توانائي (بجلي) جي کوٽ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    توانائيءَ جي کوٽ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

    ڪالم نگار: محمد ادريس راجپوت

    پاڪستان ۾ هينئر بجلي جي وڏي کوٽ آهي، اڪثر ماڻهو پنهنجي ڪاوڙ ۽ تڪليف جو اظهار لوڊشيڊنگ خلاف ٽائر ساڙي، مظاهرا ڪري ۽ واپڊا ۽ ڪي اي ايس سي عملي تي تشدد ڪري ڪندا رهن ٿا. لوڊشيڊنگ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. فيڪٽريون ۽ ڪارخانا شفٽن ۾ ڪم هلائي نه پيا سگهن، جنهن ڪري مال گهٽ ٺهي ٿو ۽ ڪن هنڌن تي اسٽاف گهٽايو وڃي ٿو، ۽ ڪيترائي ماڻهو بي روزگار ٿين ٿا. شاگردن جي پڙهائي تي به خراب اثر پوي ٿو، خاص طور امتحانن واري وقت ۾ ته بجلي نه هئڻ آزار بڻيل آهي. ڪاروبار تي اثر پوي ٿو. سرڪاري ڪم ڪار رلي وڃن ٿا. ماڻهن ۾ بيزاري وڌي وڃي ٿي. مطلب ته زندگي جو ڪو به اِهڙو شعبو ناهي جتي لوڊشيڊنگ جو اثر نٿو ٿئي.

    لوڊ شيڊنگ ڇو ٿي ٿئي؟:

    اهو سمجهڻ ڏکيو ناهي. جيئن ته مسئلو فقط ڊمانڊ يعني گهرج، ۽ سپلاءِ يعني فراهمي جو آهي. بجليءَ جي گهرج گهڻي آهي ۽ فراهمي گهٽ، سو فراهمي ۾ ڪٽوتي، يعني لوڊشيڊنگ اڻٽر آهي. اهو سمجهڻ لاءِ کاڌي جي شين جي راشننگ جو مثال کڻي سگهجي ٿو. جڏهن ملڪ ۾ اٽي يا کنڊ جي کوٽ هجي ٿي، يعني انهن شين جي گهرج جي ڀيٽ ۾ فراهمي گهٽ هجي ٿي، ته ”Rationing“ ڪرڻي پوي ٿي. اهو صورتحال کي منهن ڏيڻ جو هڪ وقتي اُپاءُ آهي. جيئن ئي انهن شين جي سپلاءِ وڌي گهرج جيتري ٿي وڃي ٿي، ته اهو عارضي اُپاءُ ختم ٿي وڃي ٿو. لوڊشيڊنگ جو قصو به ساڳيو آهي.

    لوڊشيڊنگ جو سبب:

    لوڊشيڊنگ جو مک ڪارڻ نامناسب منصوبابندي آهي. اسان جي آبادي وڌي رهي آهي. ان وڌندڙ آباديءَ لاءِ کاڌ خوراڪ، ڪپڙا، اجهو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون کپن. فيڪٽريون ۽ ڪارخانا ڪپڙا ۽ ٻيون انيڪ زندگيءَ لاءِ گهربل شيون ٺاهين ٿا. وڌندڙ پيداواري گهرج لاءِ واڌو بجلي گهرجي، جو ڪارخانا ۽ فيڪٽريون بجلي تي هلن ٿيون. اسان کي مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکي هر سال وڌيڪ بجلي گهرجي. جيڪڏهن مناسب منصوبابندي ڪجي ۽ بجلي اسان جي هر سال وڌندڙ گهرج مطابق پيدا ڪجي، ته بجلي جي کوٽ نه ٿيندي ۽ لوڊشيڊنگ جي به ضرورت نه ٿيندي. بجلي کوٽ لوڊشيڊنگ جو ٻيو مک ڪارڻ بجلي پيدا ڪندڙ ذريعن جي غلط ترجيح بندي آهي. بجلي ڪنهن شيءِ مان پيدا ڪجي ٿي، جيئن تيل، ڪوئلو، گيس، پاڻي، ايٽمي ٻارڻ، سج، هوا، زميني گرمي (Geo Thermal) ۽ ٻيا ڪيترا متبادل ذريعا. هر ملڪ گهڻي ۾ گهڻي بجلي اُنهن وسيلن مان پيدا ڪري ٿو، جيڪي ان ملڪ جا پنهنجا هجن ٿا. سعودي عرب ۾ تيل جام آهي، تنهنڪري اتي بجلي تيل مان پيدا ڪبي آهي. ڪن ملڪن ۾ هڪ کان وڌيڪ وسيلن مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي. جن ملڪن ۾ بجلي مقامي ذريعن مان پيدا ٿيندڙ بجلي کان وڌيڪ گهرجي ٿي، اُهي ٻين ملڪن مان بجلي پيدا ڪرڻ وارا وسيلا گهرائين ٿا. اهي شيون گهڻو ڪري تيل، ڪوئلي يا گيس جي شڪل ۾ هجن ٿيون. مختلف ذريعن مان پيدا ٿيندڙ بجلي کي توانائي مڪس (Energy Mix) چئجي ٿو. انهي توانائي مڪس مان وڌ ۾ وڌ بجلي اُنهيءَ شيءَ مان پيدا ڪجي ٿي، جيڪا ديسي هجي، ججهي هجي، ڀاڙڻ جوڳي هجي ۽ سستي هجي. دنيا جي ڪجهه مشهور ۽ وڏن ملڪن ۾ اهو توانائي مڪس ڪجهه هن طرح آهي. آمريڪا ۾ ڪوئلي مان 23 سيڪڙو، ايٽمي ٻارڻ ۽ پاڻي مان 14 سيڪڙو، گيس مان 23 سيڪڙو ۽ تيل مان 40 سيڪڙو بجلي پيدا ڪجي ٿي. چين ۾ ڪوئلي مان 67 سيڪڙو ، گيس مان 2.6 سيڪڙو، تيل مان 23.8 سيڪڙو ۽ باقي 6.6 سيڪڙو بجلي ٻين متبادل ذريعن مان پيدا ڪجي ٿي. هندستان ۾ ڪوئلي مان 55 سيڪڙو، گيس مان 10 سيڪڙو، پاڻيءَ مان 26 سيڪڙو ۽ ايٽمي ٻارڻ مان 3 سيڪڙو ۽ باقي بجلي ٻين متبادل ذريعن مان پيدا ڪجي ٿي. سڄي دنيا لاءِ سال 2004ع جي انگن اکرن مطابق وڌ ۾ وڌ بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪئي ويئي، جنهن جي شرح 48.7 سيڪڙو هئي. ٻيو نمبر ايٽمي ٻارڻ مان پيدا ڪئي ويئي، جنهن جي شرح 19.6 هئي. ٽيون نمبر قدرتي گيس آهي، جنهن مان 17.7 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي ويئي. چوٿون نمبر پاڻي آهي، جنهن مان 6.8 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي ويئي. پنجون نمبر تيل آهي، جنهن مان 3.1 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي ويئي، باقي 4.7 سيڪڙو بجلي ٻين متبادل ذريعن جهڙوڪ سج، هوا، زميني گرمي وغير مان پيدا ڪئي ويئي. پاڪستان ۾ اها 7 سيڪڙو ڪوئلي مان، 50 سيڪڙو گيس مان، 28.4 سيڪڙو تيل مان، 12.7 سيڪڙو پاڻيءَ مان، هڪ سيڪڙو ايٽمي ٻارڻ مان ۽ باقي 0.9 سيڪڙو بين متبادل ذريعن مان پيدا ڪئي ويئي.

    لوڊ شيڊنگ جو تدارڪ ڪيئن ٿي سگهي ٿو:

    اسان جي بجلي پيدا ڪرڻ جي حڪمت عملي ۾ بنيادي غلطي اُها آهي ته پنهنجي ديسي ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ بدران اسان تيل تي ڀاڙي ويٺا آهيون. تيل جو مسئلو اهو آهي ته اهو غير ملڪي يا ٻاهريون ذريعو آهي. ان جي برآمد تي اسان جو قيمتي پرڏيهي ناڻو خرچ ٿئي ٿو. ان جي سپلاءِ تي ڀاڙي به نٿو سگهجي. ان جي في بيرل قيمت ۾ لاٿ يا چاڙهه جو پتو نٿو پوي. معلوم ٿيو ته اهو هڪ مهانگو ۽ ناقابل اعتبار ذريعو آهي. قدرتي گيس اسان جو ديسي ذريعو آهي، پر ان جي قيمت اسان جي ٻين ديسي ذريعن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي، ۽ ان جي خريداري لاءِ ٻاهريون ناڻو خرچ ڪرڻو پوندو. وري ڪنهن مقامي گڙ ٻڙ ڪري، ان جي سپلاءِ تي اثر پئجي سگهي ٿو. پاڻي اسان جو مقامي يا ديسي ذريعو اهي. اهو بجلي پيدا ڪرڻ جو سستي ۾ سستو ذريعو آهي، پر پاڻي وارن ذريعن ۾ مامرا اُٿن ٿا. جڏهن ڪنهن به وڏي ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪيو ٿو وڃي. ”رَن آف رِوَر“ منصوبن جو تمام گهڻو اسڪوپ آهي. انهن ۾ پاڻي ذخيرو نٿو ڪيو وڃي. غازي بروٿا هڪ اهڙو ئي منصوبو آهي. ٻيو هلندڙ منصوبو نيلم–جهلم وارو آهي. اهڙا ٻيا منصوبا، جن مان تمام گهڻي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. سي آهن، بُنجي (5400 MW)، داسو (3712 MW )، ٽنگس (625 MW )، يلبو (710 MW)، راڻي ڪوٽ (670 MW )، پتڻ (1172 MW )، ٿا ڪوٽ (1043 MW )، ڊويار(425 MW).

    جيتوڻيڪ پن بجلي سڀني کان سستي آهي، اها سڄو سال ساڳئي مقدار ۾ نٿي ملي. سياري ۾ جڏهن ڊيمن ۾ پاڻي گهٽجي وڃي ٿو ۽ درياهن جا وهڪرا گهٽجي وڃن ٿا، پن بجلي جي پيداوار گهڻي گهٽجي وڃي ٿي. گذريل ربيع ۾ ان جو تجربو ٿي چڪو آهي، جڏهن تمام گهڻي لوڊشيڊنگ ان ڪري ڪرڻي پئي ته ڊيم خالي ٿي ويا ۽ درياهن جا وهڪرا پنهنجي تمام هيٺين سطح تي پهچي ويا.

    سڀني کان اهم ديسي ذريعو، جنهن کي استعمال نه ڪيو ويو آهي، سو آهي ڪوئلو. جڏهن دنيا جا ٻيا ملڪ ان مان تمام گهڻي بجلي پيدا ڪري رهيا آهن، اسان انهيءَ تي سُتا پيا آهيون. هر ڪنهن کي خبر آهي ته اسان وٽ ٿر ۾ اٽڪل 175 ارب ٽن ڪوئلو پوريل آهي. چون ٿا ته اهو دنيا جو ستين (7) نمبر جو وڏو ڪوئلي جو ذخيرو آهي. جيڪو آمريڪن جيالاجيڪل سروي وارن جي مدد سان لڌو ويو. ان کي هينئر تائين انهيءَ ڪري ترقي نه وٺرائي ويئي، جو ڪيتريون ئي مفاد پرست لابيون اهو نٿيون چاهين ته اهو ترقي وٺي. هڪڙي تيل واري لابي آهي، جنهن ۾ آئل ڪمپنين، سرڪاري ڪامورن، جهازن جي ڪمپنين جو مفاد آهي. جيڪڏهن ڪوئلو ترقي ڪري ويو ته تيل جو اچڻ گهٽجي ويندو ۽ مفاد پرستن جي وهنوار کي ڌڪ لڳندو. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ٿر ڪول ترقي ڪري ويو ته ڪالاباغ ڊيم پُٺتي هليو ويندو.

    پاڪستان هن وقت اهڙي مرحلي تي پهچي ويو آهي، جتي جيڪڏهن اسان توانائي مڪس ۾ تبديلي نه آندي ته ملڪ جي توانائي واري سلامتي خطري ۾ پئجي ويندي. آئون مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي آمريڪا ۾ 23 سيڪڙو، چين ۾ 67 سيڪڙو آهي، هندستان ۾ 55 سيڪڙو ۽ سڄي دنيا ۾ 48.7 سيڪڙو آهي. جڏهن ته پاڪستان ۾ اها اڃان رڳو 7 سيڪڙو آهي، جنهن مان 6 سيڪڙو ٻاهران گهرايل ڪوئلي مان ۽ رڳو هڪ سيڪڙو ديسي ڪوئلي مان ٺهندي آهي.

    اسان کي بجلي مِڪس ۾ ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي شرح وڌائڻي پوندي ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن اسان ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪنداسين. اهو هڪ ديسي ذريعو آهي، اڻ کٽ آهي ۽ ڀاڙڻ جوڳو ذريعو آهي. معلوم ٿيو ته ٿر جي ڪوئلي کي ترقي وٺرائڻ ۽ ان مان بجلي پيدا ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ توانائي جي سلامتي ممڪن ناهي. ان سان ئي بجلي جي اک ٻوٽ بند ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهو سک جو ساهه کڻي سگهن ٿا.

    مٿين ڳالهين جو تت اهو نڪري ٿو ته پاڪستان جي توانائي جي سلامتي لاءِ اسان کي سستي ۽ تمام گهڻي بجلي گهرجي. سستي بجلي پاڻيءَ مان ۽ تمام گهڻي بجلي ڪوئلي مان پيدا ڪري سگهجي ٿي. پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪراري مامرن کان آجن رَن آف رِوَر منصوبن مان بجلي پيدا ڪرڻي پوندي، ۽ گهڻي ۽ ڀاڙڻ جوڳي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان پيدا ڪري سگهبي. جيڪڏهن انهن ٻنهي ذريعن جي شرح توانائي ۾ وڌايون ته لوڊشيڊنگ مان سدائين لاءِ جان ڇٽي ويندي. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته انهن ذريعن مان بجلي پيدا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ۽ ملڪ کي بجلي جي اکٻوٽ جي آزار کان آجو ڪري.


    روزنامه ڪاوش‌21 آڪٽوبر 2010
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: توانائي (بجلي) جي کوٽ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

    تمام بهترين آرٽيڪل آهي

    پر انهي تي عمل نه ٿئي سگهندو

    سدايئن گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: توانائي (بجلي) جي کوٽ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

    فقير سائين۔۔۔ الله تي آسرو آهي، اميدن جي سهاري دنيا هلي پئي۔۔۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: توانائي (بجلي) جي کوٽ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

    ادا تمام بهترين .
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: توانائي (بجلي) جي کوٽ جو خاتمو ڪيئن ممڪن آهي؟

    ادا مست سائين ادريس صاحب جو ڪالم تفصيلن سان پڙهن کانپوء مٿين سٽن مان خبر ٿي پوي ته اسان پنهنجي ملڪ جو ڪهڙو حشر پيا ڪريون۔ پاڻي کي زراعت لاء استعمال ڪري جي ڪوئلي کي بجلي لاء استعمال ڪجي ته هوند سڀ ڪم سولا ٿي وڃن۔

    پر يار هتي اونڌ لٽ لڳي پئي آ۔ دعا ڪر ته سنڌ جي ڪوئلي جو استعمال سنڌين لاء ٿي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو