ڪراچي“ ۾ رتوڇاڻ ۽ سنڌ جي بيوسي جي اين مغل ڪراچي سنڌ جي راڄڌاڻي آهي. سنڌ جو شان آهي ۽ مانُ آهي، ڪراچي کي سنڌ پنهنجو رت ۽ ست ڏئي پالي وڏو ڪيو آهي، اڄ انهيءَ ڪراچي ۾ بار بار رتو ڇاڻ ٿئي ٿي، انهيءَ رتو ڇاڻ ۾ ڪئين لاش سنڌ جي اندرين علائقن به ويندا رهيا آهن پر انهن لاشن جو ته ڄڻ ڪو ڌڻي سائين به نه آهي، ٻيو ته ٺهيو پر اهي لاش اسان جي ميڊيا جي خبر به ڪو نه ٿا بڻجن لاشن جو ڪهڙي به علائقي ۽ ڪميونٽي سان تعلق هجي اها افسوس ناڪ ڳالهه آهي ۽ هر لاش درد جي الڳ ڪهاڻي آهي. سنڌ امن وادي آهي. انهن لاشن تي هر سنڌ واسي جي دل ٽهڪندي هوندي ۽ رت هاريندي هوندي، پر سنڌ ان سلسلي ۾ ڪجهه به ڪانه ٿي ڪري سگهي. سنڌ کي ان سڄي صورت حال کان پري رکيو ٿو وڃي. اهڙي طرح پنهنجي راجڌاڻي ۾ بار بار رتوڇاڻ ڏسندي به سنڌ ڪجهه ڪونه ٿي ڪري سگهي بس سنڌ بيوس آهي. اهو تاريخ جو عجيب اتفاق آهي ته سنڌ ان وقت به بيوس هئي جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان ستت پوءِ سن 1948ع ۾ جڏهن سنڌ جي راڻي ڪراچي کي سنڌ کان زوري کسيو پئي ويو ته سنڌ ان وقت به ڪجهه ڪونه ڪري سگهي ۽ سنڌ ان وقت به بيوسي جو شڪار هئي. ڪجهه ڏينهن سنڌ جي هڪ عظيم سپوت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي 1952ع ۾ لکيل هڪ پمفليٽ جي سنڌي ترجمي واري ڪتاب جي حيدرآباد ۾ منعقد ٿيل مهورت واري تقريب ۾ شرڪت جو موقعو مليو جتي ان پمفليٽ جو سنڌي ترجمو پڙهڻ جو به موقعو مليو، ان ئي پمفليٽ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي 1948ع ۾ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ ”ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪرڻ ”بابت پيش ڪيل ٺهراءُ جي منظوري وقت اسيمبلي جي ميمبرن جي تقريرن جا ٽڪرا شايع ڪيا ويا آهن سچ ته اهو آهي ته اهو سڄو ئي پمفليٽ ۽ ان ئي پمفليٽ ۾ شايع ڪيل ان آشو بابت سنڌ مسلم ليگ ۽ سنڌ اسيمبلي طرفان منظور ڪيل ٺهرائن کانسواءِ مختلف تقريرون پڙهڻ وٽان آهن، پر هتي آئون فقط ان اسيمبلي ۾ اسيمبلي جي سنڌ مان ميمبر هاشم گذدر ۽ اسيمبلي جي پنجاب مان ميمبر فيروز خان نون جي تقريرن جا مختصر ٽڪرا پيش ڪيان ٿو، هاشم گذدر ان ڳالهه تي افسوس ظاه رڪيو ته اڄ ”مهمان“ ” ميزبان“ کي پاڻ وٽان لوڌي ڪڍي رهيا آهن. جواب ۾ فيروز خان نون 1940 ع ۾ لاهور ۾ منظور ڪيل ”قرارداد پاڪستان جو مذاق اڏائيندي چيو ته ”هي ايوان پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ ڪوبه فيصلو ڪرڻ جا مجاز آهيون ۽ اسين ڪجهه سال مهينا يا ڪجهه سال اڳ ڪيل فيصلن جا ڪنهن به صورت ۾ پابند نه آهيون“ واضح رهي ته ان وقت ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري اشوءَ تي ان اسيمبلي ۾ سنڌ جي اڪثر ميمبرن 1940ع ڌاري ٺهراءُ جو حوالو ڏيندي ياد ڏياريو ته وعدو ڪيو ويو هو ته آزادي کان پوءِ پاڪستان مختلف خودمختيار رياستن جو وفاق هوندو. هتي اها ڳالهه پيش ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سنڌ ان وقت به بيوس هئي جڏهن سندس راڄڌاڻي زوري ۽ زبردستي ۽ اخلاق جي مڙني تقاضائن کي پٺ ڏيندي کانئنس ڦري پئي وئي ۽ سنڌ اڄ به بيوس آهي جڏهن سندس راڄڌاڻي ۾ بار بار انسانن جو ڪوس ڪيو پيو وڃي. اها ڳالهه به عجيب آهي ته سنڌ جي اها بيوسي هر دور ۾ برقرار رهي آهي. چاهي مٿس آمرن طرف مڙهيل حڪومت رهي آهي يا اها حڪومت رهي آهي جنهن کي سنڌ جي عوام پنهنجو مئنڊيٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو هجي، جڏهن به اهڙي حڪومت آئي آهي ته ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ان جا هٿ ٻڌل هوندا آهن. اها به خبر نه هوندي آهي ته سندس هٿ ڪو ٻيو ٻڌندو آهي يا پاڻ کي پنهنجا هٿ ٻڌي ڇڏيندي آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ماضي ۾ جڏهن به پيپلز پارٽي حڪومت صورت حال انتهائي خراب ٿيڻ کان پوءِ جڏهن پنهنجا هٿ کولڻ جي ڪوشش ڪئي به کيس گهر ڀيڙو ڪيو پئي ويو. هن وقت ته عجيب صورت حال آهي. نه فقط حڪومت بيوس آهي پر هن ڀيري، سنڌ جا قوم پرست ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ٻه قدم ڀرڻ لاءِ تيار ٿيندا نظر ڪونه ٿا اچن. هي حڪومت جڏهن کان آئي آهي تڏهن کان سنڌ جي عوام جي مئنڊيٽ کي ”قومي مفاهمت“ واري پنجوڙ ۾ قاسائي رکيو ويو آهي. اصولي طور تي قومي مفاهمت خراب ڳالهه نه آهي پر جيڪڏهن ”قومي مفاهمت کي فقط سنڌ جي جائز حقن کي ڦٻائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته پوءِ ان کي قومي مفاهمت سنڏ جي يا گلي جو ڦندو سمجهجي. اها ڳالهه گهٽ عجيب غريب نه آهي جڏهن کان موجود پيپلز پارٽي جي اتحادين جي حڪومت قائم ٿي آهي تڏهن کان ڪئين ڀيرا پ پ جي هڪ مک اتحادي جماعت ڪنهن نه ڪنهن اشو تي ناراض ٿي حڪومت کان ڌار ٿيڻ جي ڌمڪي ڏيندي آهي ان کان پوءِ يا ته گهرو معاملن وارو وفاقي وزير رحمان ملڪ ڊوڙندو ڪراچي ايندو آهي، وڏي وزير سان ملندو آهي. نائين زيرو جي سلامي ڀرڻ کان پوءِ اعلان ڪندو آهي ته حالتون ٺاپر ۾ اچي ويون آهن ۽ پيپلز پارٽي جي مُک اتحاد پيپلز پارٽي تي ۽ ”سنڌ“ تي احسان ڪندي انهي اتحاد واري حڪومت ۾ رهڻ جو اعلان ڪندي آهي. پر ڪڏهن به اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته پيپلز پارٽي جي ان مک اتحادي ڌر پيپلز پارٽي حڪومت آڏو ڪهڙا شرط رکيا ۽ پيپلز پارٽي حڪومت ڪهڙا شرط مڃيا، هتي اها ڳالهه به ڪندا هلون ته اهڙي موقعي تي جڏهن به رحمان ملڪ ڪراچي ايندو آهي ۽ نائين زيرو جي سلامي ڀرڻ کان پوءِ لنڊن ۾ٽيليفون تي ڳالهائيندو آهي ته سنڌ جي عوام کي اها ڪڏهن به اها ڳالهه پسند نه ايندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جا ڪجهه محب وطن خلفا رحمان ملڪ کي سنڌ جو ”وائيسراءِ“ سڏيو ويندو آهي ۽ ان ڳالهه جي ڪري سنڌ جو عوام رحمان ملڪ سان شديد نفرت ڪندو آهي، هڪ ڀيري هڪ پريس ڪانفرنس ۾ هڪ سنڌي صحافي رحمان ملڪ کي منجهائي چئي ڏنو ته ڇا سنڌ جا وائسراءِ آهيو ڇا ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪراچي ڊوڙندا ايندا آهيو ۽ اچي سنڌ جي اندروني معاملن ۾مداخلت ڪندا آهيو، جڏهن به اها روش آئين جي سنگين خلاف ورزي آهي، ڇو ته آئين ۾ صوبن کي خودمختياري ڏني وئي آهي ۽ آئين تحت امن امان قائم ڪرڻ صوبائي معاملو آهي. اها ڳالهه به غور طلب آهي ته جڏهن رحمان ملڪ جي نه هلندي آهي خود صدر زرداري ڪراچي ايندو آهي ۽ گورنر هائوس يا بلاول هائوس ۾ ”خفيه“ اجلاس اڏائي پنهنجن اتحادين کي راضي ڪيو ويندو آهي. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته انهن مڙني موقعن تي اهو نه ٻڌايو ويندو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت پنهنجي ان مک اتحادي ڌر جا ڪهڙا شرط مڃيا آهن، آخرڪار سنڌ جي عوام کان اها ڳالهه ڇو ٿي لڪائي وڃي، ان پراسرار روئي جي ڪري اڪثر سڄاڻ حلقن ۾ اهي انومان آهن ته انهن شرطن جو تعلق سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن حساس حق سان هوندو آهي. جنهن جي لڪ چوري چير ڦاڙ ڪري، پنهنجي مک اتحادي کي راضي ڪري پنهنجي ڪرسي بچائي ويندي آهي. سنڌ جو عوام ان ڳالهه تي ارهو نه آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪرسي برقرار آهي پر سنڌ جي عوام کي اهو حق ضرور آهي ته اهي ڪهڙا شرط آهن ۽ ڪهڙيون ڳالهيون مڃيون ويون آهن؟ انهن مرحلن تي سنڌ جي خير خواهن کي ڪئين ڳالهيون ککنديون آهن. مثال طور، موجوده سنڌ اسيمبلي پهرئين ڏينهن هڪ قانون منظور ڪيو هو جنهن تحت تعليمي بورڊن جو اختيار گورنر کان ڦري وڏي وزير کي ڏنو ويو جيئن ٻين صوبن ۾ آهي پر ان قانون جي گورنر منظوري نه ڏني، قانون ۽ ايئن مطابق جيڪڏهن گورنر هڪ ڀيرو اسيمبلي مان پاس ڪيل ڪنهن قانون جي منظوري نه ڏني ته اهو قانون جيڪڏهن ٻيو ڀيرو اسيمبلي منظور ڪري ته اهو قانون خود بخد صوبي جو قانون بڻجي ويندو آهي. پر اڄ ڏينهن تائين پيپلز پارٽي حڪومت وري ٻيهر اهو قانون اسيمبلي ۾ منظور نه ڪيو آهي، جنهن ڪري اڃان تائين مڙني بورڊن جا اختيار وڏي وزير نه پر گورنر وٽ آهن. ان جا ڇا نتيجا نڪتا آهن انهن بابت شايد ڪو الڳ ڪالم لکيو ويندو، ارباب غلام رحيم جي حڪومت ۾ جنرل پرويز مشرف جي هدايتن تحت سنڌ اسيمبلي مان ٺهرءُ منظور ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ جن ملٽي نيشنل ڪمپنينن جون هيڊ آفيسون آهن، انهن ۾ فقط انهن کي ملازمت ملندي جن وٽ فقط ڪراچي جو ڊوميسائيل هوندو، اٽڪل ٽي سال گذاري ويا آهن پر موجوده پيپلز پارٽي حڪومت اسيمبلي سان ڪو نئون ٺهراءُ منظور ڪري ان ٺهراءُ کي منسوخ نه ڪري سگهي، حقيقت آهي ته اهڙا ڪيئي اشو ۽ ڪيئي گمان آهن. پر جتي به هن وقت اسان جو مک موضوع ڪراچي ۾ هن وقت هلندڙ رتوڇاڻ آهي، تنهن ڪري باقي ٻين اهڙن مثالن جو ذڪر به ڪنهن ٻئي ڪالم لاءِ مخصوص ڪريون ٿا. جيسيتائين ڪراچي جي موجوده رتو ڇاڻ جو تعلق آهي ته اها رتو ڇاڻ انهن حالتن ۾ ٿي جڏهن لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ ناراض رهنما ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل ٿيو، انهن قتلن کي ”ٽارگيٽ ڪلنگ“ چيو وڃي ٿو. بعد ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪجهه ڏينهن لاءِ جهڪي ٿي پر ڪجهه ڏينهن کان وري شروع ٿي وئي ۽ هاڻ قتل ٿيل ماڻهن جو انگ اٽڪل 80 ٿي ويو آهي. اها ڳالهه به غور هيٺ آهي ته گوليون هڻي مارڻ کان پوءِ لاش جا گڀا ڳڀا ڪرڻ يا ان جا هٿ پير ٻڌي ٻوري ۾ بند ڪري گند جي ڪنهن ڍير تي اڇلائڻ جو سلسلو به وري شروع ٿي ويو آهي، ڪراچي جي موجوده رتوڇاڻ ۾ ڪئين اخباري نمائندن کي لياري ۽ ملير جي بلوچن جا ايس ايم ايس آيا آهن جن ۾ هنن شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت هنن جو تحفظو ڪيو آهي ۽ نه سنڌين هنن جي مالڪي ڪئي آهي، تنهن ڪري هنن بلوچستان جي سياسي قيادت ۽ بلوچستان ۾ آزادي لاءِ وڙهندڙ قوتن کي اپيل ڪئي آهي ته هو سندن واهر ڪن. ڏٺو وڃي ته هن ڀيري ڪراچي ۾ ٿيل رتو ڇاڻ جو هڪ نئون پهلو آهي. ان ۾ بلوچن کي به نشانو بڻايو ويو آهي، حالانڪ ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران جيڪي شهيد ٿي چڪا آهن تن ۾ بلوچ، پٺاڻ، پنجابي، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سڀ شامل آهن ۽ سڀ ڏکويل آهن. اهڙي حالت ۾ حڪومت تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اها پنهنجي رٽ استعمال ڪري ۽ لوهي هٿن سان رتو ڇاڻ کي ٻنجو ڏئي جيڪي ڏوهي ذميوار آهن انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. هاڻ ته ايئن پيو محسوس ٿئي ته هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽي حڪومت جمهوريت کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي ڪارڊ کي استعمال ڪيو پيو وڃي، ڪراچي جي تيزي سان خراب ٿيندڙ صورت حال سبب اڪثر سياسي حلقا اهي اڳڪٿيون ڪرڻ لڳا آهن ته حڪومت ڄاڻ وئي، اهڙي حالت ۾ حڪومت جي مک اتحادي هڪ ڀيرو ٻيهر وري حڪومت آڏو ڪيئي شرط رکيا آهن. سنڌ جو عوام سمجهي ٿو ته هاڻ گهڻو ڪجهه ٿي ويو، هاڻ جيڪي به شرط آهن اهي سنڌ جي عوام اڳيان ظاهر ڪيا وڃن. هتي اها ڳالهه به رڪارڊ تي رکندا هلون ته سنڌ جو عوام نه ڪراچي جي رتوڇاڻ کان خوش آهي ۽ نه طريقي کان مطمئن آهي. جنهن ذريعي حڪومت ان صورت حال کي منهن ڏئي رهي آهي. ان هوندي به جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت جو وري تحتو اونڌو ڪيو وڃي ٿو ۽ کائنس هڪ ڀيرو وري جمهوريت کسجي وڃي ٿي ته سڀ کان وڌيڪ ناراض سنڌ جو عوام هوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت جي ڪمزورين ۽ بي وقوفين جي ڪري هنن جي حڪومت وڃي ٿي ته ان جي قيمت، بلڪ انتهائي ڳري قيمت به سنڌ کي ڀرڻي پوندي، ان ڪري سنڌ جو عوام حڪومت سان ناراضگي جي باوجود هنن کان توقع ڪري ٿو. هاڻ ته اک پٽي وڃي ۽ مختلف اهم فيصلا ڪيا وڃن، سنڌ جي حساس مفادن کي مد نظر رکيو وڃي. ڪراچي شير شاه ۾ فائرنگ ۽ 10 ڄڻا شهيد http://www.youtube.com/watch?v=Mv3KR0TIwH4 شيرشاه ۾ قتل عام واري هنڌ جي وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=Y83DDFmaSA4 ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ بي ڏوهي ماڻهن جو قتل عام وڊيوز http://www.youtube.com/watch?v=x2XXXcMDEM8 http://www.youtube.com/watch?v=Q90Ehunf1hM http://www.youtube.com/watch?v=hq7QK45ObLg http://www.youtube.com/watch?v=YM-MaaJN8xg http://www.youtube.com/watch?v=Ujv9Ufwk1n4 متحده جا ٻين ماڻهن لاء الزامات ۽ خيالات http://www.youtube.com/watch?v=Bsue5H_WEQ0