زينب ڀيو کي سنڌ جي مختاران مائي بڻجڻ گهرجي!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    زينب ڀيو کي سنڌ جي مختاران مائي بڻجڻ گهرجي!​

    [​IMG]
    زيب سنڌي

    کپري سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نياڻي زينب ڀيو جو ڪنڌ اڄ غم ۽ شرم سبب جهڪيل آهي. اڄ کان اٺ سال اڳ پنجاب جي هڪ ڳوٺ مير والا جي مختاران مائيءَ جو ڪنڌ به غم ۽ شرم سبب جهڪيو هو. 2002ع ۾ مختاران مائيءَ جي ڀاءُ تي لڳل هڪ الزام تحت ٿيل جرڳي ۾، ”جرڳائي منصفن“ اها سزا تجويز ڪئي ته سندس ڀيڻ کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو وڃي ۽ انهيءَ ”منصفيءَ“ تحت سوين ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ مختاران مائيءَ کي کنڀي هڪ ڪوٺڙيءَ ڏانهن نيو ويو. ڪوٺڙيءَ ۾ اندر مختاران کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو پئي ويو ۽ ٻاهر بيٺل سوين ماڻهو مختاران مائيءَ جي رڙين سان گڏ، تصور جي اک سان اهو تماشو ڏسندا رهيا! پر اهڙو تماشو زيادتيءَ جو شڪار ٿيل عورت جي زندگيءَ مان ڪڏهن به ختم نٿو ٿئي. ان وقت ٽيهن سالن جي نوجوان مختاران مائيءَ کي به ان ڳالهه جو چڱيءَ طرح احساس هو ته اهڙي تماشي کانپوءِ سندس زندگي به تماشو بڻجي وئي آهي ۽ کيس شرم وچان سڄي زندگي ڪنڌ جهڪائي ڪرب جي زندگي گذارڻي آهي، يا خودڪشي ڪري ڇڏڻي آهي. زينب ڀيو جيان مختاران مائي به ڪجهه ڏينهن ڌمڪين سبب خاموش رهي، پر پوءِ هن ڪنڌ جهڪائي جيئڻ يا خودڪشي ڪرڻ بجاءِ، ڪنڌ کڻي جيئڻ جو فيصلو ڪيو. ميڊيا سندس ساٿ ڏنو ته هن پنهنجي مايوسيءَ، غم ۽ شرم کي همت ۾ بدلائي اندر جي طاقت حاصل ڪئي ۽ ”لٺ سردارن“ سان مقابلي لاءِ تيار ٿي وئي. ويتر جو ”نيويارڪ ٽائيمز“ جي ڪالم نگار نڪولس ڪرسٽوف، دنيا جو ڌيان مختاران مائيءَ ڏانهن ڇڪايو ته پاڪستان جا حڪومتي ادارا ٿرٿلي ۾ اچي ويا. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ جي ڊڪٽيٽر صدر پرويز مشرف ”واشنگٽن پوسٽ“ کي انٽرويو ڏيندي، پنهنجي ئي ملڪ کي بدنام ڪندي، مختاران مائيءَ جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو هو ۽ چيو هو ته، ”پاڪستان ۾ عورتون دولت ڪمائڻ ۽ ٻين ملڪن جي شهريت (Citizenship) حاصل ڪرڻ لاءِ گينگ ريپ جو ڊرامو رچائن ٿيون!“ جنهن جي جواب ۾ مظلوم مختاران مائيءَ چيو هو ته، ”مون وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو به توهان کڻو، مون کي فقط انصاف وٺي ڏيو“. پنهنجي ئي ديس کي بدناميءَ جو تير هڻندڙ ڊڪٽيٽر وٽان ته مظلوم مختاران کي انصاف ملڻو ڪو نه هو، پر پوءِ عالمي دٻاءُ ۽ عدالتي حڪمن تحت جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن مظلوم مختاران کي دنيا اندر عورت جي همت ۽ طاقت جي علامت بڻائي ڇڏيو.
    جڏهن مختاران مائيءَ کي آمريڪا اچڻ جي دعوت ملي ته پرويز مشرف جي حڪمن تحت مختاران تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ تي پابندي لڳائي وئي، جيڪا رڪاوٽ آمريڪي سفير جي چوڻ تي دور ٿي وئي ۽ مير والا جي مختاران وڃي نيويارڪ کان نڪتي. 2 مئي 2006ع تي مختاران مائي يونائيٽيڊ نيشنس جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ ٽي وي انٽرويو دوران چيو هو ته، ”هوءَ دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته جيڪڏهن ڪو هڪ فرد پنهنجي حق لاءِ وڙهي ٿو ته اهو ڄڻ ايندڙ نسلن جي حقن جي حفاظت ٿو ڪري“. انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي سهڪار سان آمريڪا پهتل مختاران مائيءَ جو نيويارڪ کان واشنگٽن تائين دنيا جي ڪنهن بيحد اهم شخصيت جيان استقبال ڪيو ويو. يورپين يونين سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ادارن سندس همت ۽ جرئت سبب کيس ايوارڊ ڏنا ۽ سندس مالي مدد ڪئي. مختاران مائي انهن پئسن سان پنهنجي ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ وڃي اسڪول قائم ڪيو. عورت جي همت جي علامت بڻجي اڀريل مختاران مائيءَ جي تلخ يادگيرين جو ڪتاب In the name of honor (غيرت جي نالي ۾) پڻ 2006ع ۾ آمريڪا ۾ ئي ڇپيو ۽ لکن جي تعداد ۾ وڪاميو. سندس ڪتاب جو دنيا جي 22 ٻولين ۾ ترجمو ٿيو ۽ يورپ ۾ بيسٽ سيلر بڪ جي طور تي وڪاڻو.
    مختاران مائيءَ پنهنجي مايوسي، غم ۽ شرم کي همت ۽ طاقت ۾ تبديل ڪيو ته دنيا ۾ سندس ڳاٽ اوچو ٿي ويو ۽ اڄ پنجاب جا ڪيترائي ”لٺ سردار“ سندس نالي کان به ڇرڪن ٿا. هاڻيءَ هوءَ نه فقط پنهنجي علائقي ۾ ڪنهن به زيادتيءَ جو شڪار ٿيل نياڻيءَ جي واهر ڪري ٿي، پر پنهنجي اسڪول وسيلي ڳوٺ جي نياڻين جا ذهن علم سان روشن به ڪري رهي آهي. نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙڻ سبب ڪئناڊا جي هڪ يونيورسٽيءَ پاران جون مهيني ۾ اعلان ڪيو ويو هو ته آڪٽوبر (هلندڙ مهيني) جي 30 تاريخ تي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرس ۽ سينيٽ جي منظوريءَ سان مختاران مائيءَ کي ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني ويندي. يونيورسٽي انتظاميا پاران مختاران مائي کي چيل آهي ته انهيءَ موقعي تي هوءَ يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي جلسي کي به خطاب ڪري ته جيئن سندس همت ۽ جرئت،شاگردن لاءِ سندن عملي زندگيءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي. مير والا جي مختاران مائي ته پاڻ سان ٿيل زيادتيءَ کي پنهنجي ڳوٺ جي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ جي موقعي ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو، پر زينب ڀيو جي ننڍڙي شهر کپري ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. شهر جي اسڪولن ۾ نياڻين جي حاضري اڌ کان به گهٽجي وئي آهي. نياڻين جي تعليم جا حامي، کپري جا شريف ماڻهو ڊنل آهن ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ چوڏهن سالن جي زينب گذريل مهيني ڏاڍ جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ اڄ تائين غم ۽ شرم جي جنڊ ۾ پيسجي ۽ پيڙجي رهي آهي. بيشڪ زينب سان پيش آيل وحشياڻو واقعو انتهائي شرمناڪ آهي، جنهن ڪري زينب سان گڏ انسانيت جو ڪنڌ به شرم کان جهڪيل آهي. زينب ڀيو سان ٿيل زيادتيءَ جي وڊيو انٽرنيٽ تي اپلوڊ ٿيڻ کانپوءِ هي واقعو ته سامهون اچي ويو ۽ زينب کي مجبور ٿي زبان کولڻي پئي. پر بدناميءَ ۽ تعليم اڌوري رهجي وڃڻ جي خوف سبب بي شمار نياڻيون خاموش رهي زهر جا ڍڪ پيئنديون رهن ٿيون. اهڙيون ڇوڪريون سڄي زندگي نفسياتي دٻاءُ جو شڪار بڻجي مستقل ڪرب جي ڪيفيت ۾ مبتلا رهن ٿيون. جيڪڏهن زينب ڀيو، مختاران مائيءَ جيان پنهنجي مايوسي، غم ۽ شرم کي همت ۽ طاقت ۾ بدلائي ۽ انهيءَ ڏاڍ جو مقابلو ڪري، ته نه فقط هوءَ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري پنهنجي تعليم جاري رکي سگهي ٿي، پر پنهنجي شهر کپري توڙي سڄي سنڌ جي نياڻين لاءِ همت ۽ جرئت جي علامت بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن اهڙو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۽ سنڌي ميڊيا پڪ سان سندس ڀرپور ساٿ ڏيندي.
    سنڌ جي جڳ مشهور ترقي پسند ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ ڪاوش دنيا ميگزين جي 10 آڪٽوبر واري شماري ۾ لکيو آهي ته، ”زينب جي چاچي صحافين کي ٻڌايو آهي ته، اسان جي مرشد پير سائين پاڳاري حڪم ڪيو هو ته اسان پنهنجي نياڻين کي پڙهايون“. پير سائين پاڳارو اسان جي ملڪ انتهائي بااثر شخصيت آهي. سندس ئي حڪم تي پنهنجي نياڻيءَ کي تعليم ڏياريندڙ هڪ مريد جي هن نياڻي زينب سان ٿيل ظلم ۽ بربريت تي پير سائينءَ کي تحرڪ وٺڻ گهرجي. جيئن زينب سندس حڪم جي ٻيهر بجا آوري ڪندي وري اسڪول وڃي سگهي. مان ترقي پسند سوچ رکندڙ ڏاهي ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي ان خيال سان سئو سيڪڙو متفق آهيان ته، زينب ڀيو سان زيادتي ڪندڙ وحشين، جيڪي ميڊيا آڏو پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري چڪا آهن، کي جاءِ واردات تي آڻي سرعام ڦاسي ڏني وڃي، يا کين فائرنگ اسڪواڊ سامهون بيهاري سندن سينو پروڻ ڪيو وڃي.
    پنجاب جي مختاران مائيءَ جيان زينب ڀيو، سنڌ جي نياڻين لاءِ همت ۽ جرئت جي علامت بڻجي اڀري سگهي ٿي، فقط ساڻس انصاف ڪرڻ ۽ سندس مٿي تي هٿ رکڻ جي ضرورت آهي. هن سلسلي ۾ انساني حقن ۽ عورتن جي حقن جي تنظيمن توڙي حڪومت کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. عدالتون به تڪڙو انصاف ڏئي زينب کي مايوسيءَ جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي سگهن ٿيون. چيف جسٽس صاحب کي به نهايت ادب ۽ احترام سان گذارش ڪجي ٿي ته هن ڪيس جو هو پاڻ مرادو نوٽيس وٺي. ساڳئي وقت زينب ڀيو جي والدين کي به ڪنهن دٻاءَ تحت، ڪنهن به جرڳائي ۽ راڄوڻي فيصلي کان بچڻ گهرجي. زينب جي حوالي سان کپري جي شهرين تي به وڏي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهي زينب ڏانهن ايندڙ ڪنهن طنز جي نظر ۽ جملي جي تير کي روڪي، انهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي ڇڏين، جيئن سندن شهر جهالت جي اونداهيءَ کان بچي سگهي.
    ۽ او زينب....! اڄ تون اهو عزم ڪر ته توکي غم ۽ شرم کي طاقت ۽ جرئت ۾ بدلائي، مايوسين جي اونداهين غفائن ۾ گم ٿيڻ بجاءِ، زندگيءَ جي آسمان تي هڪ ستارو (Star) ٿي چمڪڻو آهي ۽ سنڌ جي نياڻين لاءِ همت جو مثال بڻجڻو آهي.

