آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ساري دنيا جا سنڌي دوستو، ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، اڄ مجاز واري دنيا ۾ هليو ويس، هي نظم تخليق ٿي ويو، مون ڪٿي اڳ ۾ لکيو هو ته ڏات جي ديوي وڏي چِيٽر هوندي اٿوَ، ڀلي اکين ۾ ڳوڙهن جو قطارون هُجن، هو پاڳل ديوي ٽهڪن ۽ مسڪرائڻ جون سٽون لکائي ويندي آهي، ۽ جڏهن من مسڪرائيندو پيو آهي، ان وقت چري ديوي آهن، سُڏڪن ۽ لُڙڪن جون سٽون سرجائي ويندي آهي، پيار يا مجاز واري ٽُٻي هڻڻ تي منهنجي دل ڪونه پئي چاهيو پر ڏات جي ديوي کي ڪو الله پُڄي هي مجاز سان ڀرپور نظم لکائي ويئي آهي۔ توهان کي ڪئين لڳو هي نظم، توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو هميشهه جيان منتظر رهندس
    آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو نظم جي ڪمپيوٽر چترڪارِي​


    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    الاڙي! اصل قهر ڪري وڌو آهي ”ناز“، ۔۔۔ جيتوڻيڪ درياهه جي دهشت اڃان ماروئڙن جي مٿن ۾ آهي پر نثار ناز پنهنجي محبوب کي ان ئي سنڌو درياهه جي ڪنڌيءَ تي يادن جي لهرن ۾ لوڙهي وڌو آهي ۔۔۔ معشوق جو وڇوڙو جڏهن من ۾ مهراڻ ٿي پوندو آهي ته پوءِ جيڪا حالت نيڻن جي ٿيندي آهي سا ته ڪو عاشق ئي ٻڌائي ۔۔۔ باقي سڌڙيا ته اسين سڀ آهيون ۔۔۔

    واه سائين ناز واه ۔۔۔ ڇا ڳالهه ڪجي؟

    تکي/ مڏي ڪاتيءَ سان ڪهڻ جو ڪمال ته ڪي ڪاسائي ڪن پر گيتن سان اندر ۾ چير ڏيڻ ته ڪو ”ناز“ کان سکي ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    سائين نثار ناز اوهان جو مجازي عشق سان ٽمٽار هي دل کي ڇهندڙ نظم ڏاڍو وڻيو۔ سو به سنڌو سان سميٽيل ۔ هر سٽ مان سونهن پئي بَکي۔ مان اڳ ۾ به عرض ڪيو هو ته اوهان جي شاعري فطرت جي تعريف ۽ سونهن سان ڀري پئي آهي۔

    ادا نثار ابڙا صاحب اسان جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌوء سان آهي۔ تنهنڪري مهراڻ جي موجن ۾ معشوق هجي ته پوء ماڻهو نثار ناز بڻجي ٿو وڃي۔


    چمڪي آ چانڊاڻ، مشڪي آهي ماٿري،
    پرڏيهي منهنجو پرين، اِجهو آيو ڄاڻ،
    منهنجو من مهراڻ، ڇولين جيئن ڇُلڪي اُٿيو

    شاه لطيف کان وٺي قمر شهباز ۽ نثار ناز تائين هر شاعر سنڌوء کانسواء پنهنجي شاعري کي پورو ڪونه ٿو سمجهي۔

    کليل تنهنجي چوٽي ڪمر تاڻ هوندي
    مٿان مست موجن ۾ مهراڻ هوندي۔​


    زبردست سائين نثار ناز اوهان کي پڙهي الئي ڇو مونکي اسان جي خيرپور رياست جو عاشق مزاج والي مير علينواز ناز ياد اچي ويندو آهي۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    واه سائين واه تمام بهترين شيئرنگ آهي.
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    چمڪ چنڊ چوڏهينءَ‌جي چانڊاڻ هوندي،
    کليل تنهنجي چوٽي ڪمر تاڻ هوندي،
    مٿان مست موجن ۾ مهراڻ هوندي۔۔۔۔۔


    فقط غم جدائيءَ‌جو همراز هوندو،
    آيو ياد توکي تنهنجو ناز هوندو۔۔۔۔

    سائين نثار ناز صاحب! سائين نثار ابڙو سچ ٿو چوي ۔۔ڇو ٿا مستن جي اندر کي ايڏا جهير ڏيو۔۔۔۔ توهان سچ پڇو ته توهان جي انهن شعرن کي پڙهي اسان الائي جي ڪهڙي دنيا ۾‌پهچي وڃون ٿا۔۔ وري پاڻ کي پاڻ‌چهنڊڙي پائي هن دنيا ۾ واپس‌آڻڻو پوي ٿو ته يار اها دنيا صرف سائين نثار ناز جهڙي مجازي شاعرن لاءِ‌آهي۔۔ تمام گهرائي واري لفظن سان هي شاعري اصل دل ۾‌گهر ڪري وئي آهي۔۔۔

    بس نه پڇو ته اهڙي شاعري کي پڙهي ڪري اسان مستن جي دل تي ڇا ٿي گذري۔۔
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    هڪ ته مان مست، مٿان وري اوهان جي هي شاعري مست۔۔۔ هاڻي مست جي مستي ٻيڻي ٿئي يا نه ٿئي۔۔؟؟؟؟
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    سائين نثار ابڙو يار دل لڳي جي ڳالهه آ، اهو سڀ عشق جو ڪمال آ، جو مهراڻ ڪنڌي تي پرين کي يادگيرن جي ساگر ۾ چرئي ناز کي سمائي ڇڏيم، دل تي هٿ رکي ڳالهه ٻُڌائي سنڌو جو ڪنارو هُجي، پري ڪونه ٿا وڃون ڄامشوري واري المنظر ڪنڌي هُجي جتي سوين پريم ڪهاڻيون پلبيون آهن اتي سڄڻن جا چيلهه تائين وار کليل هُجن، اڪيلائي هُجي اتي لازمي لازمي پنڌ به پڇائبا ۽ پنڇي به اُڏائبا بس اهڙي ڪنهن پس منظر جي لکيل هي ڪويتا جيڪا نظم جي صورت ۾ توهان سان ونڊ ڪئي اٿم، هڪڙي نئين معنى منهنجي هن نظم کي تو اها ڏني ته منهنجا گيت ڪنهن جي اندر ۾ چير ڏين ٿا۔ لک ٿورا
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    مٺا سنڌو اسان جو جياپو آهي، اسان جي هر شاعري سنڌو کي سواءِ اڌوري آهي شاعري ته ڇا پر هر سنڌيءَ جو جياپو سنڌو کان سواءِ مڪمل ناهي۔ ادا سليمان يار مير علي نواز ناز جي شاعري ۽ شخصيت اسان کان تمام تمام گهڻي سگهاري آهي۔ اسان کي ايڏو مٿي تي نه چاڙهه جو لهي به نه سگهون۔ اسان لاءِ اهو ئي ڪافي آهي جو توهان جهڙا ادب دوستن اسان شاعرن جون همت افزايون ڪن ٿا۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    ابول مطلب ته مستن جي دل کي به جهير ٿا پون، اسد يار ٻُڌائي نه ته توهان جي دل تي ڇا ٿي گُذري ، مست يار ڏاهو ٿي هن ئي دنيا ۾ رهو، پاڻ کي چهنڊڙيون نه پائيندو ڪر، تون پهنجي پاڻ کي چهنڊڙي ٿو پائين ته تڪليف خبر ناهي ڇو اسان کي ٿي ٿئي ۔ هوش ڪر مٺا ۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    مهرباني ادا رياض حسين گلال ۔
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    واه سائين ناز واه
     
  12. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: آيو ياد توکي تُنهنجو ”ناز” هوندو (نظم) نثاراحمد ناز

    سائين نثار ناز صاحب هر سٽ دل کي ڇوهندڙ آهي۔
    واکاڻ‌جي لا لفظ ڪو نه پئي مليا۔۔ تمام ذبردست۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو