اڄ انٽرنيٽ تي سنڌي ادبي بورڊ جي ويب تي مهراڻ جا پراڻا رسالا پڙهندي هيٺيون نثري ٽڪرو نظر مان گذريو. جيڪو مونکي ڏاڍو وڻيو. سوچيم ته ڇو نه دوستن سان ونڊ ڪجي : سهڻيءَ جو چُڪيءَ اهڙو چت چريو ڪيو، جو راتيان ڏينهان روح ۾ ريجهه رهاڻ، طلب ۽ تات، شوق ۽ ذوق ۽ خيال، وصل ۽ وصال، نينهن نهال محب ميهار جو. من ميهار سان اهڙو ملي ويس جو وار به وٿي نه رهي، دل ۾ ديرو دوست جو، تصور ۾ تصوير ساهڙ جي، پلڪ وراهو نه سهي، آڌيءَ رات اندر مان سور اڌ مان ڏئي پيا اٿنس. ساهڙ سان، سندس اهڙو ڳنڍ ڳنڍجي ويو ۽ پيوند پئجي ويو، جو فرق ڦير نه رهيو. سهڻي چوي پئي ته منهنجو من ميهار سان منڍ کان مڙهيل آهي، انگ ازل کان لکيل آهي. جڏهن عشق ۽ محبت سهڻيءَ کي حد کان وڌيڪ ٿي ويا، تڏهن سر جو سانگو، تار يا تانگهو، ڪن ۽ ڪڙڪا، اوندهه ۽ نڌاري، نانگ ۽ بلائون، وڄن جا چمڪاٽ، هوا جا سوساٽ، گوڙ ۽ گهمسان، مينهن ۽ طوفان، ننگ ۽ ناموس نظر نه رهيس، سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون، سهنج ۽ سهولتون پيون ڏسڻ ۾ اچنس__غم ۽ الم کي خوشي ۽ خورمي پئي سمجهي، عشق جي اندر ۾ اها ته آڳ ۽ اساٽ لڳل هيس. جنهن جي ڄيري ۽ ڄڀي جا آڙاهه اندر ۾ پئي ٻريس__تنهنڪري ٿي چيائين: سڙان پچان پڄران، لُڇان ۽ لوچان، تن ۾ تونس پرينءَ، جي پييان نه ڍاپان، جي سمنڊ منهن ڏيان، ته سرڪيائي نه ٿئي مٽن مائٽن جا مهڻا سهڻا، لوڪ جا طعنا ۽ تنڪا، ڏک ۽ ڏوراپا، ڏم جو ڏمر، خلق جي خواري، سرتين جون سهمون سر تي سهايائين، پر ميهار جي محبت کي مور نه مٽايائين، وصل ۽ وصال، رمزون ۽ راز، وندر ۽ ورونهه، ريجهه ۽ رهاڻ لاءِ سدائين تيار، ديردار جي دم، ۽ ڪرم، اندر جا غم الم، ميٽي ٿي ڇڏيس. پرينءَ جي پسڻ لاءِ هميشه هوشيار، وقت جي پابند، اوکي ۽ اهنجي جي ڪا پرواهه نه ڪرڻ درياءَ جي دهشت، ڪنن جا ڪڙڪا، لهرين جا لوڏا، تک ۽ تيزي، جهنگ ۽ جهانگي، مرون ۽ مانگر، وڇون ۽ نانگ، مينهن جا وسڪارا طوفانن جا گهوگهاٽ، خواب و خيال ۾ به نه رهيس، سڪ ۽ سوز، عشق ۽ امنگ، طلب ۽ تات اڳيان ٻي ڪابه مشڪلات مقابلو نه ڪري سگهي، جيڪا تڪليف آڏو اچيس پئي، ته چوي پئي ته هيءَ منهنجي قسمت ۾ لکيل هئي، ڪنهن جو قصور ڪونهي، منهنجي ڀاڳ ۾ ڀيلو لکيل هو، تڏهن ڀاڱي آيو ۽ ڀري پيو، ميهار ۽ مائٽن تي ميار مور نه آهي. قول ۽ قرار تي قائم، انجام ۽ اقرار تي دائم، سخن جي سچي، پڪي ۽ پختي، وعدي جي وفادار عزم ۽ استقلال، جرائت ۽ همت سندس شيوو هئا. (ڪتاب ”شاهه جو پيغام“ مصنف: جناب حافظ محمد ”احسن“ چنه)
جواب: سهڻي ميهار (سنڌي نثر مان چونڊ ٽڪرو) ادا وساڻ، تمام سهڻو ٽڪرو ونڊ ڪيو اٿوَ، لطيف جي پيغام کي ڪيترن ئي عالمن ۽ ڏاهن پنهنجي قلم جي روشنيءِ سان نروار ڪري اسان جهڙن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، محمد ”احسن“ چنه صاحب به اهڙي ڪوشش ڪري پاڻ ملهايو آهي ۔۔۔ اوهان پيش ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي ۔۔۔ لطيف جي پيغام ۾ سهڻي به هڪ علامت آهي حقيقت جي راهه تي هلندي جي تڪليفون ۽ ارڏايون سامهون اچن ٿيون انهن سان منهن مقابل ٿيڻ جي ۔۔۔ هلندي هوت پنهل ڏي، کهجن کي کوٽيون ۔۔۔ الله جي رسول جڏهن حقيقت ۽ سچ جي راهه جي تبليغ شروع ڪئي ته سندس زندگي زهر ڪئي وئي، پنهنجن پراون کيس ستائڻ ۽ ڏک ڏيڻ شروع ڪيا، کيس اهڙيون ته ڏاڍايون ڪيون ويون جو هوند عام ماڻهون توبهه ڪري وڃي گوشه نشيني اختيار ڪري ها پر رب جو رسول انهن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، پنهنجن زخمن کي خيال ۾ نه آڻيندي، ماڻهن کي حق ۽ سچ جي طرف رهنمائي ڪندو رهيو ۔۔۔ بلڪ جيئن سهڻي درياهه جي دهشت سان مهاڏو اٽڪائي محبوب تان جان نثار ٿي وئي ۔۔۔۔ بلڪل اهڙي طرح الله جي رسول جي ساٿين به رب جي راهه ۾ ڪفار جي طوفانن جو مقابلو ڪري پنهنجي جان نثار ڪري عشق جي راهه ۾ امر ٿي ويا ۔۔۔ رب العالمين اسان کي به حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ انهيءَ راهه ۾ ايندڙ تڪيلفن کي برداشت ڪرڻ جو حوصلو ۽ صبر عطا ڪري ۔۔۔ آمين