    کپرو جي زينب ڀيو جي لڄ لٽيندڙ کي سزا ڪير ڏيندو​

    طالب حسين شر
    سنڌ ڌرتي جيڪا سرسبز ۽ شاداب رهڻ سان گڏ سنڌ جي ماروئڙن لاءِ هميشه سک ۽ سونهن سان ڀريل رهي آهي جنهن کي وادي مهراڻ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو پر هن سنڌ ڌرتي جي مائرن ۽ ڀينرن سان نه ڄاڻي ڪهڙي ويڌن ٿيڻ لڳي آهي جن کي ڪنهن زمين جي ٽڪري تان تڪراري بڻائي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ کين قتل ڪري اڇي کير جهڙي ڌرتي تي رت جي راند کيڏي وڃي ٿي ان رت جي راند تي انتظاميا صرف جوابدارن جي ڳولا ڪري ٿاڻي ۾ لاڪپ ڪري ڪجهه ڏوڪڙن عيوض انهن جوابدارن کي آزاد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي پر تازو کپرو ۾ جيڪو ميٽرڪ جي شاگردياڻي زينب ڀيو سان واقعو پيش آيو آهي جيڪو هڪ درد جي ڪٿا ۽ لڱ ڪانڊريندڙ واقعو آهي جيڪو اهو ثابت ڪري ٿو ته شايد انهن جوابدارن جي ڪا به ماءُ ڀيڻ، زال نه آهي پر جڏهن انهن اهو واقعو ڪري پنهنجي پاڻ کي شرم کان بي حياع ڪيو آهي ته ان مان اندازو اهو ٿئي ٿو ته انهن ۾ غيرت جو نالو نه آهي جيڪڏهن انهن هڪ ماءُ ڀيڻ جي لڄ جي غيرت هجي ها ته اهي ڪڏهن به اهڙي ڪريل حرڪت نه ڪري سگهن ها پر انهن وٽ شايد پنهنجي مائرن ڀينرن لاءِ به ڪا عزت نه آهي اهڙِن جوابدارن جي کپرو پوليس پٺڀرائي ڪندي وڏي رشوت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪاريهر نانگ وانگر سامهون بيٺل آهي ته ساڳئي روايت برقرار رکڻ ڊي اي او سانگهڙ پڻ جوابدار ڌر جو ساٿ ڏيندي معصوم نياڻي جو ڪيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ کيس اسڪول مان خارج ڪرڻ ۽ مسلسل غير حاضر ڪري ڇڏيو آهي ڇا انهن پوليس عملدارن ۽ انهن تعليم آفيسرن کي جوابدارن سان همدردي ڇو آهي جن کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي پر هاڻي ته کپرو جا اهي وڏيرا جيڪا شروع کان ويندي آخر تائين ان معصوم نياڻي کان همدردي طور در تي لڙي اچڻ به پسند نه ڪيو هاڻي اهي ان معصوم نياڻي جي لوئي لڄ جا محافظ بڻجي وارثن کي جوابدار ڌر سان ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن اها ڪهڙي روايت آهي. جتي سنڌ جي نياڻي سان ظلم ٿئي اتي قانون خاموش ٿي وڃي ۽ وڏيري شاهي پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ جوابدارن جو ساٿ ڏئي کين بخش ڏوهه ڪري ڇڏين هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا قانون جا محافظ هن معصوم نياڻي سان انصاف ڪري انهن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ڏيارڻ ۾ ڪيترو ڪردار ٿا ادا ڪن جيڪڏهن اهڙا جوابدار اهڙين ڏوهن جي سزا کان بچي ويندا ته هميشه لاءِ سنڌ جي نياڻين سان اهڙا ظلم ٿيندا رهندا جنهن لاءِ انهن قانون جي رکوالن ، وڏيرن اسميبلي ميمبرن کي گهرجي ته اهڙن وحشين جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ۾ هن معصوم نياڻي جو ساٿ ڏين ته جيئن اها ڪجهه ڪنڌ کڻ جهڙي ٿي سگهي.

    http://www.youtube.com/watch?v=RtodkQacP08
    http://www.youtube.com/watch?v=fP0IdK9C-uY
    http://www.youtube.com/watch?v=88BaNDUNz18
    http://www.youtube.com/watch?v=a55EDEUi_PA
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زينب ڀيو کي سنڌ جي مختاران مائي بڻجڻ گهرجي!

    ادا مختاران مائي جي مثال ته اوهان ڏيو ٿا، پر مختاران مائي ته پنجاب جي هئي ان ڪري ان جي پٺڀرائي ٿي، اسان جي سنڌ ۾ هزارين زينب ڀيو آهن جن جي پٺڀرائي ڪرڻ وارو ڪير نه‌آهي۔ اين جي اوز ته اونئين ئي نالي ۾ آهن، سنڌين جي ترقيءَ‌لاءِ ڪم ڪندڙ‌پارٽيون پنهنجو مفاد ڳولينديون۔۔ ميڊيا پنهنجي مشهوريءَ‌لاءِ وقتي ڪوريج ڏيندي، سياستدان سندس مٿي تي هٿ رکي وقتي طور تي پنهنجي سياست چمڪائيندا پر ڳالهه اها ئي ساڳي بيهندي ته جيئن پهرين ٿيندو آيو آهي۔ ڏوهارين کي وقتي طور جيل جي ڪوٺين ۾ موڪليندا ۽ ان کان پوءِ‌ڪجهه عرصي ۾ اهي آزاد ٿي وري ڪنهن ٻي نياڻي جي عزت لڄائيندا۔ اسان جي حڪمرانن کي گهرجي ته ايران ۽ سعودي عرب جهڙو قانون رائج ڪن۔ ايران ۾ زنا جي سزا سرِعام ڦاسي آهي جنهن کان پوءِ ڪو ٻيو ظالم ماڻهو اهڙو عمل ڪرڻ‌کان پهرين سوين مرتبا سوچيندو۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: زينب ڀيو کي سنڌ جي مختاران مائي بڻجڻ گهرجي!

    ادا توهان سڀ ڳالهيون سچ لکيون آهن​
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: زينب ڀيو کي سنڌ جي مختاران مائي بڻجڻ گهرجي!

    ها واقعي توهان جي ڳالهه صحيع آهي.
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو