خدارا هڪ ڊاڪٽر گهرجي ڪالم نگار: محمد امين قريشي (ڄامشورو)چوندا آهن ته هر “قول” جي پرک “فعل” هوندو آهي. ماڻهو ڇا چوي ٿو ۽ ڇا ڪري ٿو اهو پرک جو بنيادي جز آهي. اسان وٽ انهن ماڻهن جي، دانشورن جي، شاعرن جي، سول سوسائٽي جي فردن جي، قوم پرستن جي ڪابه کوٽ ناهي. جن جو هينئو سنڌ جي سورن سبب ڦاٽندو نه هجي. جن کي سنڌ جو سور اندران کائي نه ويو هجي, پر جڏهن عمل جو وقت اچي ٿو. جڏهن سماج اها تقاضا ڪري ٿوته سماج جو باشعور فرد اڳتي اچي پنهنجي سماجي تاريخي ڪردار نڀائي ته پوءِ اسانجا يار پنهنجي موقعا پرست سياست جي ظاهر ٿيڻ جي ڊپ کان وري پريس ڪلپنگ ۾ پناه وٺي پنهنجو فرض لاهن ٿا. ان ڳاله کان بلڪل هٽي ڪري ته سنڌو دريا جي وهڪري کي ڪهڙي پاسي کان ڪٽ ڏيڻا هئا، يا انگريز ڪهڙن آڳاٽن قدرتي وهڪرن کي، ٻوڏن وقت استعمال ڪري انساني آبادين کي محفوظ ڪندا هئا. اسان موجوده وقت ۾ سموري سنڌ ۾ قائم ڪيل ٻوڏ متاثر ڪئمپن جو جائزو وٺون ته ان مان ئي خبر پوندي ته سماجي طور تي اسان ڪٿي بيٺا آهيون، انهن کي ڪئمپون به ڪيئن چئجي، ڇو جو جنهن جڳهه تي جانور واڙبو آهي ته ان جڳهه جي به ڪا اخلاقي لوازمات هوندي آهي. صرف حيدرآباد جو ئي مثال وٺون ته انهن جڳهين تي جتي پنجاهه يا سو ماڻهن جي گنجائش آهي اتي ٻيڻ ۽ ٽيڻ تي ماڻهو رهايا ويا آهن. ڪٿي پاڻي ڪونهي ته ڪٿي بجلي ڪونهي، ڪٿي حاجت پوري ڪرڻ لاءِ باٿ روم ڪونهي، نتيجو اهو نڪتو جو جن کي ٻوڏ نه ماري سگهي، انهن کي غير انساني ڪئمپن مارڻ شروع ڪيو. اسان جي سول سوسائٽي جي اڪابرن، يا سياسي تنظيمن جي ٺيڪيدارن لاءِ شايد اهو ڪافي آهي ته ڪئمپن ۾ رهندڙن کي خيراتي ماني ملي پئي، پر صرف ماني ڪافي نه آهي. بنيادي سوال اهو آهي ته اسان هنن سان سلوڪ انسانن وارو ڪري رهيا آهيون يا جانورن وارو؟ ڏسڻو اهو آهي ته کين انسانن واريون بنيادي سهولتون مليون آهن يا نه؟ ڄامشوري ۾ ته ٻوڏ ستايل ماڻهن کي ايندي چوٿون ڏينهن گذرڻ باوجود هڪ ٽينٽ به مهيا ٿي نه سگهيو آهي. خاندانن جا خاندان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ کان ويندي ڄامشورو سوسائٽيءَ تائين جي پٿريلي ٽڪرين تي کليل آسمان هيٺ بي سهارا ويٺا آهن. سڄو سماج مطمئن آهي ته هنن کي خيراتي ماني ته ملي ٿي، جڏهن ته لياقت يونيورسٽيءَ جي ايرياز ۾ هي چند سو خاندان، باقي هر سهولت کان وانجهايل آهن ۽ هتي ئي هر روز ٻن ٻارن جي گيسٽرو سبب مرڻ جي خبر اخبار ۾ ڇپجي ٿي. لياقت يونيورسٽيءَ گيٽ ٻاهران ٻه اجتماعي وڏا ٽينٽ لڳل آهن. ڄڻ هتي ٻارن ٻچن وارن خاندانن کي رهائڻ بجاءِ سرڪس جي تماشي لاءِ ماڻهو ويهارڻا هجن. هي ڪهڙو سماجي رويو آهي جو اسان هڪ گهراڻي کي سندس چوديواري جو احساس ڏيارڻ لاءِ هڪ ٽينٽ به نه ٿا ڏياري سگهون. جيڪڏهن اوهان لياقت يونيورسٽيءَ کان ويندي سوسائٽيءَ واري علائقي تائين ٽڙيل پکڙيل بي سهارا ماڻهن وٽ ويندو ته اهي هڪ دم اوهان جي چوگرد ميڙ ڪري هٿ ٻڌي صرف ايترو عرض ڪندا ته اسان جي معصوم کير پياڪ ٻچن کي هن اس ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ هڪ ٽينٽ ڏياريو وڃي، پوءِ اوهان dco کان ويندي سياسي، سماجي اڪابرين کي ڀلي سڄو ڏينهن ويٺا ٻڌايو پر هڪ ٽينٽ جو انتظام هنن فردن کان نه ٿي سگهندو. ساڳي وقت اهي اوهان کي اهو به ٻڌائيندا ته سندن ٻار ۽ پوڙها بيمار آهن ۽ کين تپاسڻ وارو ڪو ڊاڪٽر ناهي ۽ جڏهن اوهان ڊوڙ ڪري طبي ڪيمپ ڏانهن ويندو ته اتي بيٺل سماج جا بيحس مسيحا اوهان کان فرمائش ڪندا ته مريض کي هتي وٺي اچو. اها هوندي آهي بيمار سماج جي پرک جي نشاني. لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جتي سموري سنڌ جا هزارين ڊاڪٽر زير تعليم آهن، انهن ۾ ايترو به سماجي شعور ناهي جو هو چند ڊاڪٽر ارينج ڪري سگهن، جيڪي ان ٽڪرين تي ٽڙيل پکڙيل خاندانن وٽ خود وڃي سندن چيڪ اپ ڪن ۽ معياري دوائن جي سهولت فراهم ڪن. هر روز جيڪي ٻه ٻار گيسٽرو وگهي مرن ٿا، انهن جي قتل جي “ايف. آءِ. آر” آخر ڪنهن تي داخل ڪرائجي، بي حس حڪمرانن تي يا قول و فعل جو تضاد رکندڙ سياسي سماجي ٺيڪيدارن تي يا ڄامشورو شهر ۾ رهندڙ انهن رومانيت پسند شاعرن، اديبن تي، جن جا واڳون وارا ڳوڙها بيهن ئي ڪونه ٿا. جن ۾ ايتري به اخلاقي جرئت ناهي ته ٻه قدم ڀري انهن وٽ وڃن ۽ کين برابر انسان وارو يقين ڏياري سگهن. ڄامشورو سوسائٽيءَ واري پاسي گهٽ ۾ گهٽ 25 خاندان خدا جي آسري ويٺل آهن. جتي چار پنج پوڙها ۽ ڪجهه ٻار بيمار آهن. اسان جڏهن لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ واري ميڊيڪل ڪيمپ ۾ اهو ٻڌائڻ وياسين ته هنن ويهن پنجويهن گهرن ۾ ڪيترائي بيمار ويٺا آهن. مهرباني ڪري هلو ته هنن ڊاڪٽرن اهو چئي هلڻ کان انڪار ڪيو ته هنن اڍائي سئو مريض صبح کان وٺي ڏٺا آهن. مون چيومانس ته اهو اوهان جو “احسان” آهي، پر ٻڌايو ته هنن جو ڇا ڪيون جنهن تي هو چپ ئي رهيا. هي آهن اسان جي سنڌ جا نوجوان ڊاڪٽر، جن وٽ سواءِ انساني احساسن جي باقي سڀ ڪجهه آهي. جيڪڏهن اوهان کي غير انساني روين جي عڪاسي گهرجي ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي واري ڪيمپ جو نظارو ڪرڻ گهرجي. ڪراچي لاڙڪاڻو مين شاراهه تي ڪا ٽرڪ يا ڪار بيهندي، ان جي پويان سوين ٻار عورتون، ٻڍڙا ڊوڙندا ويندا ۽ ٽرڪ وارو کاڌ خوراڪ جون شيون اڇلائيندو ويندو.. ماڻهو ۽ ٻار اهي شيون ميڙيندا رهندا. هي آهي اڄ باقي بچيل سنڌ جي انسانيت، اردگرد جو پورو ماحول ان ڳالهه کان بلڪل بي نياز ته اهي بي وس ۽ بکايل ماڻهن جا انبوهه به انسانن جا آهن. سنڌ ۾ هيتريون ساريون سياسي، سماجي تنظيمون هوندي به هڪ به باضابطه، صحيح معنيٰ ۾ آرگنائيزيشن ناهي، جنهن وٽ ڪو آرگنائيزڊ طريقو هجي. جيڪي ڪي ڊاڪٽر آرگنائيز ڪري سگهن، ڪي رهائشي ٽينٽ هٿ ڪري سگهن. ڪي ويهڻ لاءِ تڏا هٿ ڪري سگهن. اهي ماڻهو جيڪي چويهه ڪلاڪ سنڌ سنڌ ڪندا ٿا وتن، تن وٽ جيڪڏهن سنڌي ماڻهو اوليت تي ناهي، جن وٽ جيڪڏهن سنڌي ماڻهن لاءِ پيار ۽ عزت ناهي، ته باقي سندن وٽ “سنڌ” لفظ مان مراد ڇا آهي. ڪيمپن تي رهندڙ ماڻهو جانورن کان بدتر زندگي گذاريندو هجي ۽ اسان ان ڳالهه ۾ خوش هجون ته هنن کي ماني ته ملي پئي. سنڌ جا سياسي اداڪار اهو چئي ته “ٻوڏ متاثرين کي ڪراچي ۾ رهايو وڃي” ڄڻ پاڻ تي عائد سموري ذميوارين کان آجو ٿيو وڃن. اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪنهن قوم تي ڏکيو وقت ايندو آهي ته ان قوم جي تعليمي ادارن جو نوجوان سڀ کان پهرين ٽيمون ٺاهي اڳتي ايندو آهي. ڇاڪاڻ جو اهو نوجوان رت هوندو آهي. پر جڏهن اسان موجوده ٻوڏ واري سانحي تي نظر ٿا وجهون ته اسان کي پنهنجو سماج سنڍ ٿو نظر اچي. ذاتي طور تي سماجي ۽ سياسي دوستن کي انفرادي طور تي محنت ڪندي ۽ ڪم ڪندي ڏسون ٿا، جيڪو بلڪل اڻ پورو ڪم آهي، ڇاڪاڻ جو هنن سان ڪو ڊاڪٽر ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڪو وس وارو ٽينٽ “تنبو” شيئر ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي. اها سماجي بيحسي، هڪ ٻئي جي آسري تي رهڻ، زباني خرچي ڪرڻ، اجائي تنقيد ڪرڻ، اسان جي ڄڻ ته ڪلچر جو حصوٿي وئي آهي. هي ٻوڏ متاثرين اسان کان ٻيو ڪجهه به نٿا گهرن. هنن کي پنهنجي پيارن کي بچائڻ لاءِ هڪ عدد ڊاڪٽر ۽ هڪ عدد “تنبو” گهرجي. هنن کي جيارڻ لاءِ هڪ انساني احساس گهرجي. نوٽ: هي آرٽيڪل امين قريشي مون کان ڪمپوز ڪرايو هو ۽ عوامي آواز اخبار ڏانهن موڪليو هو ، جيڪو شايد ڇپجي نه سگهيو هو، ان وقت سنڌ ۾ ٻوڏ تازي آيل هئي ۽ ڄامشورو جي ايريا ۾ پهتل ٻوڏ متاثرن جي ٻه هفتا گذرڻباوجود به ڪنهن سرڪاري اداري طرفان ڪا واهر نه ٿي هئي، خراب پاڻي جي واپرائڻ سبب هڪ ئي هفتي ۾ گيسٽرو وگهي متاثرن جي فوتگيءَجا 3 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا هئا۔۔ ان وقت امين قريشي ۽ ڪجهه ٻين دوستن ٻوڏ متاثرن جي سٺي سهائتا ڪرڻسان گڏ انهن جي لاءِ ميڊيا ۾آواز پڻ اٿاريو هو، اهڙي شخصيت جو ڪالم هتي ونڊ ڪرڻمان خوشي سمجهان ٿو