مارڪسزم ۽ جديد سامراجيت فيض جوڻيجو گذريل 15 سالن کان مختلف موقعن ۽ مضمونن ۾ مون جديد سامراجيت جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري گلشن حديد جي سنڌي ادبي سنگت شاخ ان خيال تي هڪ ليڪچر به ڪرايو هو جنهن ۾ ڪامريڊ خادم ٿهيم به موجود هو ۽ ان ليڪچر ۾ هن اهو خيال ظاهر ڪيو هو ته جديديت صرف مارڪسزم ۾ آهي سامراج جديد نه ٿيندو آ.!! ڪير جديد ٿيندو آهي ۽ ڪير نه ٿيندو آهي. ان جو مختصر جائزو وٺئون ٿا. بقول ڪارل مارڪس جي ته غور فڪر عملي سوال آهي نظرياتي نه. ان عملي سوال تي اچڻ کان پهرين ان ڳالهه طرف اچئون ٿا ته ڪارل مارڪس کان پهرين محنت جو نظريو (ڊيوڊ آدهم سمٿ) تصوراتي سوشلزم جو نظريو رهول ڊي باغ، هيليئوتس مابلي ۽ بابيو (فرانس) ڏنو، جنهن ۾ بابيو عملي انسان هو ۽ فرانس جي انقلاب کان ڪجهه ڏينهن پهرين ماريو ويو جنهن A Repiblic of equall جو خيال ڏنو. ساڳئي طرح سيئڊ سائمن اٽليءَ واري مڊل ڪلاس ڊڪٽيٽرشپ جو نظريو ڏنو جنهن کي مارڪس دل جي گهراين سان پڙهيو ۽ سمجهيو ساڳئي وقت جدليات جو نظريو جيڪو آيوسيف ويننگين ڏنو پر مشهور هيگل ٿيو، (هن لاءِ ڏسو رينگلين جو مضمون فائر باخ ۽ جرمن ڪلاسڪ فلسفي جو خاتمو. اردو، ماسڪو واليم 4 ۽ تاريخي ماديت جو خيال قائر باخ ڏنو جڏهن خود ڪارل مارڪس کان خط ذريعي سندس دوست پڇيو ته تو ڇا ڏنو (نئون خيال) ته مارڪس جواب ۾ چيو ته طبقاتي جدوجهد ۽ پرولتاريا ۽ ڊڪٽيٽرشپ. اردو ترقي ماسڪو ساڳئي طرح مارڪسز ۽ اينگلهر جيڪو سرمائيداري سماج کي سمجهايو ان جو تَتُ هي آهي ته سرمائيداري سماج کي ڏوڪڙن يا سڪن جنم نه ڏنو هو پر پورهيت پرتن پئداواري عمل دوران پئداواري ذريعن کي ڪتب آڻيندي جيڪي اوزار استعمال ۾ آندا ٿي، تاريخ جي تخليق ڪار هو. قوت کي جڏهن انهن اوزارن کي استعمال ڪندي دڪت ٿي ته هنن نوان اوزار تخليق ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت پرتن جا ان نون اوزارن ۽ پئداواري ذريعن سان پئداواري عمل دوران جيڪي نوان رشتا جڙيا. ان اجرتي رشتن جنهن نئين ماحول کي جنم ڏنو. جاگيرداريت جي نفي ڪندي سرمائيداري کي اڀاريو. (مان هتي مارڪس جي سياسي معاشيات تي نه ٿو لکڻ چاهيان ڇاڪاڻ ته هتي ان جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي ۽ جتي ٿيندي اتي ان جو ذڪر ڪيو ويندو) پر اهو سچ آهي ته مارڪس ته صرف سرمائيداري سماج کي سمجهايو بلڪ واضح ڪيو ته سرمائيداري لڳاتار بيروزگاري کي جنم ڏئي ٿي. هن نظريئي کي لينن اڳتي وڌايو ۽ سامراجيت جي خيال کي مارڪس فڪر ۽ جدليات جي نظر سان نه صرف واضح ڪيو بلڪ ان دور جي مارڪس پرست قوتن کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪي لڪير جا فقير هئا. لينن سامراجيت کي سمجهائيندي لکي ٿو ته سامراجيت تسلط چاهي ٿي آزادي نه. هتي مختصر طور هي سمجهڻ ضروري آهي ته مارڪس جي نظريئي ۾ لينن جيڪو سامراجيت جو اضافو ڪيو ان جا مادي بنياد ڇا هئا يا ٻين لفظن ۾ ته لينن جيڪو سامراجيت جو خيال ڏنو اهو مارڪس جي خيال کان ڪيئن الڳ آهي. اهو هيئن ته مارڪس پنهنجي داس ڪيپٽل ۾ جيڪو سرمائي کي سمجهايو آهي اهو سرمايو، صنعتي سرمايو آهي. جڏهن ته لينن جيڪو سمجهايو آهي. اهو بينڪنگ وارو آهي جنهن کي اسين مالياتي اداري وارو سرمايو چئون ته بهتر ٿيندو. ناڻي جي اها شڪل خود سرمائيداري سماج ۾ هڪ اڳيون قدم هو جتي پورهيت پرتن جو استحصال پهرين کان وڌي ويو. ظاهر آهي ته صنعت ڪار قرض وٺي جيڪو ڪاروبار ڪندو ته ان قرض ۾ قسط لاءِ هو پورهيتن جو ئي استحصال ڪندو وغيره. لينن سامراجيت جو جيڪو تفصيل لکيو آهي ۽ جن پنجن اصولن جو ذڪر ڪيو آهي ان پهرين ته لينن جو خيال هو ته هندستان جي ڏيهي سپاهيءَ برطانوي فوج ۾ شامل ٿي پنهنجو ڏيهه برطانيا کي کٽي ڏنو ۽ برطانوي استحصالي ان عمل جي ڪري سامراجيت ۾ داخل ٿيا. هن خيال ۾ اسين هتي اضافو ڪرڻ چاهيون ٿا ته برطانوي سامراج نه صرف ڏيهي ماڻهو جي معرفت پنهنجو تسلط قائم ڪيو بلڪ ڏيهي پوليس جي معرفت قلم 110 لاڳو ڪري جيل ڀريا ۽ انهن قيدين هتي ريلوي ۽ نهري نظام لاءِ بيگار وارو ڪم ڪيو ۽ ان جي سموري محنت استحصال ٿيندي رهي جنهن سامراجيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته جڏهن مارڪس چوي ٿو ته رياست مٿئين طبقي جو هيٺين طبقي تي ظلم ۽ تسلط آهي ته هتان جو سپاهي رياست جي ظلم کي قائم رکڻ لاءِ عمل ڪيو. جڏهن ته هتان جون پورهيت پرتون ئي هيون جن جو استحصال ٿيو پوءِ اهو بيگار ڪئمپ (جبل جي) صورت ۾ هو يا عام پورهيتن جي صورت ۾ جڏهن ته هتان جو وڏيرو ان ساري عمل ۾ برطانوي قابض قوتن جو ساٿاري رهيو. سامراج جي شڪل، سرمائيداري سماج ۾ پهرين جنگ کان پهرين دوران ظاهر ٿي. جتي نيم بيٺڪيت ۽ بيٺڪيت جي صورت ۾ ڏيهي پورهيت جو استحصال ٿيندو رهيو ساڳئي وقت استحصالي قوتن کي جن بغاوتن کي منهن ڏيڻو ٿي پيو انهن ۾ اضافو ان وقت ٿيو جڏهن سوويت يونين جي صورت ۾هڪ اهڙي رياست جو وجود سامهون آيو جنهن ۾ پورهيت جو قدر وڌيو جنهن لاءِ ضروري هو ته حالتن جي گهرج مطابق ان دور ۾ هلندڙ ترقي پسند تحريڪ کي روڪڻ لاءِ خود اهڙيون پارٽيون ٺاهيون ويون جيڪي بنيادي طور ڪم استحصالي قوتن لاءِ ڪنديون هيون پر انهن جو مطهر آزاد رياست ۽ حق خود مختياري وغيره هو. چرچل پنهنجي ڪتاب Second world war 2 ۾ لکي ٿو ته اسان هيءَ جنگ، عراق جي حسن(ان وقت جو حاڪم) ترڪيءَ جي ڪمال اتا ترڪ ابرات.... وغيره جي معرفت کٽي آهي جن اسان لاءِ ڪم ڪيو آهي. محترم امرتا صاحبه 4 مارچ جي عوامي آواز ۾ لکي ٿي ته جواهر لعل نهرو ۽ جناح ننڍي کنڊ مان برطانوي سامراج جي نيڪالي لاءِ جدوجهد ڪئي“ هن لاءِ عرض ته چرچل ڪجهه ٻيو ٿو چئي ۽ محترمه ڪجهه ٻيو ٿي چئي جڏهن ته ساڳئي وقت هندستان ۾ ايم اين راءِ (جيڪو سامراج لفظ جو خالق پڻ آهي) سوڀو سڀاٿي چندر بوس سنڌ مان حشمت، ڪيولرا مائي وغيره به عمل ۾ هئا جن کي ڪٽڻ لاءِ 1931ع ۾ گانڌي جي ايم سيد ۽ جناح کي استعمال ڪيو ويو. مختصر ته جن کي امرتا سٺو ٿي سمجهي انهن کي چرچل پنهنجو ماڻهو ٿو چئي امرتا کي جنهن تحريڪ جو نالو وٺڻ گهرجي ان کي ياد به نه ٿي ڪري. ڇا اهو سچ ناهي ته ڀڳت سنگ ۽ صبغت الله راشديءَ وغيره جن بغاوت ڪئي پر گانڌي ۽ جناح ڪا به بغاوت نه ڪئي. بلڪ گانڌي ته اهنسا رت ڪري ڏني ته جيئن عوام رياست سان ٽڪراءُ ۾ نه اچي نه ته ٻئي صورت ۾ جدوجهد طبقاتي جنگ جي شڪل اختيار ڪري سگهي پئي. وڏي ڳالهه ته برطانوي سامراج جيڪا هتان جي ورهاست ڪري رهيو جنهن ۾ اهي اڳواڻ به شامل هئا. اها رياست جي ارتقا ۽ سماجي سائنس جي خلاف پورهيت پرتن کي مذهب جي بنياد تي ورهائي رهيو هو. هي اها ورهاست هئي جنهن تي جديد سامراجيت جا بنياد رکيا ويا. هن جي وڌيڪ وضاحت ڪرڻ کان پهرين اسين جديد سامراجيت کي سمجهايون ٿا ته جيئن توهان کي آساني سان خيال سمجهه ۾ اچي ته جديد سامراجيت تعصب، تشدد ۽ تسلط چاهي ٿي آزادي نه. هن لاءِ ڏسو مضمون جديد سامراجيت ۽ ادب جي بيهڪ رسالو پرهه ۽ وائس آف سنڌ) سامراجيت ۽ جديد سامراجيت جي استحصال ۾ تمام گهڻو فرق آهي پر مختصر هتي ته سامراجيت واري دور ۾ غلام ملڪن مان پوءِ هي نيم بيٺڪيت ۾ هئا يا بيٺڪيت ۾ هئا ڪچو مال کڻي پنهنجي ملڪ ۾ ان کي تيار ڪري وري غلام ملڪن ۾ موڪليو ٿي ويو. پر جديد سامراجيت ۾ صنعتي ڪچو مال کڻي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ ان کي تيار ڪري اتي جي مارڪيٽ ۾ شئي جي قدر کان چار دفعا مهانگو وڪڻي پئسا پنهنجي ملڪ کڻي وڃي ٿو مثلن سوزڪي پلانٽ (پاڪستان) مرسڊيز بينڊ (ڏکڻ ڪوريا) وغيره اهو ان ڪري ٿا ڪن ته انهن شين کي پنهنجي ملڪ ۾ تيار ڪرايو وڃي ته مزدور جي اجرت وڌيڪ ڏيڻي پوي ٿي. هن عمل کي امرتا سومرو صاحبه ناڻي جو انضمام ٿي سمجهي جڏهن ته اهو استحصال جو نئون طريقو آهي. جيڪو جديد سامراجيت جي بدولت وجود ۾ آيو آهي. بلڪ هئين چوڻ وڌيڪ بهتر ٿيندو ته استحصال جي ان عمال جديد سامراجيت کي واضح ڪيو آهي. سامراجيت جيڪا علائقي طور ورهايل هئي. مثلن برطانوي سامراج، جرمن، آمريڪا وغيره، پر ٻئي جنگ عظيم دوران يو اين او جي شڪل ۾ علائقي سامراج، عالمي سامراج جي شڪل اختيار ڪئي ۽ ورلڊ بئنڪ جي معرفت پوري دنيا جي مٿان پنهنجي اجاري داري قائم آهي ۽ سرد جنگ دوران سوويت يونين جي خلاف جيڪا جنگ افغان ۾ شروع ٿي ان ۾ رضاڪار فوج تيار ڪئي وئي. جن کي پاڪستان، عراق، ايران ۽ افغان وغيره غير طالباني فوج تربيت ڏني. بقول لينن ته هندستان جي ڏيهي سپاهيءَ پنهنجو ملڪ برطانيا کي فتح ڪري ڏنو ٺيڪ اهڙي طرح رضاڪار فوج جديد سامراجيت کي دنيا جي مٿان قابض ڪرڻ ۾ مدد ڏني.ساڳئي وقت اين جي او پڻ جديد سامراجيت لاءِ ڪم ڪنديون رهيون آهن ۽ ڪن پيون. رضاڪار فوج (طالبان) ۽ هڪ طرفي جنگ کي جاري رکڻ لاءِ جنگ جا بنياد ان ملڪن ۾ رکيا ويا جن کي ٻئي وڏي جنگ کان پوءِ بظاهر آزاد ڪيو ساڳئي وقت جديد سامراجيت جو سياسي سرشتو (مئڪينزم) ”ايجنٽو ڪريسي“ آهي. جنهن معرفت ملڪن تي ڪنٽرول ڪيو ٿو وڃي. جيستائين ناڻي جي انضمام جو سوال آهي ته ان کي هيئن سمجهي سگهجي ٿو ته پيداواري ذريعا ان وقت تائين فطري آهن جنهن وقت تائين ان تي ڪو ڪم نه ٿو ٿئي پر جڏهن پورهيت پرتون پئداواري عمل دوران جڏهن انهن شين کي هڪ جاءِ کان ٻئي طرف بامقصد عمل تحت تحرڪ ۾ آڻين نه ٿيون ته انهن تي اجتماعي عمل ٿئي. خٿو جتي اڻ پئداواري شين جي سماجي حيثيت جڙي ٿي اُت اهي جمع محنت جي شڪل اختيار ڪن ٿيون ۽ انهن ۾ مٽا سٽا جو قدر پئدا ٿئي ٿو جنهن کي ”پورهيت پرتن جي زنده محنت“ پڻ چئي سگهجي ٿو. ساڳي طرح اجرتي پورهيت جتي ذاتي ملڪيت جا حق وڃائي ٿو اتي استحصالي قوتون اهي حق حاصل ڪري وٺن ٿيون اها واڌو محنت جيڪا سرمائي جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿي اها پڻ استحصالي قوتن جي سماجي حيثيت ئي ظاهر ڪري ٿي. جنهن کي امرتا صاحبه ناڻي جو انضمام ٿي چئي اصل ۾ اها جمع محنت واڌو محنت آهي جيڪا شروع کان اجتماعي عمل جي پئداواري آهي ۽ سماجي آهي. جنهن کي هيءَ انضمام ٿي چئي. جيئن اسين مٿي عرض ڪري آيا آهيون ته اهو استحصال جو نئون طريقو آهي بقول امرتا جي ته يورپي يونين جو قيام ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن نيٽو ۾ زبردست ڦهلاءِ خود عراق ۽ افغانستان تي حملو عالمي سرمائي جي اتحاد جو اعليٰ ترين مثال آهي. اسين ناڻي جو اجتماعي يا سماجي پاسو ٻڌائي چڪا آهيون صرف اهو چوڻ ٿا چاهيون ته اهو اتحاد جديد سامراجيت جو مثال آهي جنهن هڪ طرفي جنگ لاڳو ڪري پورهيت عوام تي تعصب، تشدد ۽ تسلط ڪري ٿو. ٻئي طرف سماج ۾ جيڪو تضاد موجود آهي ان کي پنهنجي ايجنٽن جي معرفت مصنوعي تضاف ۾ تبديل ڪري طبقاتي جدوجهد کي روڪيو وڃي ٿو ان جديد سامراجي اتحاد جو وڏو اڏو اتي آهي جنهن کي امرتا صاحبه جناح ۽ نهرو جي جدوجهد سڏي ٿي پر اسان جو خيال آهي ته جديد سامراجيت جي موجوده شڪل اهو واضح ٿي ڪري ته رياستن جو وجود ختم ڪري 80 سيڪڙو پورهيت عوام جي جمهوري مرڪزيت قائم ڪئي وڃي. جنهن لاءِ ضروري آهي ته پهرين ادارن (سياسي پارٽيون) کي سماجي ملڪيت ۾ آندو وڃي ۽ انهن مان شخصي ڊڪٽيٽر شپ ختم ڪري اجتماعي يا پنچاتي نظام رائج ڪيو وڃي. قيادت فرق وٽ نه پر پنج رڪني ڪميٽي وٽ هئڻ گهرجي ۽ هر هڪ ميمبر هڪ سال لاءِ ريپرينٽيٽو هجي. هر علائقي ۾ جتي سابقه رياست هئي اتي ان مشترڪه يا گڏيل پارٽين جا يونٽ هئڻ گهرجن. (پارٽيون، سوشل ڊيموڪريٽڪ آف سوشلسٽ، ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف انٽرنيشنل سوسائٽي) هر فرد کي حق هجي ته هو ڪنهن جو به ميمبر ٿئي ساڳئي وقت انهن پارٽين جا مرڪزي پنج ميمبر هر هڪ جا عالمي اجتماعي اسيمبليءَ جا ميمبر هئڻ گهرجن ۽ ملڪيت جا حق پارٽي يا يونٽ بجاءِ 80 سيڪڙو پورهيت عوام وٽ هئڻ گهرجن. ساڳئي وقت دنيا ۾ 1: هڪ سڪو ۽ هڪ ئي قدر سان لاڳو ٿئي. 2: هڪ ئي قسم جي تعليم رائج ٿئي صرف ٻولين جو حق حاصل هجي. 3: دنيا مان آرمي ختم ڪري سوشل سيڪيورٽي جو نظام رائج ڪجي. 4: دنيا جا مجموعي وسيلا 80 سيڪڙو پورهيت عوام جي ملڪيت ۾ ڏنا وڃن. 5: طبقاتي سماج جي جاءِ تي انساني سماج لاڳو ڪيو وڃي. اها ته موجوده حالتن جي گهر آهي جنهن لاءِ گڏيل طبقاتي جدوجهد ڪئي وڃي جنهن ۾ دائرو پوري دنيا ۾ وسيع ڪجي ڇاڪاڻ ته جديد سامراجيت هن وقت پوري دنيا کي هڪ ملينيٽ رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ محڪوم قومن جو پورهيت عوام ٻٽي استحصال جو شڪار آهي ۽ قوم پرست پارٽيون اڄ به ان پراڻي خيالن تي هلي رهيون آهن جن تي هلي پورهيت عوام کي ٻوهي ۾ وجهي سگهجي ٿو پر آزادي نه ٿي ملي سگهي ان جو ڪارڻ هي آهي ته سماج ۾ مصنوعي تضاد کي هٿي ڏئي تعصب کي عام ڪندي عوام کي ورهائي ڇڏيو آهي. هي جيڪو دوستن اخبار ۾ بحث شروع ڪيو آهي ان تي غور ڪيو وڃي ته ڳاڙهي ۽ سائي جهنڊي وارو اهو ئي ساڳيو مصنوعي تضاد آهي پر جدليات جا ٽي قانون آهن. سماج جي اڪائي ٽن تي ٻڌل آهي (مرد + عورت = ٻار ) سائنس ٽن تي بيٺل آهي (اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران) ته پوءِ مظلوم عوام کي اهو حق حاصل هئڻ گهرجي ته اهي ٽيون جهنڊو کڻي. موجوده خانواني پارٽين کان انڪار ڪري ۽ 80 سيڪڙو پورهيت عوام کي اهو حق حاصل هجي يا ان کي 1: اظهار جي آزادي. 2: اقرار جي آزادي 3: انڪار جي آزادي حاصل هجي ته جيئن هو هن مدي خارج معاشي رشتن، خيالن ۽ موجوده استحصال سماج کان انڪار ڪندي نئون سماج يا پروگرام لاڳو ڪري. اسين ڄاڻو ٿا ته مٿي جيڪو ڳاڙهي ۽ سائي وارو ذڪر ڪيو آهي ان جا پيروڪار هو ٽئين خيال کي ايترو جلدي قبول نه ڪندا ڇاڪاڻ ته ٻنهين کي ساڳيو مرض لڳو آهي. يعني 1: شخصيت پرستي، 2: ان جو غير ضروري دفاع، 3: انا پرستي. اسين جيڪا ڳالهه توهان صاحبان کي سمجهائڻ چاهيون ٿا سا هيءَ ته اهو اصل ۾ مصنوعي تضاد آهي. هڪڙو ڳاڙهو ميزائيل آهي ۽ ٻيو پٽاپٽي گڏهه وارو. جيڪي جي فائر ڪيا وڃن ته اهي اهو فرق نه ڪندا ته هي ڪميونسٽ آهي ان کي نه ماريان يا هي ڪميونسٽ آهي ان کي ماريان هو صرف 80 سيڪڙو عوام کي نشانو ڪندو پر اسين اڄ به ان پرستيءَ جي خول ۾ هڪڙي ميزائيل جي تعريف ۽ ٻئي کي خراب چئون ٿا. ڪيوبا جي عوام وٽ 39 سالن ۾ ٻيو ڪاسترو پئدا نه ٿي سگهيو ڇو؟ اصل ۾ پئدا ان صورت ۾ ٿئي جو اسان وٽ جمهوري مرڪزيت هجي ۽ سچ کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اها ان صورت ۾ ٿيندي جڏهن اسين غور فڪر کي عملي سوال طور قبول ڪنداسين. محترمه جي مضمون جو نه تجسس ان وقت عروج تي پڄي ٿو جڏهن چوي ٿي ته ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ خادم ٿهيم جو نظرياتي سياسي ڪردار پاڪستان جي ڪميونسٽ لاءِ رهنمائي ڪردار آهي. 5 مارچ عوامي آواز. اسان مٿي عرض ڪيو ته شخصيت پرستي ان جو غير ضروري دفاع ۽ اناپرستي هڪ مصنوعي تضاد کي جنم ڏئي ٿي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ خادم کان علاوه ٻيا به دعويدار آهن جن ۾ بخشل به آهي ته اسين اصل ڪميونسٽ آهيون. پر ڪميونسٽ هئڻ ۽ سڏائڻ به الڳ عمل آهن. جڏهن ته موجوده حالتن ۾ ماضيءَ پرستي تان هٽي ڪري حقيقي مارڪسي سوچ ۽ ارتقائي خيال رکڻ ڪرڀ کان گهٽ ناهي ڇاڪاڻ ته هتي مرشد ۽ مريد واري سياست، خانداني پارٽيون جڏهن ڪنهن نئين خيال کي فيس ڪن ٿيون ته انهن جا اڳواڻ مٿي ذڪر ڪيل بيماري جو شڪار ٿي وڃن ٿا پر ارتقا اها آهي ته ترقي ماسڪو وارو رچرڊ ڪوسوليپوو جو ڪتاب 1974ع (Problems of socialist) ڇپرائي ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته خود سوشلازم ۾ ارتقا جي ضرورت آهي ته ٻي صورت ۾ سوشلازم موجوده حالتن ۾ پاڻ کي سنڀالي نه سگهندو. محترم بخشل ٿلهو صاحب پنهنجي مضمونن ۾ لڳاتار مُبهم رهيو آهي ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جنهن جديد سامراجيت جو اسين ذڪر ڪري رهيا آهيون ان جو پراڻن ڪتابن ۾ ذڪر ئي ڪونهي!! نتيجي طور صاحب نظريئي ۽ غور فڪر واري سوال کي واضح نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه وري مارڪس کي سمجهي سگهيو آهي جيڪو نظريئي ۽ غور فڪر کي الڳ ڪري پيش ڪري ٿو. جهڙي طرح فاصلي کي ماپڻ لاءِ ميٽر آهي وزن کي ماپڻ لاءِ ڪلو گرام آهي. اهڙي نظريئي کي (خيال کي) تپاسڻ لاءِ پڻ ڪي مارڪسي اصول آهن. جهڙي طرح ڪلوگرام جو ايڪو (يونٽ) هڪ گرام آهي تيئن سماج جي ايڪائي مرد+ عورت+ ٻار آهن. تهڙي ريت سائنسي ۽ غير سائنسي نظريئي جي اڪائي هيءَ آهي. سائنسي نظريو. 1: هر اهو خيال جيڪو خود پاڻ سمجهيو وڃي. 2: ٻئي کي سمجهائي سگهجي. 3: عمل جوڳو هجي. 4: ان جو رڪارڊ هجي. 5: ان تي تحقيق ڪري سگهجي. پر جيڪو خيال نه خود سمجهيو وڃي ۽ نه ٻئي کي سمجهائي سگهجي نه ئي عمل جوڳو هجي، ان جو ڪو رڪارڊ به نه هجي ۽ ان تي تحقيق به نه ڪري سگهجي ته ان کي نظريو نه پر ڏند ڪٿا ۾عقيدو ڳالهه ته چئي سگهجي ٿو. مثلن جن، ڀوت وغيره جو تصور. پر ٿلهو صاحب نظريئي (خيال) ۽ هميٿ کي (عقيدي کي) گڏي ٿو پيش ڪري. ٿلهي صاحب جو الزام آهي ته مارڪس کي ننڍي کنڊ جي تاريخ انهيءَ ڪري مذهبن جي تاريخ محسوس ٿيندي هئي ڇاڪاڻ ته مذهب هڪ نظريئي جي صورت ۾ ۽ سماجي شعور جي هڪ اهم شڪل جي حيثيت ۾ جاگيرداري ۽ قبائلي دور جي خاصيت هو، (5مارچ عوامي آواز- ڪراچي). اسان جو خيال آهي ته ڪارل مارڪس ٻيو ڪجهه چيو آهي. هڪ هنڌ هنڌ مارڪس چيو، مذهب (عقيدو) ماڻهوءَ جو ذاتي مسئلو آهي ۽ ٻئي هنڌ مارڪس چيو مذهب دينوي خيالن جي تاريخ آهي. انساني خيالن جي نه. مارڪس جي ان خيال جي وضاحت ڪندي اينگلس لکيو ته مذهبن جيئن ته عقيدي تي ٻڌل آهي ۽ ان ۾ واڌارو نه ٿو ڪري سگهجي پر انساني خيال ارتقا ڪندا رهون ٿا. بقول اينگلس ته خيال ئي هڪ ڀيرو انسان جي چت (دماغ) مان گذرڻ گهرجي پر اهو خيال ڪهڙي شڪل اختيار ڪندو اهو ان دور جي حالتن تي دارومدار آهي. مذهب جتي گهڻ ديوائي تصور کي رد ڪندي هڪ ديوتا تصور کي اڳتي آندو. اتي هڪ ئي مذهب جي پيروڪارن به ڪلاس جي ورهاست کي مقدر پرستي ۾ شامل ڪيو ٻئي طرف ٻئي مذهب جي مچندڙن کي ڌاريو قرار ڏنو. اها سماج ۾ بائي فرڪيشن آهي. مارڪس مذهب کي دينوي خيالن جي تاريخ ٿو چئي. ساڳي طرح اسان جيڪو مٿي جدلي ۽ مارڪسي فڪر مطابق نظرئي کي ماپڻ جو يا تپاسڻ جو جيڪو فارمولو لکيو آهي ڇا ان مطابق مذهب نظرين ۾ ٿا اچن يا عقيدن ۾! ڇاڪاڻ ته نظرين ۾ ارتقا ٿيندي آهي. عقيدي ۾ نه !! سون تي سهاڳ ته سائين جن لکيو آهي ته بقول لينن ”هر نظريو سچ ڏانهن ويجهڙائپ هوندو آهي“ قطعي ۽ مڪمل نظريا ٿيندا ئي ڪونهن. هن جملي ۾ اڌ لينن سان ملائي خيال ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ هر لفظ اضافي آهي پر جي مڃئون ته ٿلهي، لينن کي صحيح پڙهيو ۽ لکيو آهي ته پوءِ قوم پرستيءَ ۾ جيڪي به نظريا آهن سڀ سچ ٿي وڃن ٿا ته پوءِ ڪنهن سان اختلاف ڇو ڪجن!! ساڳئي وقت جڏهن جملي جي ٻئي حصي ۾ جيڪو ٿلهو صاحب جن فرمايو آهي ته قطعي ۽ مڪمل نظريا ٿيندا ئي ڪونهن پوءِ ڪيئن ٿو دعويٰ ڪري ته مارڪسي نظريو مڪمل آهي؟ سائين جن جو تجسسس ان نقطي تي اچي عروج ته پهچي ٿو ته نظريو ٻي شئي آهي ۽ فلسفو ٻي پر مارڪس ته چئي ٿو ته غور فڪر عملي سوال آهي نظرياتي نه. جڏهن سائين جن بنيادي سوال تي واضح نه آهن ته پوءِ هر شئي ۽ هر سوچ ۾ کين نظريو نظر ايندو. خير!! اسين قوم پرست قوتن تي هتي نه ٿا لکڻ چاهيون ڇاڪاڻ ته انهن جيڪي مارڪسي فڪر تي الزام لاڳو ڪيا آهن انهن جو ڪو به مادي وجود ڪونهين ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ جڏهن به حالتون ڳنڀير ٿيون آهن ته هنن رياست کي نشانو بڻائڻ بجاءِ مارڪسزم تي ڪاهه ڪئي ته جيئن مصنوعي تضاد مٿي اچي ۽ سنڌ جو پورهيت عوام ان ٽڪراءُ جو شڪار ٿيندو رهي ۽ پاڻ ۾ ورهايل رهي. هنن جي ان عمل ۾ پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائيندڙ به شامل رهن ٿا. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ٻئي ڌريون مارڪسز ۾، ان حالت ۾ آهن ئي ڪو نه جو ڪردار ادا ڪري سگهن. جڏهن ته ماضيءَ ۾ وري به ٿورو ڪي گهڻو ترقي پسند قوتن ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪي هن وقت شخصيت پرستي جو شڪار آهن. جڏهن اسين چئون ٿا ته هن وقت دنيا ۾ جديد سامراجيت جو راڄ آهي ته پوءِ اهو به واضح ٿيڻ گهرجي ته دنيا جون محڪوم قومون ٻٽي غلاميءَ جو شڪار آهن. هڪ ڏيهي قابض ٻيو جديد سامراجيت جڏهن جديد نيم بيٺڪيت پوري دنيا تي مڙهي آهي جنهن معرفت تعصب، تشدد ۽ تساط لاڳو ڪيو آهي ان مان ڪيئن جان آزاد ڪجي؟ هن لاءِ محترمه امرتا جو خيال آهي ته 1980 کان پهرين قومي سرمائي جي عالمي سرمائي جي خلاف جدوجهد جي پاليسي هئي ته ان ڪري قوم پرستي جي اها پاليسي قابل قبول هئي. وغيره ۽ هن وقت ان ڪري قبول ناهي جو قومي سرمايو عالمي سرمائي ۾ ختم ٿي ويو آهي. ظاهر آهي ته هاڻي جمهوري تحريڪن جي ضرورت نه رهي آهي!! پر سوال آهي ته سماج ۾ موجود تضاد ڪهڙي جڳهه تي بيٺو آهي ٻيو ته سرمائي جو انضمام جيڪو محترمه بار بار وڃي ٿي ۽ جنهن کي اسين جديد سامراجيت جي استحصال جو به طريقو سمجهئون ڇو ته سرمايو جڏهن سماجي شڪل اختيار ڪري ٿو ته ان جا بنياد اجتماعي آهن ۽ هو 1980ع کان پوءِ نه ٿيو آهي پر اڳ به هو. پر 1980 (جيڪا خود محترمه مقرر ڪئي آهي) جن حالتن نئون رخ اختيار ڪيو آهي. اهي حالتون اهو ثابت ڪن ٿيون ته هن وقت گهڻ رياستي نظام ختم ٿيڻ گهرجي. پر قومون به رهنديون ۽ جيڪا هڪ رياست جڙندي ان ۾ قومون رضاڪارنه طور شامل ٿيون ان ڪري قومي رياست جي خيال کي ۽ قومي تحريڪ ۽ عوام جي جمهوري حق کي هڪ ڪري نه سمجهيو وڃي. جيستائين پورهيت پرتون ملي ڪري هڪ ٻولي ۽ ثقافت جي حقيقي رنگ ۾ نه ٿيون اچن ان وقت تائين ٻولين، تهذيبن، ثقافت جو احترام باقي رهندو ۽ اهو ان علائقي ۾ رهندڙ پورهيت عوام جو جمهوري حصو هوندو. ته پوءِ اسين ڪيئن ٿا پورهيت عوام جي ان جمهوري حق کان انڪار ڪريون. بلڪ هئڻ ته ايئن گهرجي ته انهن ۽ 80 سيڪڙو پورهيت عوام جي حق ۾ آهن انهن کي ملائي هڪ جمهوري مرڪزيت قائم ڪجي جنهن جا مقصد اسين مٿي لکي آيا آهيون. ڇاڪاڻ ته جديد سامراجيت ايجنٽو ڪريسيءَ معرفت جيڪو نظام لاڳو ڪيو ان ۾ هنن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ نااهل قوتن جي معرفت راشي بيورو ڪريسي کي ادارن ۾ آندو آهي ۽ فوج معرف عوام جي مٿان ان نظام کي زوريءَ لاڳو ڪيو ويو آهي. هن وقت ان نظام کي مصنوعي تضاد جي صورت ۾ هلائڻ وارو طريقو ناڪام ٿيندو ٿو وڃي ۽ جديد سامراجي ادارن کي هلائڻ جي صلاحيت گهٽجندي ٿي وڃي. پر ان جي خلاف مڪمل جمهوري مرڪزيت ناهي. مختصر ته اسين قومي تحريڪن جي پرڪارن ڪري پورهيت عوام جي حق کي قبول ڪرڻ کان انڪاري ٿي نه ٿا سگهئون. موجوده جيڪي حالتون آهن انهن جي جيڪا گهرج آهي اها اهو واضح ڪري رهي آهي ته حالتن جي مطابق نئون خيال اچڻ گهرجي پر ان جو اهو مطلب به ناهي ته ڪو پورهيت عوام جي بنيادي حقن کان نبيرو واري بيهي. اسين هڪ ڀيرو ٻيهر غور فڪر ۽ نظرياتي سوال طرف اچئون ٿا. خيال (نظريو) خيال جي سماجي حيثيت ۽ فرد جو ڪردار جنهن جو تعين سماجي وجود ڪري ٿو. خيال جي مڪمل يا نامڪمل جي وضاحت ڪري ٿو. مارڪس جو خيال اڄ به ان ڪري اهيمت حاصل ڪري ٿو ڇاڪاڻ جو ان سماجي حيثيت اهميت ۽ قدر حاصل ڪري ورتو هو ۽ تغير، تبديلي ۽ ارتقا مان گذرندي ان لينن ازم جي شڪل اختيار ڪئي پر ان کان علاوه نظريا هئا جن کي اها اهميت ان ڪري نه ملي جو انهن سماجي حيثيت، اهميت ۽ قدر حاصل نه ڪري سگهيا وڏي ڳالهه هي آهي ته مڪمل نظريو ئي اهو آهي جيڪو جنهن دور ۾ ڏنو ويو آهي ان دور جي مڪمل عڪاسي ڪندو وڃي ۽ ان ۾ تغير، تبديلي ۽ ارتقا جي خاصيت موجود هجي. هن وقت جڏهن اسين قومي سرمائي ۽ عالمي سرمائي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ملڪيت جا جيڪي قسم آهن ان ۾ مارڪس ته گڏيل ملڪيت جو خيال ڏنو پر ماسڪو جي شڪل ۾ يا ٻين ملڪن ۾ جتي سوشلزم نظام رائج ڪيو ويو اتي رياستي ملڪيت جنم ورتو. (state property) پر اها 80 سيڪڙو عوام جي ملڪيت نه جڙي سگهي هئي. ان ملڪيت جو فارمولو جيڪو لينن تيار ڪيو ته محنت صلاحيت ۽ اجرت. هن فارمولي غير طبقاتي خيال واري فڪر ۾ رياستي ملڪيت ۽ مفت خور کي جنم ڏنو. جنهن کي سادن لفظن ۾ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ چئي سگهجي ٿو. ان ڪري اتان جو پورهيت عوام هر شئي کي رياست جي ملڪيت چوندو هو ان ڪڏهن به ڪو نه چيو ته ڪو اها ”اسان جي ملڪيت“ آهي. هن وقت چائنا ۽ اتر ڪوريا جي سماج تي نظر وجهبي ته چائنا هڪ بيگار ڪئمپ آهي جڏهن ته ڪوريا ۾ پارٽي وارن جي عياشي آهي ۽ باقي عوام غريب آهي. اهو جيڪو مصنوعي تضاد اتي اڀريو آهي ان جو ڪارڻ خود اهو فارمولو آهي. هجڻ ته اهو کپندو هو ته ملڪيت جا حق 80 سيڪڙو پورهيت عوام کي ڏجن ها جنهن لاءِ ضروري هو ته محنت ۽ اجرت، سڀني تي لازمي ۽ هڪ جيتري هئڻ گهرجي جڏهن ته صلاحيت ۽ مقام کي الڳ ڪيو وڃي. ٻيو ته ملڪيت جا بنيادي حق پورهيت عوام کي مستقل ڪندي رياستي ملڪيت جي جاءِ تي اسان جي ملڪيت جي حقيقي خيال کي سماجي خيال طور پيش ڪيو وڃي. پرابلم آف سوشلسٽ ٿيوري جي خالق به ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته حالتن جي حساب سان اسان کي تبديليون آڻڻ گهرجن. طبقاتي جدوجهد جو نقشو جيڪو اينگلس ڏئي ٿو ان حساب سان موجوده حالتن ۾ اسان کي نئين حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ٿورو عرض هي به رکجي ٿو ته تهذيب جي جيڪا ارتقا ٿي آهي اها هي آهي ته دريائي تهذيب جنهن ۾ دريائن جي ڀرسان انسان اڏاوتون ڪيون. ٻئي صنعتي تهذيب، جنهن ۾ جتان جتان ريل وڇائي وئي ۽ صنعتون هنيون ويون. جتي سمنڊ جي وٽن تي وڏا شهر جوڙيا ويا ۽ ٽئين تهذيب جنهن جو بنياد انسان هن وقت رکي رهيو آهي سا آهي ستارن جي تهذيب هن وقت ته اهي پورهيت عوام کي دٻائڻ لاءِ آهن پر مستقبل ۾جينيٽڪ سائنس جيڪا انسان تي پڻ تحقيق ڪئي. ان حساب سان انسان جو جنم عام ڪيو ويو تن انسان جي حياتي 500 سالن کان 12 سال ٿي سگهي ٿي. جتي انسان خلا ۾ باآساني هڪ زمين کان ٻئي تي سفر ڪندو. ان ڪري تغير، تبديلي ۽ ارتقا جي قانون تحت سابقه نظريئي کي گذاريندي حالتن جي گهرج مطابق ۽ جديد سامراجيت جي جنگي طاقت ۽ حڪمت عملي جو جائزو وٺندي محڪوم قومن جي پورهيت کي جمهوري حق ڏيندي عالمي پورهيت جي راهه کي هموار ڪندي جديد سامراجيت سان جنگ وڙهي وڃي. مارڪس چيو workers of world unit پر اڄ جون حالتون چون ٿيون ته workers of world unit, win wisdom win the world جنگ جو نتيجو آهي طبقاتي مفادن جو جيڪا جاري آهي فرق صرف هي آهي ته اسين ان جنگ ۾ اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهيون جيڪو ڪرڻ گهربو هو ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته اسين اڄ به اناپرستيءَ واري سياست ۾ ڀٽڪي رهيا آهيون. اسين اڄ به ان خيال جا آهيون ته سماج ۾ ٽي طبقا آهن جڏهن ته جديد سامراجيت جي نظام ايجنٽوڪريسي تحت طبقاتي تضاد جي نوبت کي 20 ۽ 80 سيڪڙو ۾ آڻي بيهاريو آهي. جتي سماج جي 80 سيڪڙو پورهيت عوام ملڪيت جا حق وڃائيندو وڃي ٿو جيڪي 20 سيڪڙو ٽولو حاصل ڪندو وڃي ٿو. دنيا ۾ جتي بيروزگاري وڌندي وڃي ٿي اتي جديد مشينري جي معرفت نئين حڪمت عملي تحت 20 سيڪڙو ٽولو امير ٿيندو وڃي ٿو. هن لاءِ فرانس جي هڪ محترم جديد سوشلزم جي به ڳالهه ڪئي آهي پر هو صرف اهو ٿو چئي ته سوشلزم کي موجود حالتن جي حساب سان هلڻ گهرجي وغيره. مختصر نتيجو ته سرمائي ۽ سامراج جي اڳين منزل جديد سامراجيت آهي جيڪا ايجنٽو ڪريسيءَ معرفت تعصب، تشدد ۽ تسلط تي بيٺل آهي. موجوده حالتن ۾ طبقاتي سماج ۾ طبقاتي بيهڪ 20 سيڪڙو ۽ 80 سيڪڙو پورهيت پرتن ۾ ٽڪراءُ آهي. قومن جون تحريڪون جيڪي موجوده حالتن ۾ عوامي گهرجن جون پورائون نه ٿيون ڪن انهن جي آڙ ۾ پورهيت عوام جي جمهوري حق کي نه قبولڻ يا عوام جي گهرجن کي ۽ قومي تحريڪن جي فردي گهرجن کي هڪ نه سمجهيو وڃي. ٻيو ته ڀت پرستيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ شخصيت پرستي ان جو غير ضروري دفاع ۽ اناپرستي آهي. ان ڪري ان کان هٽي ڪري موجوده حالتن جو جائزو وٺندي نئين خيال کي پهرين غور فڪر واري عملي سوال مان گذاري ان جي سماجي ۽ تاريخي اهميت کي سمجهڻ کان پوءِ ان تي نظرياتي تنقيد ڪئي وڃي. صاحبان آخر ۾ عرض ته جي اسان جي ڪن لفظن جي ڪري توهان جي دل آزاري ٿي آهي ته بجاءِ شخصي تنقيد ڪرڻ جي، توهان علمي تنقيد ڪندا ته منهنجو خيال آهي ته ڪنهن خيال يا فڪر کي سرجڻ ۾ مدد ملندي. بشڪريه عوامي آواز
جواب: مارڪسزم ۽ جديد سامراجيت مونکي پڪ آهي ته ادي ممتاز جو ونڊ ڪيل هي ڊگهو ۽ تفصيلي ليک کي ڪو ورلي دوست پڙهندو ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو، هي ليک پنهنجو پاڻ هڪ ٽيڪا ٽپڻي واري انداز ۾ لکيل آهي ۔۔۔ سوشل ازم يا ڪميون ازم، انساني تاريخ جي هڪ ڪاوش آهي، جڏهن دنيا جي ڪجهه انسانن اهو محسوس ڪيو ته دنيا جا وسيلا ڪجهه ماڻهن جي ملڪيت آهن ۽ باقي انسان ويچارا ۽ غربت ۾ گذارين ٿا ته هنن ان سرمائي جي ورڇ کي غير منصفاڻو سمجهندي سوشل ازم ۽ ڪميون ازم جي نظرين کي جنم ڏنو ۔۔۔۔ پر انهن ڏاهن کان اها ڳالهه وسري وئي ته جهڙي طرح سڀ آڱريون برابر ناهن هونديون، ساڳئي طرح سڀ انسان هڪجهڙا ڏاها ۽ محنتي ناهن هوندا، انڪري نظر ايندڙ سماجي اڻ برابري خود انسان جي پنهنجي ڪوتاهين سبب آهن ۔۔۔ هڪڙو انسان رات ڏينهن محنت ڪري انجنيئر ٿئي ٿو ۽ گهڻو ڪمائي خوشحال زندگي گذاري ٿو، جڏهن ته ٻيو ماڻهون ڏينهن ۽ راتيون ننڊن ۾ وڃائي، نتيجي طور غربت جي زندگي گذاري ٿو ۔۔۔ هاڻ جي اوهان انجنيئر جي محنت مان ڪمايل ناڻو ان ناڪاره انسان کي ڏيندا ته ٻنهي طرفن تي انصاف جو خون ٿيندو ۽ فطرت کي نقصان رسندو ۔۔۔ انڪري سوشل ازم ڪجهه سال هوا ۾ اڏري سگهيو ۽ آهستي آهستي ان جي افاديت ۽ اهميت ختم ٿي وئي آهي، هاڻ اهو نظريو اچي پٽ پيو آهي ۽ باقي رهيل سهيل هوا به نڪرڻ تي اٿسَ ۔۔۔ دوستو، فطرت الڳ آهي ۽ انسان جي سوچ الڳ هجي ته ۔۔۔ انسان فطرت سان مقابلي جي سگهه نٿو رکي ۽ آخرڪار هارائي وڃي ٿو ۔۔۔ انڪري اسانکي فطري اصولن کي مڃيندي هن ڪائنات جي ڀلي لئه سوچڻو پوندو ته جيئن ڪاميابي ٿئي ۔۔۔ واڳ ڌڻي وس، آ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔
جواب: مارڪسزم ۽ جديد سامراجيت ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان هن مضمون تي پنهنجا ويچار ونڊيا آهن، ادا توهان سچ لکيو آهي، ۽ مان به توهان جي ڳالهين مان متاثر آهيان، پر هي مضمون مون ان لاء ونڊ ڪيو هو ته جيئن منهنجا ٻيا دوست به ڪجهه ڳالهين مان واقف ٿين۔