حاڪم
سينيئر رڪن
(آن لائن) پاڪستان ۽ آمريڪا اسٽريٽجڪ ڳالهين جي ٽين دور کي ڪامياب قرار ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ دفاع، امداد، دهشتگردي سميت سمورن شغبن ۾ هڪ ٻئي سان مڪمل سهڪار ڪندا. آمريڪا پاڪستان لاءِ 2 ارب ڊالرن جي دفاعي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي. جيڪو 5 سالن جي عرصي ۾ ڏنو ويندو. آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان ڳالهين بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. پاڪستاني فوج سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪستان اڃا به ڪيترن وڏن چيلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي. اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جي حڪمت عملي جوڙي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سان ملڪ جو 30 سيڪڙو حصو متاثر ٿيو، 2 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا، روڊ رستا تباهه ٿي ويا، سيارو اچي رهيو آهي. انهن متاثرن جي سندن گهرن ۾ بحالي اولين ترجيح آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستاني فوج سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته 2 ارب ڊالرن واري پيڪيج لاءِ ڪانگريس کي درخواست ڏبي، پاڪستان سان پاڻي، بجلي شعبن جي مختلف منصوبن تي ٺاهه ڪيو آهي. آمريڪا عالمي برادري سان گڏجي پاڪستاني عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آمريڪا پاران دفاعي امداد تي سندن ٿورائتا آهيون پر پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪنهن قسم جي سوديبازي نه ڪئي ويندي. اهو پهريون موقعو آهي جو ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن سان عوام کي فائدو پهچي رهيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم وڌي رهيا آهن پر عالمي برادري ان تي خاموش آهي. دهشتگردي خلاف ٻئي ملڪ گڏجي جدوجهد ڪري رهيا آهن، افغانستان ۾ موجود نيٽو فوج کان وڌيڪ پاڪستاني عوام ۽ فوج جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. خودڪش حملن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سان عوام ۾ خوف حراس ڦهليل آهي. 13 هزار کان وڌيڪ شهري انهن حملن ۾ مارجي ويا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ قدرتي آفت آهي، جنهن پاڪستان جو بنيادي ڍانچو تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ان سلسلي ۾ اڪيلي سر ڪجهه نٿو ڪري سگهي. دوست ملڪن جي سهڪار جي سخت ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي امداد ساراهه جوڳو عمل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ هاڻ جمهوريت قائم آهي. پهريون ڀيرو پاڪستان آمريڪا سان پراعتماد طريقي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. ان سان پاڪستاني عوام کي فائدو ملي رهيو آهي. اسٽريٽجڪ ڳالهين ۾ 13 ورڪنگ گروپ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو دين مذهب ناهي. اسان کي خبر آهي ته اسان جو دشمن ڪير آهي ۽ پاڪستان ڪنهن کي به پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندو. اسان کي دهشتگردي ڪنهن صورت ۾ قبول ناهي. پاڪ آمريڪا ڳالهين جو ايندڙ چوٿون دور اسلام آباد ۾ ٿيندو، اميد آهي ته هيلري ڪلنٽن به ان ۾ شرڪت ڪندي. هوڏانهن آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني آمريڪا جي مرڪزي ڪمانڊ جي سربراهه جنرل جيمز اين ميٽس سان ملاقات ڪئي، جنرل ڪياني والٽر ريڊ ميڊيڪل سينٽر جو به دورو ڪيو. جتي هن طالبان حملن ۾ زخمي ٿيل فوجين سان ملاقات ڪئي. جنرل ڪياني ۽ جنرل جيمز ميٽس القاعده ۽ طالبان خلاف آپريشنز تي غور ڪيو. هوڏانهن وزير دفاع چوڌري احمد مختار آمريڪا جي اڳوڻي وزير دفاع رچرڊ آرميٽيج ۽ ڪولن پاول سان ملاقاتون ڪيون، جڏهن ته جنرل ڪياني به آمريڪا جي اڳوڻن دفاع وارن وزيرن سان اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن.
روزانا عبرت 23۔10۔2010
روزانا عبرت 23۔10۔2010