جيجي زرينه بلوچ جو ڏهاڙو

'وڊيو گيت' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اڄ سنڌ جي ڀيڻ، جيجي ۽ سنڌ دوست محترمه زرينه بلوچ جو ڏهاڙو آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي هي نياڻي اسانجي دلين ۾ سمايل ۽ وسيل آهي پر تنهن هوندي به اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪجي ٿو ۔۔۔

    سندس سنڌ لئه ڳايل گيت اسانجي دلين ۾ ولولو ۽ جذبو پئدا ڪنٿا ته وري سنڌ جا سحرا اسانجي جسم ۾ لچڪ پئدا ڪري نچڻ تي مجبور ڪنٿا ۔۔۔ سنڌ جي هن نياڻي سنڌي ادب ۽ لوڪ گيتن کي ايترو ته سهڻو ڳايو جو اڄ به سندس جي مقابلي جو ڪو ڳائڻو پئدا ٿي نه سگهيو آهي ۔۔۔

    سلام سنڌ جي هن ڀيڻ کي ۔۔۔ اچو ته سندس هي يادگار سهرو ٻڌون ۔۔۔

     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جيجي زرينه بلوچ جو ڏهاڙو

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيجي زرينه بلوچ جو ڏهاڙو

    جيجي۔

    جنهن کي سموري سنڌ جيجي سڏيندي هئي۔ سندس لکيل ڪهاڻي جيجي جي ڪري پاڻ هميشه لاء سموري سنڌ جي جيجي بڻجي وئي۔ سندس آواز جو جادو ۽ مٺاس ٻڌندڙن کي موهي وجهندو هو۔

    شيخ اياز جا چيل گيت ۽ خاص ڪري علڻ فقير سان جوڙي م ڳايل ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل ته رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا۔

    سندس وفات 25 آڪٽوبر 2005 تي ٿي پر سندس آواز صدين تائين زنده رهندو۔

    مهرباني سائين نثار جو اوهان ماضي جي ياد تازه ڪري ڇڏي
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جيجي زرينه بلوچ جو ڏهاڙو


    سنڌ جي جيجي واقعي سنڌ جي جيجي هئي، ادا جيجي کي هاڻي ته اسان دعا ئي ڪري سگهون ٿا، دعا آهي ته رب پاڪ سندس انساني ڪوتايون درگذر ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاءِ ڪري آمين۔ دوستو ڪجهه وقت پهرين مون جيجي زرينه تي هڪ وڊيو رپورٽ پڻ ونڊ ڪئي هئي۔ ( جيجي زرينه بلوچ هڪ وڊيو رپورٽ ) جنهن کي ڏسڻ لاء توهان ڪلڪ ڪري اها وڊيو ڏسي سگهو ٿا، ان کان علاوه سنڌ سان محبت ڪندڙ اسان جي دوست محترم عبدالرزاق ميمڻ پڻ جيجي تي هڪ شاندار ۽ تفصيلي مضمون ( جيجي زرينه بلوچ سياسي اڳواڻ محترم رسول بخش پليجي جي گھروار ) سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو هو، جنهن کي پڻ توهان ڏسي سگهو ٿا۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيجي زرينه بلوچ جو ڏهاڙو

    لک ٿورا دوست وساڻ ۽ ڀا ممتاز جا، جن جيجي جي زندگي جا تفصيل ونڊ ڪري، مضمون کي وڌيڪ جاندار ۽ معلوماتي ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

    سنڌ جي سهڻن ۽ حب الوطن ماڻهن کي ضرور ياد ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي خراج عقيدت پيش ڪجي، جن پنهنجين صلاحيتن کي سنڌ ۽ سنڌيت لئه استعمال ڪيو ۽ سنڌ جي فڪري، ثقافتي ۽ ٻولي جي واڌ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري پاڻ ملهائي ويا آهن ۔۔۔

    سلام سنڌ دوستن کي ۽ سنڌ جي سڄڻن کي ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو