• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاڪ فوج ڪرائي جي قاتل ناهي جو ٻين جي جنگ وڙهي، آمريڪا امداد جو اعلان ڪري احسان نه ڪ

حاڪم

سينيئر رڪن
اسلام آباد(بيورو رپورٽ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪ فوج ڪرائي جي قاتل ناهي جو ٻئي ڪنهن جي جنگ وڙهي، آمريڪا فوجي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري احسان ناهي ڪيو، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه اندروني دٻاءُ سبب ڪشمير مسئلي تي پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ کان ڦري ويو، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، پاڪ فوج محب وطن آهي، آمريڪا فوجي امداد جو اعلان ڪري احسان ناهي ڪيو، ڀارتي وزاعظم من موهن سنگهه ڀارتي پارليامينٽ ۽ عوام جي دٻاءُ سبب ڪشمير مسئلي تي پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ ممبئي حملن کي بهانو بڻايو ويو آهي، پاڪستان ۾ ممبئي حملن جهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن پر پاڪستان ڀارت سان ڳالهيون ختم ناهن ڪيون، آمريڪا ڪشمير مسئلي تي ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي صورتحال مختلف آهي، ٻنهي ملڪن بابت آمريڪا جي پاليسي غلط آهي، پاڪستان کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ افغان مسئلي جو حل ممڪن ناهي، پاڪستان ائٽمي طاقت آهي ۽ خطي ۾ امن چاهي ٿو. ملڪي خودمختياري تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته مشرف جي حڪومت آمريڪي ڊرون کي پاڪستان جي علائقن ۾ جاسوسي ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي پر ميزائيلن سان حملا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. آمريڪا ڊرون ٽيڪنالاجي پاڪستان کي فراهم ڪري ۽ پاڪ چين ائٽمي معاهدي جيان آمريڪا به پاڪستان سان معاهدو ڪري. وزيراعظم سنڌ جي هوائي اڏن کان آمريڪي ڊرون جهازن جي اڏام جي ترديد ڪئي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ سفيرن جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا سان برابري جي بنياد تي لاڳاپا آهن ڪنهنجي چوڻ تي آپريشن نه ڪنداسين، ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪيون ٿا، ڀارتي قيادت مايوس ڪيو آهي پر امن افغانستان لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهنداسين ڪير به اسان جي قوم ۽ ادارن کي ڪمزور نه سمجهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ۾ وڏيون صلاحيتون آهن ۽ اسان جي ملڪ ۾ قدرتي وسيلن جي کوٽ ناهي اسان وٽ سائنسدان ۽ انجنيئر به موجود آهن قوم وڏين وڏين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي اسان کي پنهنجي ثقافت تي فخر آهي اسان پنهنجي قومي سلامتي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي آهي ۽ نه ڪنداسين پاڪستان اڄ جمهوريت جي دور مان گذري رهيو آهي جيڪو هن ملڪ جي خوشحالي ۽ امن جو رستو آهي. هن چيو ته جيئن ٻين ملڪن جي قومن کي نوڪريون صحت، تعليم، سلامتي ۽ امن جي فراهمي لاءِ حڪومتون ڪم ڪنديون آهن انهن وانگر اسان جي حڪومت جي به اهائي ترجيح آهي. هن چيو ته وفاقي جمهوري نظام حڪومت ۾ سڀني جي شرڪت هوندي آهي ۽ ترقي اسان جي حڪومت جي بنيادي ترجيح آهي ۽ ان لاءِ اسان کي پرامن پاڙيسرين جي ضرورت آهي ۽ هن خطي وڏي عرصي کان ڇڪتاڻ ڏٺي آهي ان ۾ پرڏيهي قوتن جو به عمل دخل رهيو آهي ۽ عالمي قوتن جي سازشن جي ڪري اسان جو خطو هميشه يرغمال بڻيل رهيو آهي ۽ جيڪا خطي ۾ هن وقت ڇڪتاڻ آهي اها به ڪولڊ وار واري دور جو نتيجو آهي. هن چيو ته عالمي طاقتن جي حڪمت عملي ۽ پاليسي جي نتيجن جو سڌو سنئون اثر پاڪستان تي پيو آهي ۽ اسان اڪيلا ٿي ويا هئاسين ۽ اهڙو دور ڪنهن به ٻي قوم تي نه آيو ۽ انهن عالمي نظرين جي ڇڪتاڻ جو اسان تي تمام گهڻو اثر پيو ۽ اسان ان عالمي ۽ اسلامي ذميوارين وارو وزن فرض سمجهي برداشت ڪيو ۽ انساني قدرن ۾ اسان يقين رکون ٿا، دنيا ۾ امن ۽ آزادي لاءِ اسان اهو سڀڪجهه ڪيو. هن چيو ته اسين اڄ جنهن تاريخ کي درست ڪري رهيا آهيون اها اسان جي خراب ڪيل ناهي پر ٻين جي خراب ڪيل آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن سمورين چئلينجن مان نڪري ويندو پاڪستاني قوم مضبوط آهي اسان اڳي کان به وڌيڪ مضبوط ٿينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي پهرين ترجيح اها آهي ته پاڙيسرين سان دوستانه لاڳاپا هجن ۽ اهي مستحق هجن ۽ اسان سمورن پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا پر اهي برابري جي بنياد ۽ فائدن تي هئڻ گهرجن ۽ اهوئي اسان جي پاليسي جو نقطو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ تڪراري معاملن کي ڳالهين وسيلي حل ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان جي لاءِ همت ۽ قيادت جو هئڻ ضروري آهي. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ بهتر لاڳاپن جو به دارومدار صرف ڳالهين تي ئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مون ڀارتي وزيراعظم سان پڻ ڳالهايو آهي پر آءٌ انهن ملاقاتن ۽ واعدن مان مايوس آهيان ڇو جو اهي اڃا تائين عمل ۾ نه اچي سگهيون آهن ۽ جامع امن ڳالهين وارو عمل اڃا تائين شروع نه ٿيو آهي. هن چيو ته ڪشمير جي موجوده حالتن تي اسان کي سخت ڳڻتي آهي پاڪستان ڪشميرين جي سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ خوشحالي به اسان جي پاليسي جو حصو آهي ۽ افغانستان ۾ مفاهمت واري پاليسي کي اڳتي وڌائڻ ۾ هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته افغانستان ۾امن کانسواءِ هن خطي ۾ امن نه ايندو ۽ ان سلسلي ۾ اسان افغانستان سان اقتصادي ترقي جي حوالي سان ٺاهن تي صحيحون به ڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جا چين سان به بهتر لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ ڪيترن ئي معاملن ۾ هڪٻئي سان سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ايران به اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي ان سان به اسان جا روحاني ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن ۽ ايران سان گئس پائپ وارو منصوبو انهن لاڳاپن جي هڪ نشاني آهي. هن چيو ته اسان ايران جي پرامن ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪريون ٿا ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غير سنجيدگي جا هن خطي ۾ تمام خطرناڪ نتيجا نڪرندا. هن چيو ته سمورن عرب ملڪن سان به اسان جا ڀائراڻا ۽ دوستاڻه لاڳاپا آهن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي امداد ۾ انهن جي مدد جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان هاڻي آفريقا ۽ ليٽن آمريڪا جي رياستن سان به بهتر لاڳاپا جوڙي ورتا آهن جڏهن ته وچ ايشيا جي ملڪن سان به واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جڏهن ته آمريڪا سان برابري ۽ گڏيل مفادن جي بنياد تي لاڳاپا آهن. هن چيو ته آمريڪا سان دفاعي ڳالهين وارو عمل اڳتي جي سهڪار لاءِ تمام اهميت وارو آهي تنهن ڪري اسان کي اميد آهي ته انهن ڳالهين جا بهتر نتيجا نڪرندا ان کانسواءِ يورپي يونين سان به اسان جا لاڳاپا اڳ جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر آهن يورپي يونين پاڪستان کي سندس شين جي لاءِ پنهنجي منڊي تائين رسائي ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته روس جي صدر سان به منهنجي تمام بهتر ملاقات ٿي ۽ ان ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. هن چيو ته پاڪستان ذميوار ايٽمي رياست آهي ۽ اها صرف اسان پنهنجي دفاعي مقصدن لاءِ رکي آهي ۽ اسان پنهنجي ذميوارن کان آگاهه آهيون ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ضمانت لاءِ اسان وٽ ايٽمي قوت جو هئڻ لازمي آهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي اصولن جو احترام ڪيون ٿا ۽ انهن تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته هن وقت اسان وٽ خودمختيار پارليامينٽ، آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا موجود آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي اقتصادي سڌارن کي پنهنجي ترجيحن مطابق آڻي رهيا آهيون ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته ڪير به اسان جي قوم ۽ ادارن لاءِ ائين نه سمجهي ته اهي ڪمزور ٿيندا پر اسان جا ادارا ۽ قوم اڳ کان به وڌيڪ مضبوط ۽ ترقي طرف سفر ڪندا. هن چيو ته پاڪستاني فورسز ڪرائي جي ناهي جو اها ٻئي ڪنهنجي چوڻ تي آپريشن ڪري اسان کي جڏهن به ۽ جتي به آپريشن ڪرڻو هوندو ته ان جو فيصلو اسان پاڻ ڪنداسين. آ
 
جواب: پاڪ فوج ڪرائي جي قاتل ناهي جو ٻين جي جنگ وڙهي، آمريڪا امداد جو اعلان ڪري احسا

ادا مهرباني اوهان جي .............
 
Back
Top