ڊينگي بخار جو مرض ۽ بهتر علاج جو نه هجڻ ڊينگي بخار جو مرض آڪٽوبر 2006ع ۾ پاڪستان ۾ آيو، حقيقت ۾ اهو بخار 16 سالن جي پراڻي تاريخ رکي ٿو، ان وقت هن بيماري کان بچاءُ لاءِ ڪي خاص دوائون ۽ تشخيص لاءِ ٽيسٽون نه هئڻ ڪري ماڻهو بهتر علاج نه ٿيڻ ڪري موت جو کاڄ بڻجي ويندا هئا، ڊينگي وائرس کان بچاءَ لاءِ رٿا تي ڪم ڪندڙ سنڌ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شڪيل ملڪ موجب سنڌ اندر 1994ع ۾ ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس جو ڪيس ظاهر ٿيو آهي، لمس اسپتال جي ڊينگي بخار بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ کان ورتل ڄاڻ موجب ڊينگي بخار ڪا بيماري نه پر وائرس آهي، جيڪو مادي مڇر (Ads Ajept) جي کائڻ سبب انساني جسم ۾ داخل ٿئي ٿو، اهو وائرس ٻن قسمن جو آهي، هڪ ڊينگي فيور ۽ ٻيو ڊينگي هيمبريجڪ فيور آهي، ڊينگي فيور ٿيڻ جي صورت ۾ ماڻهو کي پهرين بخار، مٿي ۾ سور، اکين جي مٿين حصي ۾ سور، الٽي ۽ چڪر ايندا آهن پر جيڪڏهن انهن نشانين سان گڏ ڪمزوري، نڪ، وات، پيشاب ۽ پاخاني ۾ رت اچي ته اهو ڊينگي هيمبريجڪ فيور هجي ٿو، سنڌ صحت کاتي ڊينگي بخار جي شڪار مريضن جي علاج لاءِ سنڌ جي ٽرشري ليول جي وڏين اسپتالن توڙي هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيا آهن پر حقيقت ۾ ڊينگي بخار جو علاج ڪراچي ۽ حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته حيدرآباد ۾ هن وقت تائين آيل مريضن ۾ 40 سيڪڙو مريض ٻين ضلعن جا آهن، ڊينگي وائرس جو مڇر ٻين کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور تي مڇر گندي پاڻي ۽ گندگي جي ڪري ٿيندا آهن پر هي مادي مڇر ايڊيز اجيپٽا صاف پاڻي گهرن ۾ موجود نادين، مٽن ۽ گلن جي چڪين توڙي، گهرن جي فرشن تي بيٺل صاف پاڻي تي ٿين ٿا، جڏهن ته ٻين مڇرن وانگر هي 24 ڪلاڪ نه ٿا هجن، انهن جو خاص وقت مقرر آهي، ان ڪري اهي مڇر صبح جو سج اڀرڻ ۽ شام جو سج لهڻ وقت ظاهر ٿين ٿا، هاڻي ٿئي اهو ٿو جڏهن اهو مڇر ماڻهو کي کائي ٿو ته هن ماڻهو کي بخار اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ مٿي ۾ سور، اکين جي مٿين حصي ۾ سور، الٽيون، چڪر ۽ ڪمزوري توڙي مختلف هنڌن تان رت اچي ٿو، جنهن ڪري انساني جسم ۾ رت جي اڇن جزن (پليٽيلٽس) جي کوٽ ٿي وڃي ٿي، عام طور تي ڪنهن به صحتمند ماڻهو جي جسم ۾ ڏيڍ لک کان 4 لک رت جا اڇا جزا هوندا آهن پر جڏهن ڪنهن مريض ۾ مٿيون نشانيون ظاهر ٿين ته ڊاڪٽر سندس رت جي ڪمپليٽ پڪچر (بلڊ سي پي) ڪرائيندا آهن، جيڪڏهن ان مريض ۾ اڇن جزن جو تعداد 50 هزار کان به گهٽ آهي ته پوءِ ان جو ڊينگو ريپڊ ٽيسٽ ڪرايو ويندو آهي، جيڪو پازيٽو اچڻ جي صورت ۾ ان مريض جو علاج شروع ڪيو ويندو آهي، اهڙي مريض کي رت چاڙهڻ سان فائدو بلڪل ناهي، جيڪڏهن اهڙي مريض کي رت چاڙهيو ويو ته هن مريض جي جسم ۾ اڇا جزا ورهائجي ويندا، ان ڪري اهڙي مريض کي صرف اڇا جزا چاڙهيا ويندا آهن ۽ وڌيڪ پيچيدگين کان بچائڻ لاءِ کيس اينٽي بايوٽڪ دوائون ڏنيون وينديون آهن، اهي جزا ڪنهن خريد ڪيل ۽ ورتل رت مان نه پر انسان جي جسم مان سڌي ريت هڪ مٿين ايجيٽيٽر ذريعي ڪڍيا ويندا آهن، اها مشين 2 ڪروڙ رپين جي ماليت جي آهي، جيڪا ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ڄامشورو لمس اسپتال ۾ موجود آهي، اتي توهان کي وري اها ڳالهه ذهن ۾ ايندي هوندي ته جيڪڏهن ان بيماري جو علاج ايترو آسان آهي ته پوءِ ان ۾ ورتل مريض کي آئسوليشن وارڊ ۾ ڌار ڇو رکيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهڙي مريض کي عام مريضن جي وارڊ ۾ داخل ڪيو وڃي ۽ اتي وري ڊينگي وائرس واري مريض کي ڪو عام مڇر کائي وڃي ته ان مڇر ۾ به اهو وائرس منتقل ٿي ويندو آهي ۽ اهو مڇر پاسي واري ٻئي مريض کي کائي وڃي ته هن مريض کي به ڊينگي بخار ٿي ويندو آهي، ان ڪري ڊينگي وائرس جي شڪار مريض کي آئيسوليشن وارڊ ۾ رکي سندس جسم ۾ مڇرن کان بچاءُ لاءِ موسپل لوشن هڻي ميٽ ٻاري ويندي آهي ته جيئن اهو وائرس ٻئي ۾ منتقل نه ٿي سگهي، صحت کاتي پاران سمورين اسپتالن ۽ ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ويٺل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جنهن علائقي مان ڊينگي وائرس جو مريض اچي، اتي مليريا ڪنٽرول پروگرام وارن سان گڏجي مڇر مار اسپري ڪرايو وڃي ته جيئن ان علائقي مان ان مڇر جو خاتمو اچي سگهي، ان ڪري سنڌ جي جنهن به اسپتال ۾ ڊينگي بخار جو مريض پهچي ته اتي جي ڊاڪٽرن جي اها ذميواري آهي ته هو اي ڊي او هيلٿ ۽ ڊائريڪٽر مليريا ڪنٽرول کي آگاهه ڪن، صحت کاتي موجب جنوري 2009ع کان هن وقت تائين سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ڊينگي وائرس جا 700 مريض پهتا، جن مان 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 691 مريض صحتياب ٿي گهر واپس هليا ويا، انهن فوت ٿيل مريضن ۾ 8 ڄڻا ڪراچي ۾ فوت ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ ڄڻو حيدرآباد سول اسپتال ۾ دادو واسي مريض فوت ٿي ويو آهي، ان حوالي سان لمس اسپتال جي ڊينگي وائرس بابت فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالرشيد ميمڻ ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته ڊينگي بخار ۾ موت جو ريشو انتهائي گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو مڪمل علاج موجود آهي، باقي جيڪي ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، اهي به بيماري جي تشخيص دير سان ٿيڻ ۽ جسم ۾ ڪمزوري انتهائي وڌي وڃڻ ڪري فوت ٿيا آهن بشڪريه شيعه فورم ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا صالح ميمڻ صحت کاتي سنڌ جي تازي پڌرائي مطابق هلندڙ سال جي (نائين) مهيني تائين سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جي متاثر مريضن جو تعداد 224 آهي. 23 سيپٽمبر تائين سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ڊينگو وائرس جي شڪ ۾ 368 ماڻهن جي چڪاس ڪئي وئي هئي. ۽ ان سڄي عرصي دوران صرف هڪڙو مريض ڊينگو وائرس جي حملي جي نتيجي ۾ فوت ٿيو. باقي سمورن جو علاج ڪري کين واپس ڪيو ويو ۽ اهي تندرست ٿي ويا هئا. سن 2008ع جي هنن ساڳين ڏينهن دوران سنڌ ۾ ڊينگو وائرس جي بخار واري شڪ ۾ 851 مريضن کي چڪاسيو ويو هو جن مان صرف 470 ماڻهن کي ڊينگو وائرس لڳڻ جي تصديق ڪئي وئي هئي. جنهن مان واضع ٿئي ٿو ته هر بخار واري ماڻهن جي لاءِ ٽيسٽ کان سواءِ اڳواٽ اهو چوڻ غلط آهي ته ان کي ڊينگو وائرس جو حملو ٿيو آهي. يا کيس ڊينگو وائرس جي ڪري بخار آهي. ساڳئي سال آڪٽوبر مهيني دوارن سامارو جي هڪ ڳوٺ جو هڪ نوجوان محمد سيلم ڀنڀرو، ڊينگو وائرس سبب حيدرآباد سول اسپتال اندر علاج هلندي فوت ٿيو هو. کيس ڊينگو وائرس لڳڻ جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي هئي ۽ ان جي موت جو سبب به ڊينگو وائرس جو مٿس حملو ٻڌايو ويو هو. 2008ع جي ڊسمبر مهيني دوارن شهدادڪوٽ ۾ فوت ٿيل نوجوان شاگرد حنيف شيخ بابت به اهو ٻڌايو ويو هو ته اهو ڊينگي وائرس جي حملي جي ڪري فوت ٿيوهو. آڪٽوبر 2008 ۾ ڊبليو ايڇ او(ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي هڪ رپورٽ ۾ ايشيا کنڊ جي 73 ملڪن ۾ ڊينگو بخار جو خطرو ظاهر ڪيو ويو هو ۽ چيو ويو هو ته ان وائرس سان انهن ملڪن جا 2 ارب ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا. جنهن کان پوءِ ڊينگو بابت خوف ۾ اضافو آيو هو. جڏهن ته 2001ع کان 2004ع تائين 4 سالن جي عرصي دوران ايشيا ۾ ڊينگو وائرس جي متاثرين جا ڪُل ڪيس فقط 98 هئا. جيڪي بعد ۾ سال به سال وڌندا رهيا آهن. ڊينگو وائرس هڪ خاص قسم جي مڇر جي چڪ پائڻ سان جسم ۾ داخل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ ڊينگو وائرس جي ڦهلاءُ جو ٻيو ڪوبه ذريعو ڪونهي. هي وائرس جنهن کي متاثر ڪري ٿو ان کان ٻئي انسان تائين ان جي رسائي مريض سان گڏ رهڻ، ان جو خيال رکڻ يا ان سان گڏ کائڻ جي ڪري نٿي ٿئي ان ڪري ڪنهن به ماڻهو کي ڊينگو وائرس ۾ مبتلا ڪنهن به مريض مان اهو خوف نه ڪرڻ گهرجي ته ان کي لڳل وائرس ٻين تائين به ڦهلجي سگهي ٿو. ڊينگو نالي وائرس کڻي ايندڙ خاص قسم جو مڇر گهڻو ڪري شام واري وقت دوران صاف پاڻي جي مٿان ويهي ٿو. ان ڪري ان جي چڪ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي مڇرن جي چڪ کان بچائڻ لاءِ سمورا روائتي سائنسي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. گهرن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي سمورا مڇر ماريا وڃن ۽ مڇرن کي ڀڄائڻ لاءِ ڪوائل، ميٽ يا ان طرح جون ٻيون شيون استعمال ڪرڻ گهرجن جنهن سان مڇر گهرن يا ڪمرن ۾ اتي اچي نه سگهن جتي ماڻهن جي سمهڻ جي جاءِ هوندي آهي. سمهڻ وقت جسم تي مڇرن جي چڪ کان پاڻ کي بچائڻ جو خاص قسم جو لوشن به لڳائي سگهجي ٿو يا ڪمرن کي ڄارين جي مدد سان مڇرن جي داخلا کان محفوط ڪري سگهجي ٿو ۽ مڇرن کان بچاءُ وارين ڄارين ۾ سمهي پاڻ کي مڇرن جي چڪ کان محفوط رکي سگهجي ٿو. گهرن اندر پاڻي وارين ٽانڪين بالٽين ۽ پاڻي سان ڀرييل سمورن ٿانون کي پڻ ڍڪڻ لازمي آهي ته جيئن ڪو مڇر ان تي اچي نه سگهي. اهڙي طرح هر اهو طريقو استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن سان مڇرن جي واڌ ويجهه نه ٿي سگهي مڇرن کي ماري ناس ڪري ڇڏجي يا مڇرن جي چڪ کان پاڻ کي بچائي سگهجي. انهي کان علاوه جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي نزلو، زڪام، بخار، مٿي ۾ سور سان گڏ سندن ۾ سور ظاهر ٿئي يا جسم جي مٿين حصي تي ڳاڙها نشان ٿي پون ته پوءِ اهڙي ڪنهن صورت ۾ اهو شڪ ڏانهن وڃن ۽ علاج وٺڻ لازمي ڏسو صفحو 6 ٿئي ٿو. اهڙي ڪنهن صورت ۾ اهو شڪ ڪري سگهجي ٿو ته آيل بخار ۽ ظاهر ٿيل علامتون ڊينگو وائرس جي ڪري به ٿي سگهن ٿيون. هي ڳالهه انهن ماڻهن لاءِ انتهائي اهم آهي جن کي ڊينگو وائرس هڪ ڀيرو اڳ ۾ متاثر ڪري چڪو آهي ته اهي ٻيو ڀيرو ان وائرس کان بچڻ لاءِ ٻين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو وڌيڪ احتياط ڪن ڇو ته ڪنهن به شخص، مرد، عورت، ٻار يا ٻڍي کي جڏهن ٻيو ڀيرو ڊينگو وائرس متاثري ڪندو آهي ته ان جو حملو پهرين جي مقابلي ۾ وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي ڪنهن ماڻهو جي مرڻ جا چانسز به وڌي سگهن ٿا. بشڪريه روزانه عبرت اخبار ڊينگي وائرس ۽ ان کان بچاءُ (وڊيوز ) http://www.youtube.com/watch?v=G1IXXzsqXUo http://www.youtube.com/watch?v=8A5sL2zX5Gc http://www.youtube.com/watch?v=riOdrDzpPQo ڊينگي وائرس هڪ وڊيو رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=YqHLz_betD0 ڊينگي بخار جا مريض هڪ وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=-uDLWXcdZzA
جواب: ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا ادا ممتاز مهرباني جو اوهان ڊينگي بابت ڄاڻ اسان سان به ونڊ ڪئي۔ الائي ڪهڙو مڇر آهي جنهن دهشت ڦيلائي ڇڏي آهي۔ سو به مادي مڇر. ڪيئن خبر پوي ته مادي مڇر ڪهڙو آهي ۽ نر ڪهڙو آهي دوستن کي گذارش آهي ته مٿيون ليک ضرور پڙهن ۽ ڊينگي کان بچاء جا طريقا به ڏسن ۽ پنهنجي دوستن ۽ پنهنجي فيملي سان به ونڊ ڪن۔
جواب: ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا ادا ممتاز علي۔۔ اهڙي معلوماتي ونڊڪرڻتي مهرباني۔۔۔ واقعي هينئر ڊينگي ڦهيلجندڙ مرض بڻجي ويو آهي، جنهن کان بچاءُلاءِ هر صورت ۾ قدم کڻجن۔
جواب: ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا ادا ممتاز توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ڊينگي بابت معلومات ڏني..............
جواب: ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا ادا مست توهان جي مهرباني جو توهان منهنجي هن ونڊ کي پسند ڪيو، ادا صحت جي هن معلومات سان گڏ مان انشاءِالله صحت بابت ٻيون به ونڊون ونڊ ڪندس، جنهن مان اسان جي سنڌي پڙهندڙن کي ڪو فائدو پهچي۔
جواب: ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا ادا هن موسم ۾ خاص ڪري خيال رکيو وڃي، ۽ هن ليک جي مطابق ضروري ڳالهين تي ضرور عمل ڪيو وڃي۔ تاڪه ان موذي مرض مان بچي سگهجي، سنڌ کي چهٽيل ڊينگي بخار ۽ صحت کاتي جو سستيءَ وارو مرض! ڊينگي مڇر سنڌ کي تپائي ماريو آهي. چيو پيو وڃي ته دنيا ۾ مڇرن جا ڪل ٽي هزار قسم آهن، جن مان 70 سيڪڙو، يعني 2500 کن مڇر ڊينگي پکيڙين ٿا. 2500 هجن يا 25 لک، مڇر، مڇر آهن، ۽ ڊينگي، ڊينگي. نه اهو هاڻي ڪو نئون مرض آهي، نه ئي اسان جو صحت کاتو ڪو نئون ادارو. نئين ته اها ٻوڏ به ناهي جنهن سنڌ جون ديهون، دڳ، سڀ ٻوڙي، سنڌ جي غريب عوام جا ڪکاوان گهر لوڙهي ڇڏيا ۽ جُڳن جي دربدري سندن ڀاڳ بڻائي ڇڏي. هڪ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٻيون ڪيئي ٻوڏون اچڻ اڻٽر هو، جن مان وبائن جي ٻوڏ به هڪ هئي. تڏهن ئي ته هر هر اختيارين کي سندن فرض ياد ڏياريندي اهو زور ڀريو پئي ويو ته بيمارين جڏهن هنگامي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ته حالتن کي منهن ڏيڻ اختيارين جي وس ۾ نه هوندو، تنهنڪري ڪنهن اهڙي ايمرجنسيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ترت قدم به کنيا وڃن ۽ تياريون به ڪيون وڃن. پر صحت کاتي جون تياريون ڪجهه اهڙيون هيون جو اڄ ڊينگي وائرس کان غريب عوام جون حياتيون بچائڻ وارو سندن فرض اچي 2 ڪروڙ رپين تي اٽڪيو آهي. اهي نه مليا ته ڪجهه نه ٿيندو! بيماريون گهڻي ڀاڱي گند، ڪچري جي پيداوار هونديون آهن، پوءِ اهو ڊينگي وائرس هجي يا هيپَٽائيٽس، يا مليريا. مڇرن مان پيدا ٿيڻ وارين بيمارين جو ته گدلاڻ سان ئي لاڳاپو هجي ٿو، جو گهڻي ڀاڱي مڇر گدلاڻ سبب وڌندا آهن. جيتري گهڻي گدلاڻ، اوترا ئي گهڻا مڇر ۽ اوترا ئي خطرناڪ وائرس. هونئن ته صحت واري عالمي اداري گهڻو اڳ ئي اهو چئي ڇڏيو هو ته دنيا ۾ اڍائي ارب ماڻهو ڊينگي وائرس جي خطري جي زد ۾ آهن، جڏهن ته انهيءَ اداري اهو پڻ واضح ڪري ڇڏيو هو ته هر سال ان وبا ۾ مبتلا ٿيندڙن جو انگ پنج ڪروڙ تائين ٿي سگهي ٿو. تازو سڄي پاڪستان ۾ هزارن جي تعداد ۾ ان جا مريض ظاهر ٿيا آهن، جنهن مان اڌ کان به وڌيڪ مريض سنڌ مان آهن، جو سنڌ ۾ ٻوڏ سبب تباهي ته پنهنجي جاءِ تي، پر وڏي گدلاڻ به پيدا ٿي آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ واري گدلاڻ سميت نيڪاس واري نظام جي درهم برهم ٿي وڃڻ سبب پيدا ٿيڻ واري گدلاڻ وڌ ۾ وڌ پريشانيءَ جو باعث بڻجندڙ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو خاص طور مليريا، هيپَٽائيٽس، ٽائيفائڊ، ڊينگي ۽ ڊينگي ”هيمريجڪ بخار” جهڙين وبائن جي پکڙجڻ جون اڳڪٿيون تڏهن ئي زور پڪڙي رهيون هيون جڏهن ٻوڏ وهڪرن اڃان اتر سنڌ جي ڪجهه ڪچي واري علائقن کي ئي پنهنجي زد ۾ آندو هو، ۽ شروعاتي طور ڪي 2 کان 3 لک ماڻهو دربدر ٿي کليل آسمان هيٺ، پڌري پٽ ڏينهن راتيون گذارڻ لڳا هئا. 2، 3 لکن کان ٻوڏ متاثرن جو تعداد وڃي 80 لکن تائين پهتو، هڪ ٻن ديهن کان وڃي 19 ضلعا ٻوڏ جي ور چڙهي تباهه ٿي ويا، پر صحت کاتي کي هوش اچڻ ۾ روايتي طور هن ڀيري به دير ٿي ويئي. جيڪڏهن ذڪر ڪجي فقط ڊينگي بخار جو ته، سنڌ ۾ ڊينگي بخار، بيمارين جي ٻين ڪن نون قسمن سميت، ڪجهه عرصو اڳ به پکڙيو هو. تڏهن به ان بخار ڪجهه ماڻهن جون حياتيون کسيون هيون. 1970ع ۾ ان جو خاتمو آڻڻ کانپوءِ 1994ع ۾ وري ڪراچيءَ مان ان جا پوڻا ٻه سئو ڪيس ظاهر ٿيا هئا، تڏهن به هڪ شخص ڊينگي بخار وگهي فوت ٿي ويو هو. ان کانپوءِ وقتن فوقتن اها وبا ڪر کڻندي رهي آهي، پر صحت کاتي سدائين ان وبا کي تڏهن ئي خطرو سمجهيو آهي جڏهن ان هنگامي حالتون پيدا ڪري ڇڏيون. هن ڀيري به جڏهن ٻوڏ جو پاڻي روڊن، رستن، شهرن، ڳوٺن ۾ بيٺل هئڻ کي 2 مهينن کان به وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، جڏهن سنڌ ۾ مجموعي طور 1500 کان به وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن تازو ئي درجنين ماڻهو ڊينگي بخار وگهي اسپتالن ڀيڙا ٿيا آهن، تڏهن صحت کاتو سجاڳ ٿيو آهي، ۽ سجاڳ ٿيندي ئي ان کي پهرين ڪي قدم کڻي وائرس جي پکيڙ روڪڻ کي ممڪن بنائڻ بدران 2 ڪروڙ رپيا ياد آيا آهن، ڄڻ هيل تائين صحت کاتو ٽڪن پئسن لاءِ واجهائيندو رهيو هجي. مڃون ٿا ته صحت کاتي کي اڪثر فنڊز جي گهٽتائيءَ واري ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پر ان جو مطلب اهو ته ناهي ته صحت کاتو اهو جواز ڄاڻائي پنهنجي ڪارڪردگي کي هر صورت ۾ روا رکڻ جي ڪوشش ڪري. اڄ به ٻوڏ متاثرن ڪهڙيون ڪيمپون آهن جتي مڇر مار دوائن جو ڦوهارو ٿيو هجي؟ ڪهڙا علائقا آهن، جتي ٻوڏ جو بيٺل پاڻي ڪارو ٿي، ڌپ ڪري ويو هجي، ۽ اتي گدلاڻ جي خاتمي لاءِ ڪي قدم کنيا ويا هجن؟ ڇا ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ ترسيل ٻارڙن جي ڪا وئڪسينيشن ٿي آهي؟ اهڙا انيڪ سوال آهن، جيڪي اٿاري سگهجن ٿا، جن جو جواب ڏيندي صحت کاتي جون اختياريون فنڊز جي کوٽ کي مک ڪارڻ ڄاڻائينديون، پر اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن صحت کاتي جا آفيسر گاڏين جا خرچ ڪڍي سگهن ٿا، جيڪڏهن اهي پنهنجي آفيسريءَ ۾ ڪا کوٽ پيدا ٿيڻ نه ٿا ڏين، جيڪڏهن صحت واري وزير جي پروٽوڪول ۾ ڪا ڪمي نٿي اچي، مطلب ته جيڪڏهن صحت کاتي جون ٻيون سموريون ضرورتون پوريون ٿيل آهن، ته پوءِ يا ته ان کاتي کي پنهنجو ڪم مناسب انداز ۾ سرانجام ڏيندي اجايون هامون نه هڻڻ گهرجن، يا وري وقت سر هر کوٽ، مسئلي ۽ معاملي جي نشاندهي ڪري ان جي تدارڪ لاءِ وس وارن کان مدد وٺڻ گهرجي. باقي، ٻين سمورين صورتن ۾ صحت کاتو ئي انهن ماڻهن جي تڪليفن جو ذميوار قرار ڏنو ويندو، جيڪي ڊينگي بخار سبب اڄ اسپتالن ڀيڙا آهن، جيڪي ان وگهي فوت ٿي ويا آهن ۽ پنهنجي پٺيان وارثن کي سوڳوار ڇڏي ويا آهن، يا جيڪي ان مرض ۾ مبتلا هئڻ باوجود مناسب طبي سهولتن کان وانجهيل آهن. ان سڄي صورتحال مان صحت کاتي کي گهٽ ۾ اهو سبق ته سکڻ گهرجي ته کين ڪنهن به طرح پنهنجي ڪم کي فقط ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ ئي شروع ڪرڻ نه گهرجي، بلڪه سدائين هوشيار رهندي عوام کي وبائن، بيمارين کان بچائڻ لاءِ اپاءَ تيار رکڻ گهرجن. گڏوگڏ اها ڪوشش به ڪرڻ گهرجي ته وبائن جي پکڙجڻ کان اڳ ئي انهن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ٿينديون هجن. ڇو ته اڄ فقط ڊينگي ئي ناهي، جنهن سنڌ جي عوام جون حياتيون خطري ۾ وجهي ڇڏيون آهن، پوليو، هيپَٽائيٽس، مليريا ۽ ٻيا انيڪ مرض آهن، جن جي مريضن جو تعداد هر ڏينهن وڌي رهيو آهي. صحت کاتو جيڪڏهن هوشيار رهڻ بدران پنهنجي ڪم لاءِ هنگامي حالتن جو انتظار ڪندو رهيو ته پوءِ ان تي ٿيڻ واري هر تنقيد کي جائز ئي سمجهيو ويندو، جو عوام جي صحت جي ذميوار ان کاتي جو اولين فرض اهڙين حالتن کي پيدا ٿيڻ کان روڪڻ آهي
جواب: ڊينگو وائرس ۽ ان کان بچاءُ جا طريقا سنڌ ۾ ڊينگي وائرس خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي غلام حسين خاصخيلي ملڪ سميت سنڌ ۾ هن وقت ڊينگي وائرس خطرناڪ شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. ملڪ اندر ڊينگي وائرس بيماري ۾ مريضن جو انگ هن وقت 3183 ٿي ويو آهي. پر ان جي باوجود اڃان تائين صحت کاتو ڊينگي وائرس تي ضابطو نه آڻي سگهيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت تائين ڊينگي وائرس بيماري سبب 16 ڄڻا پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن. جڏهن ته ملڪ ۾ فوتين جو انگ 23 تي پهچي چڪو آهي . سنڌ ۾ ڊينگي وائرس هن وقت ڳڻتي جوڳي واري صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي. اسپتالن ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ، انتظاميا جي لاپرواهي ۽ ڊاڪٽرن جي اڪثريت جي غيرموجودگي هئڻ سبب ڊينگي وائرس بيماري خطرناڪ حد تائين پهچي وئي آهي. جنهن سبب مرض ۾ مبتلا مريض ڪيترين ئي پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ هن وقت تائين ڊينگي وائرس ۾ مبتلا 49 مريض رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. جن مان ڪيترائي مريض اڃان تائين داخل آهن. جن جو علاج جاري آهي. ڊينگي وائرس حيدرآباد ضلعي ۾ تيزي سان وڌي رهيو آهي. جنهن جي روڪٿام لاءِ صحت کاتي سنڌ پاران عملي طور تي ڪي به اپاءَ نه ورتا آهن. جنهن ڪري مريضن جي انگ ۾ هر ڏينهن اضافو ٿيندو وڃي پيو. ان خطرناڪ بيماري تي فوري طور ضابطو آڻڻ لاءِ شهري ۽ ٻهراڙي جي سمورن علائقن ۾ مڇر مار اسپري ڪرائي ماڻهن کي ڊينگي وائرس بيماري بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو وڃي. سنڌ ۾ هيپاٽائيٽس، پوليو، ٽي بي ۽ ٻين ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا مريض انتهائي اذيت ناڪ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته هن وقت ڊينگي وائرس تيزي سان انساني زندگي لاءِ خطرناڪ حد تائين ثابت ٿيندو پيو وڃي. تازي آيل ٻوڏ جي پاڻي کانپوءِ پيدا ٿيل گندگيءَ سبب مڇرن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي. اهڙي صورتحال سامهون هجڻ باوجود ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ صحت کاتي طرفان ڪي قدم نه کڻڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. حيدرآباد ضلعي ۾ ڊينگي بخار سبب حيدرآباد کي ان حوالي سان ريڊ زون قرار ڏنو وڃي جڏهن ته ملڪ ۾ ڊينگي وائرس مرض تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ صدر پاڪستان آصف علي زرداري صحت جي عالمي اداري ڊبليو ، ايڇ او تي زور ڀريو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اهو مرض پکڙجڻ کان اڳ روڪڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽرجنرل ڊاڪٽر مارگرين چن صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري کيس خاطري ڪرائي آهي ته پاڪستاني عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ ۽ ملڪ کي پوليو کان بچاءَ لاءِ تعاون جاري رکيو ويندو. ڊينگي وائرس جي بيماري پيدا ڪندڙ مڇر صاف پاڻي ۾ پيدا ٿئي ٿي. هر انساني جسم ۾ رت جا اڇا جزا لڳ ڀڳ ڏيڍ لک هجن ٿا، پر جڏهن ڊينگي مڇر انسان کي چڪ هڻي ٿو ته پوءِ اهي جزا گهٽجي وڃن ٿا. جنهن سبب ان مرض ۾ مبتلا مريض موت جو شڪار ٿي وڃي ٿو. ڊينگي مڇر جي چڪ هڻڻ کانپوءِ ماڻهو جي جسم ۾ تيز بخار، اکين ۾ سور، نڪ ۽ وات مان رت اچڻ، جسم تي ڳاڙها نشان ظاهر ٿيڻ جون علامتون ٻڌايون ويون آهن. صحت کاتي ۽ ڊاڪٽرن موجب ڊينگي مڇر رات ۽ ڏينهن جي وقت ۾ ٻه دفعا انساني جسم تي حملو ڪري سگهي ٿو. جن ۾ صبح جو ڇهين کان ويندي 9 وڳي تائين جڏهن ته شام جو 4 وڳي کان ويندي رات جو 10 وڳي جا وقت شامل آهن. سنڌ جي مختلف ضلعن حيدرآباد ، بدين، ٽنڊو الهيار، ڄامشورو، ڪراچي، نوابشاهه، دادو، خيرپور ميرس ،ميرپورخاص، گهوٽڪي ۽ ٻين ۾ هن وقت تائين ڊينگي وائرس بخار ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 1650 کان به وڌي ويو آهي. ڊينگي وائرس مرض جي سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن ۾ ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي. جڏهن ته ان خطرناڪ مڇر جي چڪ لڳڻ کانپوءِ انساني جسم ۾ موجود رت جا اڇا جزا ختم ٿي وڃن ٿا ته اهي ٻيهر جسم ۾ ”سيل سيپريٽر مشين“ جي ذريعي فراهم ڪيا وڃن ٿا. اها قيمتي مشين سواءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي باقي سنڌ جي ٻي ڪنهن به ضلعي ۾ موجود ناهي. ان بيماري تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت ڊبليو ايڇ او کي مدد جي اپيل پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته حڪومت سنڌ جي 22 ضلعن ۾ ڊينگي وائرس مرض ۾ مبتلا مريضن جي علاج ۽ بچاءَ جي لاءِ فوڪل پرسن پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته صحت کاتي جي اختيارين موجب ان مرض تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مڇر مار اسپري ڪيو پيو وڃي. پر اهو هن وقت ڪٿي به ٿيندو نظر نه پيو اچي. حيدرآباد ضلعي جي اي ڊي او هيلٿ ڊاڪٽر بخش علي پتافي جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته حڪومت صحت کاتي ضلعي حيدرآباد وٽ مڇرمار اسپري جون ڪل 18 مشينون آهن. جن مان 9 خراب آهن. جڏهن ته باقي مشينون پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن. ڏسو صفحو7 جن جي ذريعي حيدرآباد ضلعي جي چئني تعلقن قاسم آباد،لطيف آباد، حيدرآباد سٽي ۽ ٻهراڙي تعلقي حيدرآباد ۾ مڇرمار اسپري مهم هلي پئي. هن ٻڌايو ته خراب پيل مڇر مار اسپري مشينن جي مرمت لاءِ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کي لکت ۾ آگاهه ڪيو آهي ته اهي مشينون فوري طور تي مرمت ڪرائي فراهم ڪيون وڃن. هن ٻڌيو ته سنڌ حڪومت صحت کاتي ضلعي حيدرآباد کي هڪ نئين مشين خريد ڪرڻ جي لاءِ 10 لک رپيه ڏيڻ جو چيوآهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ ايندڙ ڊينگي وائرس جي مريضن کي علاج جون گهربل سموريون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حيدرآباد سول اسپتال ۽ ضلعي جي ٻين ماتحت اسپتالن ۾ هن وقت تائين ڪل 70 ڊينگي بخار جا مريض رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. جن ۾ 50 سول اسپتال حيدرآباد ۾ باقي ٻيا مريض مختلف اسپتالن ۾ رجسٽرڊ ٿيا آهن. جڏهن ته هڪ مٽياري واسي مريض فوت ٿي ويو آهي. ڊينگي مڇر بابت مليل ڄاڻ موجب اهو مڇر ”ايڊيز ايجپٽي“ لاطيني امريڪا کان مصر ملڪ ۾ منتقل ٿيو هو. جڏهن ته ڊينگي وائرس جي ايشيائي ملڪن ۾ پهريون ڀيرو 1950ع ڌاري سڃاڻپ ٿي هئي. ڊينگي وائرس جو مرض سڀ کان پهريان فلپائن ۽ ٿائيلينڊ ملڪن ۾ پيدا ٿيو هو. جنهن بعد اهو وائرس تيزي سان ڀارت، پاڪستان، وچ ايشيا، ڏکڻ اوڀر ايشيا، آفريڪا ۽ ويسٽرن پيسفڪ جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڦهلجي ويو. هن وقت اهي ڄاڻايل سمورا ملڪ ڊينگي وائرس جهڙي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا آهن، ڊينگي وائرس 1970ع ۾ صرف 9 ملڪن ۾ موجود هو. پر ان تي ڪنٽرو ڪرڻ جي لاءِ ڪي به ان وقت اپاءَ نه ورتا ويا هئا. جنهن سبب 1995ع ۾ ان وائرس ۾ تمام گهڻي تيزي اچي وئي. ان سلسلي ۾ عالمي صحت جي هڪ اداري جي رپورٽ موجب دنيا ۾ هر سال 2 ڪروڙ ماڻهو ڊينگي وائرس مان متاثر ٿين ٿا. ان لاءِ سنڌ ۾ هڪ وقت پکڙيل ڊينگي وائرس تي تڪڙو ظابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومت ۽ صحت کاتي کي گهرجي ته هو فوري طور تي ڪارائتا قدم کڻي متاثر علائقن ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ۽ اسپتال ۾ داخل مريضن جو علاج صحيح طريقي سان ڪرڻ واري عمل کي يقيني بڻائي سنڌ جي شهرن ، ٻهراڙي وارن علائقن ۽ ٻوڏ سٽيل جي ڪئمپن ۾ به هنگامي بنيادن تي صحت کاتي جون ڪئمپون قائم ڪري ماڻهن جو ڊينگي وائرس جي بيماري جي سڃاڻپ ڪرڻ جي لاءِ انهن جون ٽيسٽون ڪيون وڃن ته جيئن وڌيڪ ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا نه ٿي سگهن. جيڪڏهن حڪومت طرفان تڪڙا قدم نه کنيا ويا ته پوءِ ڊينگي وائرس انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي وڃن سوين انساني حياتيون ختم ٿيڻ جو انديشو ۽ امڪان وڌي رهيو آهي. بشڪريه روزانه عبرت ڊينگي وائرس، احتياطي طريقا ۽ رياست جي ذميواري ڪنول سنڌي سنڌ ۾ ڊينگي وائرس جا ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن ۽ گذريل ٻن ٽن هفتن ۾ ڊينگي بخار ۾ ورتل مريضن جو انگ سون ۾ ٿي ويو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڊينگي وائرس خاص قسم جي مڇر جي چڪ پائڻ سان لڳي ٿو ۽ اهو هڪ ماڻهو مان ٻي ماڻهو ۾ به منتقل ٿي سگهي ٿو. اهو خاص قسم جو مڇر سج لهڻ ۽ سج اڀرڻ جي وقت ظاهر ٿئي ٿو، اهو مڇر تازي پاڻي جي دٻن، نالين، گهر ۾ برتن ڌوئڻ واري هنڌ ۽ پاڻي جي ٽونٽين وٽ موجود رهندو آهي. ڊينگي وائرس اصل ۾ آفريقي علائقن ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ گهڻو هوندو آهي ۽ اتي ڊينگي وائرس پکڙيندڙ مڇر وڏي تعداد ۾ آهن. سائنٽيفيڪ حوالي سان انهي وائرس جي فيملي Flaviviride جنس flavivirus ۽ اشپسيز Dengue Virus آهي ۽ اهو hemovrhegic بخار ڪندو آهي. ڊينگي بخار جو هاڻي سؤ سيڪڙو علاج موجود آهي پر شرط اهو آهي ته انهي وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جي وقت سر اسپتال تائين رسائي ٿئي. جيڪڏهن ماڻهن دير ڪئي ته انهي سان حياتي کسجي سگهجي ٿي. ڊينگي وائرس جون پنهنجون علامتون هونديون آهن جنهن ۾ لاڳتو تيز بخار رهڻ، صبح جو شديد سُور پوڻ، هڏن جي جوڙن ۾ سور پوڻ، اکين جي پويان شديد سور پوڻ، چمڙي تي ڳاڙها داغ ٿيڻ، خارش ٿيڻ، نڪ يا مهاڙن مان رت اچڻ ۽ ننڊاڪڙو ٿيڻ. ڊينگي وائرس لڳڻ جون علامتون آهن. انهي مرض کي بيڪ بون فيور Back bone fever به سڏيو ويندو آهي. ڊاڪٽرن موجب ڊينگي وارو مڇر سج اڀرڻ ۽ سج لهڻ وقت ماڻهن کي چڪ پائيندو آهي پر سائنسدانن جي تحقيق موجب اهو مڇر ڪيڏي مهل به چڪ هڻي سگهي ٿو پر خاص وقت سج اڀرڻ ۽ لهڻ وارو آهي. خاص طرح موسم بادلن واري هوندي آهي ته اهي مڇر وڌيڪ ظاهرٿيندا آهن. ڊينگي وائرس لڳڻ سان معدو به خراب ٿي پوندو آهي. ڊينگي وائرس ڏکڻ اوڀر ايشيا، ٿائيلينڊ، ويٽنام، سنگاپور، ملائيشيا، ڪيوبا، آفريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ ڊينگي وائرس وڌيڪ هوندو آهي. گڏيل قومن جي اداري ڊبليو ايڇ او موجب دنيا جي پنجون حصو آبادي 2.5 ارب ماڻهو ڊينگي وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ جي رسڪ تي آهن ۽ هر سال دنيا ۾ 50 ملين ماڻهو ڊينگي وائرس سان متاثر ٿيندا ۽ اهو مرض 100 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پڪڙجي ويندو. 1998ع ۾ ڪوئينس لينڊ انسٽيٽوٽ مان ميڊيڪل ريسرچ ڪيول آءِ ايم آر جي آسٽريليا ۽ ويٽنام ۾ ڪيل تحقيق موجب پاڻي جي ٽنيڪر ۽ ڪنٽينر مان پاڻي جي جيوڙا مليا پر انهي تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ دوران معلوم ٿيو ته اهو مڇرن جو هڪ مختلف قسم آهي جنهن جو نالو Aeded aegypti مڇر ڏنو ويو. ڊينگي وائرس ٿيڻ کان پوءِ اهو جسم تي مڪمل طور حاوي ٿيڻ ۾ 3 کان 15 ڏينهن لڳائيندو آهي. اڪثر 5 کان 8 ڏينهن ۾ اهو وائرس جسم ۾ مڪمل طور ڪنٽرول ڪري وٺندو آهي ۽ بخار 104 ڊگري سينٽي گريڊ تي پهچي ويندو آهي. ڊينگي واري مڇر کان بچڻ لاءِ گهرن اندر توڙي آس پاس ۾ موجود بيٺل پاڻي کي نيڪال ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اهو نيڪال ٿيڻ ممڪن نه آهي ته پوءِ ان ۾ گاسليٽ، ڊيزل يا مڇر مار اسپري هاري ڇڏجي. گهر ۾ برتن ڌوئڻ، پاڻي جي ٽانڪي، ٽونٽين وٽ صفائي رکو.اتي ضرور اسپري ڪريو پاڻي جي ٽانڪي کي ڍڪ ڏئي رکڻ کپي، گهر جي درين ۽ دروازن کي ڄاري لڳائڻ کپي، گهرن توڙي آس پاس مڇر مار اسپري ڪرائڻ گهرجي. رات جو مڇرداني لڳائي وڃي ۽ وائرس لڳڻ يا مٿي ڄاڻايل علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ فوري طور ڊاڪٽرن سان رابطو ڪرڻ گهرجي. سنڌ ۾ اهو وائرس ظاهر ٿيڻ باوجود سنڌ جي صحت کاتي اڃا تائين ڪي به اُپاءُ ناهن ورتا ان حوالي سان ڪا خاص سرگرمي به نظر نٿي اچي. سنڌ جو مليريا کاتو اڃا تائين قائم آهي يا اهو فائيلن ۾هلي رهيو آهي. ان بابت عوام کي ڪابه خبر ناهي. ڇو ته گذريل 10، 12 سالن ۾ اسپري ٿيندي ڪٿي به نظر نه آيو آهي. جيڪڏهن اهو عملو ڪم ڪري ٿو ته شايد صرف فائيلن ۾ ڪم ڪري ٿو. شهرن ۾ اڄ تائين اهڙو قسم جو ڪوبه ڦوهارو نه ٿيو آهي. باقي ڪامورا دعويٰ ڪري ڇڏيندا آهن هڪ ته ملڪ ۾ مهانگائي ماڻهن جي چيلهه ڄٻي ڪري ڇڏي آهي ماڻهن ۾ هاڻي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ خوراڪ وٺڻ جي سگهه نه رهي آهي اتي پنهنجي صحت کي بهتر رکڻ ڪنهن غريب لاءِ ناممڪن آهي. اهڙين حالتن ۾ رياست تي اها ذميواري هوندي آهي ته هو عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون فراهم ڪري. پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. بجيٽ ۾ فنڊ ته رکيا ويندا آهن پر انهن مان عوام تي ڪجهه به خرچ ناهي ٿيندو. سموري رقم فائيلن ۾ ڪارروائي تحت ڪامورا هڙپ ڪري ويندا آهن. اڪثر ايئن ٿيندو آهي جو ڪامورا اهي فنڊ عوام تي خرچ ناهن ڪندا ۽ رکي رکي آخر ۾ جون جي مهينو ويجهو اچڻ تي ايئن ڪڍرائي هڙپ ڪري ڇڏيندا آهن انهي ڪري هاڻي سرڪار کي عوام کي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ رليف ڏيڻو آهي ته باقاعده عملي قدم کڻڻا پوندا. جنهن لاءِ هر شيءَ تي نظر رکڻي پوندي. اهو ڏسڻو پوندو ته فنڊن جو صحيح استعمال ٿي رهيو آهي يا نه؟ عوام کي ڪجهه رليف ملي رهيو آهي يا نه؟ مثلن جيڪڏهن مليريا کاتي ۾ رقم رکي وئي آهي ته ڇا انهي مان مليريا اسپري ٿي رهيو آهي؟ ڇا ٻارڙن کي ٽڪا صحيح انداز ۾ لڳي رهيا آهن؟ جيڪڏهن ڪامورا 50 سيڪڙو به ايمانداري سان ڪم ڪن ته عوام کي ڪجهه نه ڪجهه رليف ملي سگهي ٿو. شهرن ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري مليريا سان گڏ ڊينگي وائرس به تيزي سان پکڙجڻ جو خدشو آهي. انهي ڪري انهي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سرڪار کي بنيادي تي قدم کڻڻا پوندا حيدرآباد جي اي ڊي او صحت بخش علي پتافي جو چوڻ آهي ته هو حيدرآباد شهر ۾ اسپري شروع ڪرائي رهيو آهي. هاڻي اها خبر ناهي اهو اسپري ڪيترو ٿيندو ۽ اي ڊي او جي حڪم تي ڪيترو عمل ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اسپري شروع ڪيو ويو آهي ته اهو انتهائي سٺو قدم پر ايئن نه ٿيڻ گرجي جو اهو صرف ڊفينس ۽ قاسم آباد جهڙن پوش علائقن ۾ ٿئي اهو اسپري اتي به ٿيڻ گهرجي جتي غريب رهن ٿا انهن جوبه اهو بنيادي حق آهي. پپيتي جي پنن جو جوس جيڪو ڊينگي لاءِ بخار لاءِ هڪ ٽڪ آهي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ ڪلهه ڊينگي جو مرض عام بڻجي چڪو آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجين حياتين تان هٿ به ڌوئي چڪا آهن. ڊينگي بخار اصل ۾ هڪ مخصوص مڇر جي چڪ پائڻ سان ٿئي ٿو، جيڪو کوڙ واقعن ۾ موتمار به ثابت ٿيو آهي، تازو ٿيل هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پپيتي جي پنن جو جوس ڊينگي جي خاتمي لاءِ بهترين دوا آهي. تحقيق موجب پپيتي جي پنن جو جوس پيئارڻ سان هڪ مريض ۾ ڪيل رت جي منتقلي کان پوءِ رت جا ڦڙا گهٽ کان گهٽ ضايع ٿيا. هڪ ٻيو مريض جنهن ۾ 20 ليٽر رت منتقل ڪرڻ کان پوءِ 45 سيڪڙو ڳاڙهي رت جا جزا ضايع ٿي ويا، پر ڄاڻايل جوس پيئڻ کان پوءِ سندس ڳاڙهي رت جي جزن ۾ 135سيڪڙو جي واڌ نظر آئي، اهڙي تجربي دوران ڊاڪٽر به حيران ٿي ويا. اهڙي طرح ٻئي مريض اسپتال مان فائدو ملڻ سبب ڊسچارج ٿي ويا. ڊينگي بخار جي مريضن کي صلاح ڏجي ٿي ته پپيتي جا ڪچا پن کڻي، انهن کي صاف پاڻي سان ڌوئڻ کان پوءِ انهن کي نچوڙيو وڃي، جنهن کان پوءِ صاف ڪپڙي سان اهو جوس ڇاڻيو وڃي، اهڙيءَ طرح ڏينهن ۾ ٻه چمچا واپرايا وڃن، جوس کي گرم يا ٽهڪايو نه وڃي، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ جوس مان اثر ختم ٿي ويندو، اهو جوس گهڻو تلخ هوندو آهي پر مريض کي پيئڻو آهي. تحقيق ۾ واضح ٿي ويو ته پپيتي جي تازن پنن جو جوس ڊينگي بخار جو قدرتي علاج آهي. حقيقت ۾ پپيتي جي پنن جو جوس ٺاهڻ ڏاڍو سولو آهي پر ان جو جيڪو اثر آهي اهو نهايت موثر ۽ ڊينگي بخار لاءِ هڪ ٽڪ قرار ڏنو ويو آهي.