• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي ڇا ٿي ويو؟

افتخار علي چوهاڻ

سينيئر رڪن
جئين ته آئون ڪافي عرصي کان هن فورم کان پري هيس ۽ جڏهن واپس آيس ته ڪافي دوستن جون ناراضگيون ڏسڻ ۾ آيون۔ جيڪا سائيٽ دوستي کي وڌايڻ لاء هئي سا ويتر ناراضگيون پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي پئي۔خاص ڪري ادا طاهر ۽ ادا عاشق وارو مسئلو حل ڪرڻ بجاء (بند ٿيل) لکي بند ڪيو ويو۔مهنجي سائين رشيد سمون صاحب ۽ تمام ذميدارن کي اپيل آهي ته رٺيل دوستن کي ٻرچائي وري اسان کي هنن دوستن جون قيمتي ڱالهين ۽ مضمونن مان فائدو وٺڻ جو موقعو ڏيندا ۽ مون جي مدد جي ضرورت آهي ته حاضر آهيان۔ والسلام عليڪم
 
جواب: هي ڇا ٿي ويو؟

ڀا افتخار چوهاڻ صاحب؛ سڀ کان پهريائين ته ڪافي عرصي کانپو واپس ورڻ تي ڀليڪار، اوهان جو چيو بلڪل سهي آهي ته هي اوطاق دوستين کي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ جي اصول تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اسان سڀني دوستن جي هت الامڪان ڪوشش آهي ته سنڌ سلامت جا سڀ دوست کير کنڊ هجن ۽ پنهنجن پنهنجن ذهني لاڙن جي هجڻ جي باوجود اخلاقي دائرن ۾ پنهنجي پنهنجي ڳالهه ڪن ۔۔۔

پر ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن موضوع تي بحث اختلافي شڪل اختيار ڪندو آهي ته اسين ڪوشش ڪري ان بحث جي تت سان ان موضوع کي تالو هڻي دوستن جي دوستي ۾ وڌيڪ ڏار پوڻ کان روڪي وجهندا آهيون ۽ غلط صحيح جو فيصلو وقت تي رکندا آهيون ۔۔۔ جيڪڏهن ڪو دوست پنهنجي فڪري وڪالت ۾ اخلاقي حدون اورانگهيندو آهي ته بجا ڪاوڙ جي عقل ۽ فهم سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري معاملي کي اڳتي وڌڻ کان روڪي وجهندا آهيون ۔۔۔

اوهان جا لک ٿورا جو اوهان هن فورم سان ٻانهن ٻيلي ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي، اوهين بيشڪ هن اوطاق جي دوستن جي ساهتا ڪري سگهو ٿا، پنهنجي مسلسل حاضري سان، پنهنجي مسلسل رهنمائي سان ۽ پنهنجن خيالن ۽ ڏاهپ وارين سمجهاڻين سان ۔۔۔۔ اميد ٿي ڪجي ته اوهان هن فورم تي وقت ڪڍي پنهنجي دوستي جو فرض نڀائيندا ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
Back
Top