهڙي صورتحال ۾ سائين جي ايم سيد ۽ سندس ساٿين انهيءَ جي مخالفت ڪئي، سندن آواز تي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن جي گهڻائي لبيڪ ڪيو، ان حد تائين جو سنڌ جي صوبائي مسلم ليگ به انهيءَ جي مخالفت ڪندي 2 فيبروري 1948ع تي پارٽي قيادت جي مذمت ڪندي انهي خلاف قرارداد پاس ڪئي 23 جولاءِ 1943ع تي گورنر جنرل محمد علي جناح پاڪستان جي گورنر جنرل پاران سنڌ جي وزير اعليٰ محمد ايوب کهڙو جي حڪومت کي 27-4-1948 تي ڊسمس ڪيو ويو ان حڪم تحت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو. جنهن ڪري سنڌ کي گهڻو نقصان ڀوڳڻو پيو ڇو ته مالي وسيلن جو مرڪز ڪراچي هئي. انهيءَ کان علاوه مسلم ليگ جي هٿ هيٺ سنڌ جي جهڙي به حڪومت هئي انهيءَ کي هلڻ نٿي ڏنو ويو، کهڙي کان پوءِ پير الاهي بخش ان کان پوءِ يوسف هارون، انهي کان پوءِ قاضي فضل الله انهي کي هٽائي وري محمد ايوب کهڙي کي وزيراعليٰ بڻايو ويو انهيءَ کان ناراض ٿي ڪٽر پنجابي دين محمد کي گورنر مقرر ڪري گورنري راڄ مڙهيو ويو، انهيءَ کان پوءِ مير غلام علي کان پوءِ عبدالستار پيرزادي کي مقرر ڪيو ويو، عبدالستار پيرزادي کي به اڳين وزيراعليٰ جيان گڏو بڻائي هلائڻ ٿي چاهيائون ليڪن هن همت ڪري سنڌ جي مفادن وارا ڪم ڪيا. جن مان مکيه هن ريت هئا.
    1: ڪراچيءَ کي واپس سنڌ سان شامل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪيو.
    2: نوڪرين، واپار، ڪارخانن، وغيره ۾ سنڌين سان ماٽيلي ماءُ واري ورتاءَ تي سنڌ اسيمبلي احتجاج ڪيو.
    3: سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ پاس ڪيو ته سنڌي جدا قوم آهي
    4: ادبي بورڊ کي سنڌ گورنمينٽ جو ادارو بڻائڻ جو بل پاس ڪيو ويو.
    5: ڀٽ شاه ۾ سنڌ ڪلچرل مرڪز قائم ڪري ان لاءِ رقم رکي وئي.
    6: سنڌو مٿان گڊو ۽ ڪوٽڙي بئراجن جو ڪم تيز ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ورتي وئي.
    7: مرڪزي حڪومت پاران ملٽري ۽ ٻين سول سرونٽس کي سنڌ ۾ زمين ڏيڻ لاءِ مخالفت ڪيائين.
    8: ون يونٽ ٺاهڻ جي مخالفت ڪيائين.
    اهڙي صورتحال جي مدنظر عبدالستار پيرزادي کي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو ۽ محمد ايوب کهڙو جنهن جو ڪافي قوم پرستاڻو رول رهيو هو ۽ ڪراچي جي مسئلي تي وفاق سان اٽڪي پيو هو، مٿس پروڊا جو قانو لڳل هو جو هو اسيمبلي جو ميمبر به نٿي ٿي سگهيو، انهيءَ کي سرڪار خريد ڪري سنڌ جو وزيراعليٰ مقرر ڪري اسيمبلي ميمبرن کان ون يونٽ قائم ڪرڻ وارو ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو، اهو ٺهراءُ سنڌ جي تاريخ تي ڪارو داغ آهي
    سائين جي ايم سيد 1952ع ۾ ويانا ۾ پاڪستاني وفد جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ جيڪا تقرير ڪئي اها اڄ به واضح آهي جنهن ۾ هن دنيا کي مذهبي جنونيت جي خطرن کان آگاهه ڪيو هو.
    سائين جي ايم سيد 16 مارچ 1953ع تي سنڌ اسيمبلي ڏانهن خط لکيو جنهن ۾ سنڌ جي مکيه مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو، خاص طور سنڌيءَ ٻولي سان ٿيندڙ ناانصافي تي سخت احتجاج ڪيو ۽ واضح گهر ڪئي ته هي ايوان (سنڌ اسيمبلي) سنڌي زبان کي هن اسيمبليءَ جي واحد سرڪاري زبان بڻايو وڃي. پاڻ اهو به واضح ڪيائون سنڌي شارٽ مئنڊيٽ لکڻ جو معياري نظام نه آهي، سنڌي ٽائپ رائٽر جي سهوليت ميسر نه آهي، سنڌي زبان ۾ڪتابن جي نهايت وڏي کوٽ آهي. پاڻ گذارش ڪيائون ته سنڌي زبان کي سنڌي جي سرڪاري زبان طور اختيار ڪيو وڃي.
    سائين جي ايم سيد 16-9-1953ع تي سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پيپلز فرنٽ جي اسيمبلي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر کي خط موڪليو ته اهو سنڌ جي گورنر کي موڪليو وڃي. هن خط ۾ سنڌ جي تاريخي جدوجهد جو ذڪر ڪندي هيٺيون گهرون ڪيون ويون ۽ چيو ويو ته سنڌ جيڪا تاريخي، جاگرافيائي، اقتصادي، لساني ۽ ثقافتي نقطه نظر کان هڪ الڳ قوميت جي حيثيت رکي ٿو، تنهن ڪري کيس هيٺيان حق حاصل هئڻ گهرجن.
    1: مملڪت جي قانوني ساز ادارن ۾ پاڪستان جي ٻين قوميتن سان گڏ نمائندگي جو هڪجهڙو حق.
    2: پنهنجي حدن اندر سڀني ملازمتن ۾ اڪيلو حق.
    3: دفاعي، ملازمتن سميت وفاقي ملازمتن ۾ سندن واجبي حق.
    4: پنهنجي قدرتي وسيلن ۽ سندس سڀني صنعتن ۽ تجارتي امڪانن جو حق.
    5: پنهنجي ٻوليءَ ۾ اعليٰ درجي تائين تعليم حاصل ڪرڻ جو حق.
    6: ڪراچي فيڊرل ايراضي، خيرپور رياست، بهاولپور جي ڪجهه حصن، لسٻيلي رياست وغيره ايراضين ۾ جيڪي جاگرافيائين طرح هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن تن ۾ رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي واسطي جيڪي سياسي زندگيءَ جو حق.
    7: سمورا سياسي ۽ اقتصادي حق جيڪي سڄي دنيا ۾ قومن جي خوداراديت جي اصول موجب تسليم ٿيل قومن کي مليل آهن اهي ملڻ گهرجن.
    1954ع ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي آئين تيار ڪري ڇڏيو، ليڪن اوچتو گورنر جنرل غلام محمد آئين ساز اسيمبلي کي ختم ڪيو، انهيءَ اسيمبلي جي اسپيڪر مولوي تميز الدين سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي، سنڌ اسيمبلي گورنر جنرل جي انهيءَ قدم کي ناجائز قرار ڏنو پر سپريم ڪورٽ انهيءَ فيصلي کي رد ڪيو، انهي کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ جي سازشي ٽولن نئين آئين سان اسيمبلي چونڊرائي 1956ع وارو آئين ڏنو جنهن ۾ قومن کان سندن حق کسيا ويا. سائين جي ايم سيد ۽ سندس ساٿي مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ سنڌ متحده محاذ جي پليٽ فارم تان ميمبر چونڊيا ته هنن ون يونٽ کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون. آخرڪار 17 سيپٽمبر 1957ع تي رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي اولهه پاڪستان اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٽوڙڻ جو ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو اڪثريت سان بحال ٿيو جنهن تي عمل نه ڪيو ويو ۽ پوءِ مارچ 1958ع ۾ ٽنڊو باگو ۾ اينٽي ون يونٽ فرنٽ ۽ هاري ڪميٽي ون يونٽ جي خاتمي ۽ جاگيردارانه نظام جي خاتمي جي گهر ڪئي.
    1958ع ۾ پاڪستان سان مارشل لا لاڳو ڪري جيڪي سنڌ سان ناحق ڪيا ويا انهن جا تفصيل ڪيئي ڪتاب گهرن ٿا.
    1: سنڌ جي 80 ڪروڙ رپين جي خرچ تي ٺهرايل ڪوٽڙي بئراج تي ٽنڊي محمد خان جون زمينون غير سنڌين کي ڏنيون ويون.
    2: سنڌ جي سينيئر آفيسرن عثمان علي انصاري، آغا جعفر علي ڊکڻ صاحب ۽ ٻين جا حق کسي انهن مٿان پنجاب جي جونيئر آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو.
    3: سنڌ سرڪار پاران جابلو علائقن ۽ ٿر جي زمينن کي سڌارڻ جون اسڪيمون رد ڪيون ويون.
    4: سنڌ سرڪار پاران هر تعلقي ۾ هاءِ اسڪول ۽ ضلعي ۾ ڪاليج ٺاهڻ ۽ زوري تليم جي قانون کي رد ڪيو ويو.
    5: واپار ۽ انڊسٽري جون پرمٽون لاهور مان نڪرنديون هيون جيڪي غير سنڌين کي ڏنيون ٿي ويون.
    6: سنڌ جي مکيه تعليمي ادارن ۾ غير سنڌي استادن جي مقرريءَ سان سنڌ جي ٻوليءَ ڪلچر کي ڌڪ لڳو.
    7: ڪراچي جي يونيورسٽي مان سنڌي زبان کي خارج ڪيو ويو.
    8: سنڌ اندر قائم ادارن ۾ ننڍي کان ننڍي نوڪري تي به غير سنڌي مقرر ڪيا ويا.
    9: وڏي ڳالهه اها هئي ته ون يونٽ جي قيام سان سنڌ جي وجود مٿان وڏو وار ٿيو هو ۽ سنڌ جي حيثيت ختم ڪئي ويئي هئي.
    1958ع ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سوا سال کان پوءِ کيس جيل مان آڻي سندس ڳوٺ سن ۾ نظر بندي ڪيو ويو جتان 23 مارچ 1966ع ۾ مٿس نظر بند لاٿي ويئي. هي سڄو عرصو پورا اٺ سال سيد سان عام ماڻهوءَ جي ملڻ تي به بندش هئي وڏي ڳالهه ته عوام سان سندس رابطو ڪٽيو ويو، انهيءَ سڄي عرصي ۾ سنڌ سان ڪيئي ناانصافيون ڪيون ويون. پاڪستان جي صدر محمد ايوب پاڪستان جا ٽي درياهه 1960ع ۾ هندستان کي وڪڻي ڏنا، مليل پئسن مان پنجاب جو نهري نظام ۽ ٻن ڊيمن منگلا ۽ تربيلا ٺاهڻ جو بنياد وڌو ويو. بنيادي جمهوريت جي نالي ۾ لوڪل ادارا قائم ڪري وڏين جي خريداري ڪئي ويئي. ذوالفقار علي ڀٽي سميت ڪيترائي ناميارا ماڻهو ايوب خان جي ڪئبنيٽ ۾ هئا ۽ سنڌ سان ناانصافيون چوٽ چڙهيل هيون. ايوب خان جي دور ۾ حيدر بخش جتوئي ۽ سوين سنڌي قومپرستن کي قيد ڪيو ويو هو.
    5 مارچ 1962ع ۾ سائين جي ايم سيد نظربندي دوران هڪ مضمون لکيو جنهن جو عنوان هيو پاڪستان جون مشڪلاتون ۽ انهن جو حل جنهن ۾ سموري صورتحال جو جائزو وٺندي آخر ۾ هيٺيون ڳالهيون واضح ڪيون.
    1: قومي نظريئي جو بنياد مذهب بجاءِ جاگرافيائي حدن، وطن، زبان ڪلچر ۽ قومي ڪردار ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفاد تي هلڻ گهرجي.
    2: پاڪستان مٿين نقطه نگاهه کان پنجن قومن جي مجموعي جو ملڪ آهي.
    3: انهن قومن جو اتحاد باهمي سمجهوتي ۽ رضامندي سان ننڍين قومن کي حقن ڏيڻ سان ٿي سگهي ٿو.
    4: پنجن صوبن جي تعليم لاءِ سندن مڪاني زبان کي استعمال ڪيو وڃي.
    5:بين الصوبائي طور انگريزي استعمال ڪئي وڃي، بعد ۾ باهمي رضامندي سان انهن مڪاني زبانن زبان رائج ڪئي وڃي.
    6: زبان، ڪلچر ۽ صوبن جي خودمختياري قائم رکندي پٺتي پيل صوبن جي ترقي طرف توجهه ڏنو وڃي.
    7: هندستان ۽ افغانستان سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪيا وڃن.
    8: وڏن ٻن گروهن کان ڌار رهي خارجه پاليسي آزاد ۽ غير جانبدار بڻائي وڃي.
    9: پاڪستان ۾ انگريزي نظام جي طرز تي ڪنفيڊريشن بڻائي وڃي.
    10: حڪومت جي پاليسي مذهب کي حڪومت کان ڌار ڪري سيڪيولر بنيادن تي قائم ڪئي
    : ڪشمير جو مسئلو موجوده حدبندي موجب طئي ڪيو وڃي.

    12: پختون نسل جي ماڻهن جو الڳ صوبو ٺاهيو وڃي.

    پاڻ آخر ۾ نيشنلزم ۽ سوشلزم جي حق ۾ دليل ڏنا اٿن ۽ لکيو اٿن آزادي لاءِ نيشنل ازم ۽ اقتصادي مسئلي لاءِ سوشلزم جا نظريا بهتر آهن.

    سائين جي ايم سيد 23 مارچ 1966ع تي آزاد ٿيڻ کان پوءِ بزم صوفيا ۽ سنڌ جو بنياد وجهي سنڌ اندر شعور بيدار ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. انهيءَ 23 جون 1966ع کان پهرين نومبر 1969ع تائين 10 ڪانفرنسون ڪوٺايون جنهن ۾ سنڌ جي مسئلن تي بحث ڪيو ويو. هن ڪانفرنس جا مکيه مقصد هي رکيائون:

    1: اتحاد انساني.

    2: امن عالم.

    3: ترقي بني آدم

    انهن مقصدن واسطي پاڻ سنڌ اندر شعور بيدا ڪرڻ سنڌ جي خودمختياري ضروري ٿي ڄاتائون. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاج به اصل ۾ سنڌ سان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ قوم ۽ نسل جي بنياد تي ٿيندڙن انصافين جي ڪري ٿيو. جنهن کي شيخ اياز سنڌ جو يوم مئي سڏيو آهي. سائين جي ايم سيد هڪ ئي وقت اينٽي ون يونٽ فرنٽ بزم صوفيا ۽ سنڌ ۽ سنڌ متحده محاذ جي پليٽ فارم تان ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندو رهيو پاڻ 1969ع ۾ وري سنڌ متحده محاذ کي سرگرم ڪيائون. پاڻ 9 مارچ 1969ع تي حيدرآباد ۾ اينٽي ون يونٽ ڪانفرنس ۾ اپيل ڪيائون ته شخصي پارٽي بازي ۽ اختلافن، ڪيل غلطين، انتقامي جذبي ۽ اڳوڻن ۽ نون سنڌين جي تفاوت کان برتر ۽ بالا رهڻو آهي، هر ماڻهن جيڪو ون يونٽ خلاف تعاون ڪري اهو وٺڻو آهي. سنڌ جي آزادي بعد اسان کي بنيادي اصول، قومپرستي، معاشي انصاف ۽ جمهوريت رکڻا آهن.

    10 آگسٽ 1969 تي سائين جي ايم سيد شيخ مجيب الرحمان کي انٽر ڪانٽينيٽل هوٽل ڪراچي ۾ استقباليه ڏنو ۽ پاڻ استقباليه تقرير ۾ ون يونٽ جي ٽوڙڻ لاءِ دليل ڏنائون ۽ سائين جي ايم سيد ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ سنڌ اندر ڪيئي ميٽنگون، جلسا ۽ ڪانفرنسون ڪيون پاڻ 1969ع ۾ نوابشاهه ۾ سنڌ متحده محاذ جي آفيس کولڻ وقت تقرير ۾ چيائون ته:

    1:ڏسڻو اهو آهي ته ون يونٽ جي ٽوڙڻ کان پوءِ گڏيل اثاثن مان اسان کي ڇا ٿو ملي.

    2: نئين صوبي قائم ڪرڻ جو وقت ڪڏهن مقرر ڪيو وڃي ٿو ۽ انتظامي عملو ڪهڙو ٿئي ٿو ان لاءِ سنڌ جي نمائندن جي صلاح کان سواءِ ڪو به قدم نه کڻڻ گهرجي.

    3: نئين صوبي قائم ڪرڻ کان اڳ هيٺيان ادارا ٽوڙڻ ضروري آهن، واپڊا، اي ڊي سي، سوئي گئس، آر ٽي سي، پي آءِ ڊي، پاور، ريلوي وغيره ٻيو اهو ته پهرين جولاءِ 1969ع تائين نئين صوبي لاءِ سنڌين جي پسند موجب عملو مقرر ڪري ڪم هلايو وڃي.

    پهرين جولاءِ 1969ع ۾ ون يونٽ جي خاتمي جي اعلان کان پوءِ سائين جي ايم سيد هيٺين خدشن جي نشاندهي ڪئي ۽ سنڌي قوم کي آگاهي ڏني.

    1: پاڪستان مختلف قومن جو ملڪ آهي جنهن جا رهاڪو وطن، زبان، تاريخي روايات ۽ ڪلچر، سياسي اقتصادي مفادن جي آڌار تي جداگانه قوم آهن. پر ون يونٽ ٽوڙي سنڌ کي مڪمل اختيار نه ڏنا ويا آهن.

    2: سنڌ آفيسر جي موجودگي ۾ صوبي جا اختيار غير سنڌي آفيسرن جي هٿ ۾ ڏنا ويا آهن.

    3: ترقي ۽ تعمير سان لاڳاپيل کاتا سنڌ کي نه ڏنا ويا آهن.

    4: ڊبليو پي آءِ ڊي سي، اي ڊي سي، ننڍن هنرن جو کاتو، واپڊا، آر ٽي سي، ريلوي، آرڪيالاجي، فشريز، ريڊيو، ٽيليويزن، کاڻيون، پوسٽ ۽ ٽيليگراف، پورٽ ٽرسٽ، ڪسٽم، وغيره اسان کي نه ڏنيا ويا آهن، انهن جو مرڪز ۾ هجڻ ڪري سنڌ کي مالي نقصان ٿيندو. سائين جي ايم سيد واضح ڪيو ته مرڪز کي صرف ٻه کاتا، پرڏيهي کاتو ۽ بچاءُ کاتي ڏنا وڃن، سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومي خودمختياري جي گهر ڪئي.

