• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بي تُڪي ۽ بي وزني شاعري

نثارناز

سينيئر رڪن
دوستو هي بي تُڪي ۽ بي وزني شاعري لکي اندر کي ٺاريو اٿم ڏسون ٿا توهان جي جيرانڊيءَ ۾ ٿڌاڻ ٿئي ٿي يا نه .....................................................................

bji.gif
 
سائين محترم نثار صاحب اوهان کي شايد خبر هجي ته جڏهن بجلي وارن جي پويان هڙتالون ڪيون وينديون آهن تڏهن به هنن جو ڳَنُ ڪهاڙي ساڳيو هوندو آهي۔۔۔ باقي انهي مان اهو ثابت ٿيندو آهي ته هاڻي پاڻ ترقي جي دور ۾ آهيون ڇو جو اڄڪلهه ٽيڪنالوجي جو دور آهي۔۔۔ اسان انهي جي پريڪٽس پيا ڪيون، اهو اسانجو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ 24 ڪلاڪن مان 18 ڪلاڪ بجلي غائب هوندي آهي۔۔۔۔ ٻيو ته ڪو اهڙو ملڪ ڪارنامو سر انجام ڏيئي۔۔۔۔

باقي سائين وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو۔۔۔۔۔۔
 
lajwab-sharingshabash
واقعا سائين تمام بهترين شاعري آهي
سائين اڳ ۾ چوندا هئا سين ته24 ڪلاڪن ۾ هيترا ڪلاڪ بجلي وئي هاڻي چئون ٿا 24 ڪلاڪن ۾ هيترا ڪلاڪ بجلي هئي
 
ادا نثار ناز،
حق موجود
ادا سائين انکي چوندا آهن حقيقي ۽ وقتائتو اعلان، جڏهن سماج ۾ ظلم جي ڪا هلڪي به حرڪت ٿيندي آهي ته سجاڳ انسان انکي پڪڙي وجهندو آهي ۽ ٻين کي به ان جي خبر ڏيندي ان ڳالهه تي آماده ڪندو آهي ته ظلم جي خلاف جهاد ٿئي ... پر ... هي حڪمران ته اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا آهن ... سندن دلين تي لالچ جون مهرون لڳل آهن سي ڪٿي ٿا تو اسانجي تڪليف تي ڪن ڌرن ...

واڳ ڌڻيءَ وس ...

الله اوهانکي امان ۾ رکي
 
ادا زاهد جڏهن کان مُنهنجي هي بي تُڪي ۽ بي وزني شاعري شايع ٿي آهي، تڏهن الله سائين جي قدرت سان اسان جي شهر مان بجلي ڪونه پئي وئي مون محسوس پي ڪيو ته چور چوري کان ڀلي وڃن پر هيرا ڦيري کان ڪونه ويندا ٻه ڏينهن مڪمل بجلي هُئي ڪالهه رات بجلي وارن تقريبن پوري پاڪستان جي بجلي شام جو 6 وڳي کان گم ڪئي هُئي ۽ اها بجلي اڄ صُبح جو ساڍي يارهين وڳي آئي هُئي. بهرحال توهان جي مهرباني جو توهان کي اها بي وزني شاعري پسند آئي.
 
lajwab-sharingshabash
واقعا سائين تمام بهترين شاعري آهي
سائين اڳ ۾ چوندا هئا سين ته24 ڪلاڪن ۾ هيترا ڪلاڪ بجلي وئي هاڻي چئون ٿا 24 ڪلاڪن ۾ هيترا ڪلاڪ بجلي هئي
ادا عظيم توهان سورهان آنا سچ ٿا چئو. مطلب ته مون واري بي تُڪي شاعري توهان کي به پسند آئي. لک لائق ادا
 
ادا نثار ناز،
حق موجود
ادا سائين انکي چوندا آهن حقيقي ۽ وقتائتو اعلان، جڏهن سماج ۾ ظلم جي ڪا هلڪي به حرڪت ٿيندي آهي ته سجاڳ انسان انکي پڪڙي وجهندو آهي ۽ ٻين کي به ان جي خبر ڏيندي ان ڳالهه تي آماده ڪندو آهي ته ظلم جي خلاف جهاد ٿئي ... پر ... هي حڪمران ته اکين کان انڌا ۽ ڪنن کان ٻوڙا آهن ... سندن دلين تي لالچ جون مهرون لڳل آهن سي ڪٿي ٿا تو اسانجي تڪليف تي ڪن ڌرن ...

واڳ ڌڻيءَ وس ...

الله اوهانکي امان ۾ رکي
ادا نثار بجلي ته هڪڙو مسئلو آهي اسان جڏهن ٿا نظر ڪريون، بس ٻي نمبر وارو ڪاروبار تمام ايمانداري سان هلي رهيو آهي. بجلي ناهي، پاڻي ناهي، گيس ناهي، روٽي ناهي ، ڪپڙو ناهي، مڪان ناهي، توهان مونکي دعائون ڏنيون مهرباني سائين
 
توهان جي هي تحرير اچڻ کان پوءِ بجلي جي اک ٻوٽ ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿي ته مون ائين لڳو جهڙوڪ سنڌ سلامت تي ڪو واپڊا ۾ ڊيوٽي ڪندڙ رڪن پڻ موجود آهي ۽ توهان جي تحرير پڙهي اسان لاءِ هلڪو هٿ رکيو اٿس ...
پر ڪالهه کان پوري ڪراچي ۾ اصل باهه ٻري پئي آهي گرمي به انتها جي ۽ بجلي به غائب ...
خبر پئي ته ڄامشورو ٿرمل هائوس ۾ ڪو ٽيڪنيڪل فالٽ ٿي پيو آهي...
دعا ڪريو ته ڪو جلد حل نڪري....
 
ادا بلڪل سچ ٿا چئو. مونکي به ايئن ئي لڳو آهي ته ڪجهه نه ڪجهه ته آهي.
 
Back
Top