اڄ ادا احمد سومرو جي فيس بوڪ پروفائيل جي ڦيري ڀرڻ جو اتفاق ٿيو۔۔۔۔ تصويرن ۾ هي تصوير به نظر آئي ۔۔۔۔ ڪافي دوستن اهڙي ڪم تي سرهائي محسوس ڪندي کين همت افزائي ڏني۔۔ سنڌ سلامت پليٽ فارم تان به مڙني رڪنن طرفان کين سنڌي ٻولي جي ٽيڪنيڪل خدمت ڪرڻ ۽ هڪ لاجواب پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ تي مبارڪ۔۔۔ هتي دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته ادا احمد سومرو مهمان طور سنڌ سلامت فورم جو ڦيرو ڀريندو رهندو آهي۔۔۔ سندن فورم بهترين لفظ فيڊ بيڪ طور پڻ آيا آهن۔۔۔ کين کي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت فورم جوائين ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي۔۔۔۔
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ بلڪل صحيح پيا چئو ادا۔۔ تمام بهترين پراجيڪٽ آهي ۽ اميد ٿو ڪريان ته سنڌي ٻوليءَجي ڊجيٽل ٿيڻ بعد ان کي هر پليٽ فارم تي سهولت سان استعمال ڪري سگهبو، ڇو ته جهڙي طرح گوگل ۾ ويب سائيٽ جو انگلش کان عربي، فرينچ جهڙي ٻولين ۾ ترجمو ٿئي ٿو اهڙي طرح هن پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ بعد انشاءَالله سنڌي ٻوليءَ۾ به ترجمو ٿي ويندو۔۔ سائين احمد سومرو کي اهڙي پراجيڪٽ شروع ڪرڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد۔۔
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ تمام بهترين ڪوششون آهن دوستن جون الله کين آباد ڪري اهڙي معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي سدائين گڏ
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين تمام بهترين ڪم آهي ان ڪم جي سخت ضرورت پڻ آهي دعا آهي ته الله تعالى کين جلد ڪاميابي عطا فرمائي.
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌي ٻولي کي زنده رکڻ ۽ ان جي ترقي لاء ڪيل هي ڪوشش تاريخ ۾ ياد رهندي۔ دعا آهي ته هن ڪم ۾ دوستن کي ڪاميابي ملي۔ مان اڳ ۾ به عرض ڪيو هو ۽ وري به ڪندس ادا رشيد، عامر ضياء ۽ ڦلپوٽي جهڙي دوستن کي به ڪجه سنڏي پروجيڪٽس تي ڪم ڪري سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان ڪجه نيون شيون متعارف ڪرائڻ گهرجن۔ اسان جو ساٿ انشاء الله اوهان سان قائم ۽ دائم رهندو۔
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ بيشڪ احمد سومري صاحب جي هي ڪاوش سنڌي ٻولي لئه هڪ انقلابي حيثيت رکي ٿي جنهن سان اسين انگريزي ٻولي ۾ موجود تمام علمن جو باآساني سان ترجمو حاصل ڪري سگهنداسون ۽ ان انقلابي نواڻ سان اسانکي ٻين مشيني ڪمن ۾ پڻ فائدو ٿيندو ۔۔۔ ۽ اسانجا نوجوان جيڪي هر وقت اردو ۾ ۽ ٻين ٻولين ۾ هڪٻئي کي پيغام موڪلن ٿا سي سنڌي ۾ پيغام موڪلي سگهندا ۽ ان ٻين ٻولين واري هڪ هٽي کان نجات ملندي ۔۔۔ اسانجي دوست احمد سومري ساهتا جي اپيل ڪئي آهي، هن فورم ذريعي اسانجو سوال آهي ته اسين ڪهڙي قسم جي ساهتا ڪري سگهونٿا،؟ ان طرف جي ڪا رهنمائي ٿئي ته هوند پنهنجي پنهنجي وس آهر اسين به سندن هٿ ونڊائي سگهون ۔۔۔ ادي احمد سومري کي گذارش آهي ته هو هن اوطاق تي اچي سنڌ سلامت جي دوستن کي پنهنجي ڪم کان آگاهه ڪري ۽ اسانجي رهنمائي ڪري ته ٿورا ناهن ٿوار، مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ سلام آهي انهن سنڌ ڄاون کي جيڪي پنهنجي پنهنجي وس آهر پنهنجو صلاحيتون سنڌ ۽ سنڌيت لئه استعمال ڪن پيا ۔۔۔ رب العالمين کين سلامت رکي ۽ سندن همٿ عطا ڪري ته هو اڳ کان اڳرا ٿي قوم جي ڀلائي جا ڪم ڪري سگهن ۔۔۔ آمين :-bd \/ :x ۔۔۔۔۔=D>
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا تمام بهترين ڪوشش آهي خاص ڪري منهنجي لاء مان ڪا به انگريزي ۾ ويب سائيٽ ڏسندو آهيان ته ان کي ڏسڻ بنا بند ڪري ڇڏيندو آهيان.
سنڌيءَ ٻولي لاءِ مشيني ترجمي جو نظام مون کي ڌاڍي خوشي تئي جڏهن هي اشتهار پڙهيم.تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهن سنڌين لاءِ.مان به اهيو ئي چاهيان پيو
جواب: سنڌيءَ ٻولي لاءِ مشيني ترجمي جو نظام اها اسان سڀني جي دل جي خواهش آهي، ۽ مونکي فخر محسوس ٿيندو جو احمد سومرو جيڪڏهن هي اهو احمد سومرو آهي جيڪو فيسبڪ تي ايڪٽو آهي ته ان هونهار شاگرد جو آءُ استاد رهيو آهيان ۔۔۔ منهنجو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿي ويندو ۔۔۔ ۽ کيس پاڻ وڃي سلام ڪندس ۔۔۔ هونءَ شاگرد استادن کي سلام ڪندا آهن پر اڄ هڪ استاد وڃي شاگرد کي سلام ڪندو ۔۔۔ جيڪڏهن اهو ڪم ٿي ويو ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ادب هر ڏينهن ترقيءَ جون منزلون طع ڪندو ۔۔۔ انتظار رهندو ان سوفٽويئر جو۔ دل خوش ڪندڙ خبر تي فاروق کي مٿي تي چميون
جواب: سنڌيءَ ٻولي لاءِ مشيني ترجمي جو نظام ادا فاروق هڪ ته تصوير نظر ڪانه ٿي اچي۔۔۔ ٻيو ته ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان ٻئي ڪنهن سنڌي فورم کلي ٿو اچي جيڪو رجسٽريشن به گهري ٿو۔۔۔ ٻيلي اهو ڪم ته ڏاڍو ڏکيو آهي، اوهان هت ان پروجيڪٽ بابت جامع معلومات ڏيو ها ته واھ واھ ٿي ويندي۔۔۔ باقي في الحال اسان کي ڪجھ سمٍجھ ۾ ڪونه ٿو اچي۔۔۔
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ هن پروجيڪٽ جي حوالي سان ادا احمد سومرو جن سان منهنجي تفصيلي گفتگو ٿي هئي۔۔۔ جنهن کان پوءِ خبر پئي ته جنهن ڪمپني جي سپورٽ سان هن پروجيڪٽ تي ڪم هلي رهيو هو اها ڪمپني ختم ڪئي وئي آهي۔۔۔ ان ڪري افسوس جو ٻين روايتي پروجيڪٽن وانگر هي پروجيڪٽ پڻ اڌ ۾ رهجي ويو۔۔۔ ۽ شايد هاڻي ان جو پورو ٿيڻ ممڪن نه رهي۔۔۔
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين رشيد صاحب اوهان جا لک لائق جو ادا فاروق جي موضوع ۽ منهنجي تحرير کي هن ڌاڳي ۾ ڳنڍي ساري ڪنفيوزن ئي دور ڪري ڇڏي۔ شايد هي پروجيڪٽ به ڪنهن باهمت سنڌ سلامت جو منتظر آهي۔۔۔۔
جواب: ترقيء جي سفر ڏانهن هڪ نئين وک۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا سائين تمام بهترين ڪوشش آهي انشا الله ڪاميابي انهن جا قدم چمندي۔۔
اسان جو دعائون اوهان سان گڏ آهن انشاالله مالڪ سائين بهتر ڪندو۔ جڏهن به سافٽويئر مڪمل ٿئي ته انفارم ضرور ڪجو۔ مهرباني
او منهنجا ڏاها سنڌي دوستو افسوس اهي قومون ڪنديون آهن جن وٽ شعوري سگهه مورڳو نه هوندي آهي، اوهان جهڙن با صلاحيت دوستن سڄڻن، ساڃاهه وندن جي هوندي افسوس ڪرڻ نه ٿو جڳائي، منهنجا سائين اوهان سائين جن سان رانطو ڪري اهو فارميٽ هٿ ڪيو پو سنڌ سلامت جي سٿ ۾ جيڪي ڪمپيوٽر انجنيئر آهن انهن جي صلاح مشوري ڪريو ٿي سگهي ڪو حل نڪري پوي ۽ هي انقلابي ڪم سنڌ سلامت جي حصي ۾ اچي وڃي۔ مان دعا ٿو ڪيان ته هن پراجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لا ڪو نه ڪو اهڙو جوڌو ميدان ۾ اچي ويندو۔ آمين