    1970ع چونڊن کان اڳ ۾ پنجاب بلڪل اڪيلو ٿي چڪو هيو. ون يونٽ جي ڪري سنڌ، بلوچستان، فرنٽيئر ۽ بنگال ۾ پنجاب جي هڪ هٽيءَ خلاف سخت نفرت وارو ماحول پئدا ٿي چڪو هو. فوج پنجاب جي بيورو ڪريسي ۽ پنجاب جي سياستدانن جي رويئي ۽ انهن جي ڦرلٽ جي طريقه واردات انهيءَ خلاف تحريڪ زورن تي هئي، ليڪن 1970ع جي اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو اٺ سال ايوب خان سان گڏ هو ۽ سمورن ڪارن قانونن ٺهرائڻ ۾ شامل هو، اهو پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان اليڪشن وڙهي رهيو هو. سوشلزم ۽ روٽي ڪپڙا اور مڪان سندس نعرو هو، پاڪتان جا ڪميونسٽ کليل نموني ساڻس گڏ ها ۽ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي کيس آشيرواد حاصل هئي. هيڏانهن سنڌ اندر سائين جي ايم سيد هو جيڪو پڻ قومن جي خودمختياري ۽ سوشلزم جي گهر ڪري رهيو هو. هوڏانهن بنگال ۾ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ هئي جنهن پنهنجو ڇهه نقاتي پروگرام پڌرو ڪيو جنهن موجب خودمختيار رياستن جو تصور ڏنو هو. بلوچستان ۽ فرنٽيئر ۾ به قومپرست سرگرم عمل هئا، پنجاب ذوالفقار علي ڀٽو کي فورن قبول ڪيو. سنڌ اندر به پيپلزپارٽي چڱا اثر ڇڏيا ليڪن بنگال، سرحد ۽ بلوچستان ۾ پيپلزپارٽي کي خاص ڪاميابي نه ٿي. چونڊن ۾ شيخ مجيب الرحمان کي واضح اڪثريت حاصل ٿي، امڪاني طور بلوچستان ۽ سرحد جي قوم پرستن جو نئپ ۽ عوامي ليگ جي اتحادي حڪومت يقيني ٿي چڪي هئي، ليڪن اها ڳالهه ارباب اختيار وٽ قبول نه پئي. اهڙي صورتحال ۾ بنگال ۾ احتجاج ٿيڻ هڪ يقيني عمل هو، انهيءَ احتجاج کي بهانو بڻائي مجيب الرحمان کي غدار ڪرار ڏئي بنگال مٿان فوج موڪلي وئي ۽ بنگال اندر جنگ شروع ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بنگال آزاد ٿي ويو ۽ باقي پاڪستان ۾ پيپلزپارٽي اچي اقتدار سنڀاليو، ڪميونسٽ پارٽي جي صورتحال اها هئي ته ترقي پسند دنيا جي هڪ وڏي نالي فيض احمد فيض روس سان احتجاج ڪيو ته بنگال جي آزادي کي ڇو تسليم ڪيو ويو آهي. هن احتجاج ڪندي لينن ايوارڊ واپس ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پنهنجي اقتدار ۾ ساڳيو پنجاب جي مفادن وٽان ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن تي سائين جي ايم سيد کيس ڪافي سمجهايو سنڌ لاءِ ڪجهه ڪريو باقي پنجابي پنهنجو ڪم ڪڍي اوهان کي ڦٽو ڪري ڇڏيندا. 1971ع ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ متحده محاذ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ هيٺ ڄاڻايل ٺهراءُ پاس ڪيا.
    1: سنڌ اوتروئي صوبائي خودمختياريءَ جي حقدار آهي جيتري خودمختياري عوامي ليگ جي ڇهن پوائنٽن ۾ ڄاڻايل آهي.
    2: سنڌ زونن فيڊريشن جي منصوبي کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ان ڪري سنڌ کي اهي کاتا ملڻ گهرجن جيڪي مشرقي پاڪستان جي حڪومت کي مليل هوندا.
    3: سنڌو درياهه جي پاڻي جو حصو مقرر ڪرڻ لاءِ 1935ع وارو اصول رهڻ گهرجي.
    4: سنڌ اسيمبليءَ جا ميمبر 150 هجڻ گهرجن.
    5: سنڌي زبان کي قومي ۽ سرڪاري زبان جو درجو ملڻ گهرجي.
    6: ملڪ جو نظام جمهوري ۽ پارلياماني هجڻ گهرجي.
    7: ماڻهن جا بنيادي حق ۽ شهري آزاديون مڪمل طور محفوظ هجن.
    8: عدالتون آزاد هجن.
    9: اخبارن ۽ عام راءِ تي پابندي نه هجي.
    10: سرڪاري ملازمن کي آئيني تحفظ حاصل هجي.
    11: بغير مقدمي جي ڪنهن به شهريءَ کي نظر بند ڪرڻ يا قيد ۾ بند ڪرڻ خلاف قانون ٺهرايو وڃي.
    12: سمورا ڪارا قانون منسوخ ڪيا وڃن.
    جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته 1970 جي چونڊن کان پوءِ بنگال مٿان فوج ڪشي جي نتيجي ۾ بنگال آزاد ٿي چڪو هو، هاڻ باقي بچيل پاڪستان هو. جنهن ۾ 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي اندر سنڌي ٻوليءَ وارو بل پاس ٿيڻ تي هنگاما ٿيا. ذوالفقار علي ڀٽي انهيءَ بل تي آرڊيننس لاڳو ڪيو ۽ سنڌ کي ٻن زبانن وارو صوبو قرار ڏنو ۽ معاهدو ڪيو ته سنڌ ۾ مکيه عهدا مهاجر ۽ سنڌين ۾ مساوي طور ورهايا ويندا، سنڌ اندر نوڪري ڪندڙ مهاجرن تان ٻارنهن سالن اندر سنڌي سکڻ جو شرط ختم ڪيو ويو، وزارتن ۾ به مهاجرن کي نمائندگي ڏني ويندي، بهارين کي بنگال کان گهرايو ويندو.
    اهڙي صورتحال بي مدِ نظر اڳ ۾ سائين جي ايم سيد پاڪستان جي رياستي جوڙ جڪ جو تجزيو ڪيو ۽ هيٺان نتيجا ڪڍيا.
    پاڪستان اندر انتشار، افراتفري ۽ موجود پست حاليءَ جا هيٺيان ڪارڻ آهن.
    1: مسلمانن جي جدا قوم جو تصور.
    2: مذهبي نظام حڪومت جو تخميل.
    3: سياست جو فسطائي نظريو
    4: چند مستقل مفادن پاران ملڪ جو استحصال.
    5: ڀر وارن ملڪن سان دشمني.
    سائين جي ايم سيد جي نظرداري هيٺ سنڌ جي شاگردن ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي هيٺيون خط لکيو.
    1: سنڌين جي جدا قومي وجود کان انڪار ڪندڙ مهاجر پنجابي سامراجي قوتن کان بچايو.
    2: مرڪزي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي نالي ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد سامراج جي غلاميءَ کان بچايو.
    3: ڀارت جي وهمي، دشمنيءِ جي نالي ۾ لشڪر وڌائي، وري ملٽري رول جي قائم ٿيڻ جي راهه بند ڪرڻ لاءِ قدم کڻو.
    4: ملڪي پاليسي، مذهبي تعصب ۽ نفرت جي عيوض محبت، دانشمندي، سيڪيولر ازم ۽ غير جانبدار بنيادن تي قائم ڪري صحيح سوشلزم جي قيام لاءِ راهه هموار ڪريو.
    5: اردو زبان جي ذهني سامراج کان سنڌين کي بچايو.
    سيد صاحب آخر ۾ اهو به لکيو ته جي ائين نه ٿيو ته سنڌي پاڪستان ۾ رهڻ کان آزاد ٿيڻ زياده پسند ڪندا.
    16 اپريل 1972ع ۾ سائين جي ايم سيد ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي زبان ڪنوينشن ۾ تقرير ڪندي چيو ته سنڌي هڪ جدا قوم آهن. پاڪستان چئن قومن، پنجاب سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ الڳ الڳ قومون آهن. هتي جون اصلوڪيون ٻوليون سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي آهن اهو به صاف ٿيڻ گهرجي ته اردو کي پاڪستان اندر زوري مڙهڻ سان اسان جو اڀرندو حصو ملڪ کان جدا ٿي ويو.
    سائين جي ايم سيد 21 مئي 1972ع تي حيدر بخش جتوئي جي ورسي تي تقرير ۾ واضح ڪيو ته ”سنڌي“ اهڙو ڪو به آئين قبول نه ڪندا جيڪو انڪار وطن تي ٻڌل هجي. مسلمان جي نالي سان ڪا به قوم نه آهي، اهو رجعت پسندن جو پئدا ڪيل آهي. سنڌ کي مضبوط مرڪزي نالي ۾ بنگال، بلوچستان ۽ سرحد کان به وڌيڪ ڦريو ٿو وڃي. هن گهر ڪئي ته مرڪز کي صرف ٻه کاتا دفاع ۽ ناڻي جا کاتا ڏنا وڃن. زمينون جيڪي فوجين کي ڏنيون ويون آهن اهي واپس وٺي سنڌي هارين ۾ ورهايون وڃن. ريڊيو تان 90 سيڪڙو پروگرام سنڌي ٻولي ۾ ڏنا وڃن.
    سائين جي ايم سيد محسوس ڪيو ته هتي ڪجهه به ٿي نه سگهندو ان ڪري سنڌين کي هاڻ واضح ٿيڻو پوندو ته سنڌ جي بقا جو رستو صاف سنڌ جي آزاديءَ ۾ ئي سمايل آهي. انهيءَ نقطه نگاهه کان پاڻ 18 جون 1972ع تي حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ جئي سنڌ محاذ جو بنياد وڌو ۽ جديد قوم جي تخميل وارو نظريو ڏنو ۽ آخري دم تائين سنڌ جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو

    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ ۾ قومپرست تحريڪ جو تاريخي پسمنظر

    ادا تمام بهترين.......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو