حاڪم
سينيئر رڪن
اسلام آباد (م ڊ/ايجنسيون) سپريم ڪورٽ ارڙهين آئيني ترميم خلاف درخواستن جو مختصر فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ ججن جي مقرري بابت شق 175 اي جو ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ پارليامينٽ کي موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ارڙهين ترميم کي درست قرار ڏنو ويو. عدليه ۾ نيون مقرريون آرٽيڪل 175 تحت ٿينديون. ٽن مهينن اندر نظرثاني جي سفارش ڪئي وئي، ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي جنوري 2011 تائين ملتوي ڪئي وئي. عبوري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ججن جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن ۾ سينيئر ججن جو تعداد 2 مان وڌائي 4 ڪيو وڃي. اها جوڊيشل ڪميشن ڄاڻايل نالي جي طور جج مقرري جي ٻيهر سفارش ڪري ته نالو قطعي سمجهيو وڃي. چيف جسٽس عبوري فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ وفاقي شرعي عدالت، صوبائي هاءِ ڪورٽن ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري جوڊيشل ڪميشن مان نامزدگي ۽ پارلياماني ڪميٽي ۾ منظوري سان ڪرائڻ آئيني ترميم سان درست ناهي. چيف جسٽس چيو ته ججن جي مقرري متعلق اهڙو شفاف طريقو اختيار ڪيو وڃي، جنهن مٿان ڪير به آڱر نه کڻي. ڪنهن سان به همدردي ناهي. اسان صرف قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا. سپريم ڪورٽ ججن جي مقرري واري طريقيڪار بابت پنهنجي سفارشن ۾ چيو ته ججن جي مقرري بابت عدالتي ڪميشن جي ڪارروائي چيف جسٽس هلائيندو، جڏهن ته پارلياماني ڪميٽي جوڊيشل ڪميشن جي سفارشن کي ويٽو ڪري سگهي ٿي. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس بند ڪمري ۾ ٿيندو، ان جي سمورين ڪاررواين جو رڪارڊ رکيو ويندو. فيصلي موجب في الحال هاءِ ڪورٽن ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري آرٽيڪل 175 تحت ئي ٿيندي. فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ججن جي مقرري کان اڳ طريقي ۾ چيف جسٽس راءِ کي مرڪزي اهميت حاصل هئي. آئيني ترميم ڪري ان ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ۽ جوڊيشل ڪميشن ۾ اٽارني جنرل ۽ قانون واري وزير کي جوڊيشل ميمبرن جي برابر بڻايو ويو. فيصلي ۾ اهو به ٻڌايو ته قومي اسيمبلي موجود نه هجڻ جي صورت ۾ آرٽيڪل 175 اي ۾ پارلياماني ڪميٽي جي وجود جو متبادل ناهي ٻڌايو ويو. عدالت اهو به چيو آهي ته ڪيس جو حڪم ٻڌائڻ لاءِ 2 آپشن هئا يا ته ارڙهين ترميم تي فوري فيصلو ٻڌايو وڃي يا معاملو واپس عوامي نمائندن ڏانهن موڪليو وڃي. عدالت جو اهو به چوڻ آهي ته ججن جي مقرري واري طريقيڪار ۾ پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس بند ڪمري ۾ ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي جنوري جي آخري هفتي تائين ملتوي ڪرڻ واري فيصلي جي ڪاپي سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، ميان رضا رباني ۽ قانون واري سيڪريٽري کي موڪلڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو.
تاريخ جي اهم ترين ڪيس جي چئن مهينن تائين ڪارروائي هلي
اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) ارڙهين ترميم بابت ملڪي تاريخ جي اهم ترين ڪيس بابت ڪارروائي 4 مهينن کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، جنهن بعد سپريم ڪورٽ درخواستن جو فيصلو ٻڌايو. ارڙهين ترميم هن سال اپريل ۾ منظور ٿي هئي. ڪجهه شقن کي مئي ۾ چئلينج ڪيو ويو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 17 رڪني بئنچ 24 مئي کان ان ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي. ان ڪيس کي عدالتي تاريخ جو ڊگهو ترين ڪيس چيو پيو وڃي، جنهن خلاف 22 درخواستون داخل ڪيون ويون، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، جيڪي 24 مئي کان 30 سيپٽمبر تائين جاري رهيون.
عدالت پارليامينٽ سان گڏ هلڻ جو رستو ڏيکاريو آهي: اڳوڻا جج
اسلام آباد/ڪراچي: جسٽس (ر) سعيد الزمان صديقي چيو آهي ته 18 هين ترميم ڪيس جي فيصلي سان پارليامينٽ جي اختيارن جو تعين ٿيندو ۽ آئين جي بنيادي ڍانچي جو تصور واضح ٿي ويندو. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ان فيصلي سان پاڪستان جي سياست ۽ مستقبل جي حڪومتن تي گهرو اثر پوندو. جڏهن ته جسٽس (ر)طارق محمود چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان انهن ماڻهن کي ماويسي ٿي هوندي، جن چيو ٿي ته قيامت اچڻ واري آهي. اسان کي اڳتي وڌڻو آهي. قوم سک جو ساهه کنيو آهي. جسٽس (ر) فخر الدين جي ابراهيم چيو آهي ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ سان گڏ هلڻ جو بهترين رستو ڏيکاريو آهي. آئيني حڪومت آهي. پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪو به تڪرار نه ٿيندو. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آئيني بحران ختم ٿي ويو آهي.
وڪيلن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي
ڪراچي/اسلام آباد: ملڪ جي وڪيل اڳواڻن 18 هين ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪري ڇڏي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر رشيد اي رضوي چيو آهي ته عدليه وڪيلن جي موقف کي تسليم ڪيو آهي. اسان کي اميد آهي ته پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مثبت موٽ ڏيندي. سپريم ڪورٽ جي وڪيل احمد رضا قصوري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مايوسي ختم ٿي ويندي.ادارا مضبوط ٿيندا. نامياري قانوندان اي ڪي ڊوگر چيو آهي ته اهو فيصلو اسان جي اميدن مطابق آهي. جڊيشل ڪميشن سان قانون واري وزارت جو ڪو به تعلق ناهي. هن چيو ته پارلياماني ڪميٽي جو ججن جي مقرري سان ڪو به تعلق ناهي.
عدالتي فيصلي کان پوءِ درخواست ڏيندڙ ۽ وڪيل غائب
اسلام آباد (آن لائن) 18 هين ترميم خلاف فيصلي کان پوءِ ان ترميم جا مخالف درخواست ڏيندڙ ۽ پيروي ڪندڙ وڪيل فوري طور غائب ٿي ويا، انهن طرفان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور ڪو رد عمل سامهون نه اچڻ تي انهن وڪيلن ۾ شديد مايوسي ڦهلجي وئي، جيڪي اتي نعري بازي ڪرڻ آيا هئا، چار مهينن کان ترميم مخالف وڪيل روزانو ميڊيا آڏو 18 هين ترميم جي مخالفت ۾ دليل ڏيندي نه ٿڪجندا هئا. سپريم ڪورٽ بار جو صدر قاضي انور سپريم ڪورٽ ۾ هئڻ باوجود ميڊيا سامهون نه آيو. اڪرم شيخ جي باري ۾ چيو ويو ته سندس طبيعت خراب آهي، حامد خان جي باري ۾ چيو ويو ته هو سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن جي سلسلي ۾ مصروف آهي.
ججن جي مقرري به پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي: اعتزاز
اسلام آباد: نامياري وڪيل پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئين ۾ تبديلين کان پاسو ڪيو آهي. مون کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو سٺو لڳو آهي ۽ 18 هين ترميم ۾ سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کي پنهنجي تحفظات کان آگاهه ڪيو آهي. حڪومت کي موقعو ڏنو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته حڪومت ۽ پارليامينٽ کي سرخرو ٿيڻ جو موقعو آهي. هن چيو ته پهرين چيو ويندو هو ته عدليه حڪومت ۽ پارليامينٽ کي ڪم ڪرڻ نٿي ڏئي پر اهي خدشا ختم ٿي ويا آهن آئون خود به پارلياماني ڪميٽي جي خلاف ناهيان. ججن جي مقرري جو اختيار به پارليامينٽ کي ڏيڻ گهرجي. آمريڪا جو مثال ڏيڻ مناسب ناهي، اتي صدر جج نامزد ڪندو آهي پوءِ اتي سينيٽ ۽ ايوان نمائندگان جائزو وٺندو آهي.
سپريم ڪورٽ آئين کي ناهي ڇيڙيو: علي احمد ڪرد
اسلام آباد: سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر علي احمد ڪرد سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته عدليه پارليامينٽ جي بالادستي کي تسليم ڪيو آهي. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته 18 هين ترميم کان پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو پٽيشنز جو رجحان پيدا ٿيو اسان چيو هو ته ان سان جهيڙو وڌندو. پر اڄ سپريم ڪورٽ درست فيصلو ڏنو آهي. سپريم ڪورٽ آئين کي ناهي ڇڏيو. قوم کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي. پارلياماني ڪميٽي وٽ هاڻي ان فيصلي تي مثبت موٽ ملڻ گهرجي.
ججن جي مقرري تي حتمي فيصلو چيف جسٽس جو هوندو: حفيظ پيرزادو
اسلام آباد: نامياري آئيني ۽ قانوني ماهر حفيظ پيرزادي چيو آهي ته ججن جي مقرري ۾ حتمي فيصلو چيف جسٽس جو هوندو. پارلياماني ڪميٽي ۾ ججن جي مقرري تي اختلاف ٿيو ته آخري فيصلو سپريم ڪورٽ ئي ڪندي. هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلو ڏنو آهي.
سپريم ڪورٽ مثبت فيصلو ڏنو آهي: قائم علي شاهه
ڪراچي (هه آ): سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سپريم ڪورٽ طرفان 18هين ترميم جي حوالي سان ڏنل فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو مثبت فيصلو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي ۽ عدليه ۽ ان جي فيصلن جو احترام ڪري ٿي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جي نتيجي ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي هٿي ملندي.
سپريم ڪورٽ عوام جي حڪمراني جو حق تسليم ڪيو آهي: لطيف کوسو
اسلام آباد: پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ سينيٽر لطيف کوسو چيو آهي ته سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حڪمراني جو حق تسليم ڪيو آهي. ملڪ ۾ عدليه ۽ حڪومت ۾ ڪو به ٽڪراءُ ناهي. هن چيو ته 18 هين ترميم واري فيصلي جي ڪنهن جي سوڀ يا هار ناهي ٿي.32
عدليه پارليامينٽ جي بالادستي تسليم ڪئي آهي: عاصمه جهانگير
اسلام آباد: نامياري وڪيل ۽ انساني حقن جي ڪميٽي جي چيئرپرسن عاصمه جهانگير چيو آهي ته عدالت پارليامينٽ جي بالادستي کي تسليم ڪيو آهي ۽ شارٽ آرڊر ڏئي پارليامينٽ کي مثبت پيغام موڪليو آهي ته اها قانون سازي ۾ احتياط ڪري. ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته هاڻي پارلياماني ڪميٽي تي ذميواري وڌي وئي آهي. حڪومت ۽ عدليه ۾ ٽڪراءُ جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ کي اهو فيصلو ڏيڻو هو ته اڳ ۾ ڏئي ها: قاضي انور
اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ بار جي صدر قاضي انور چيو آهي ته آئون ذاتي طور تي سپريم ڪورٽجي فيصلي سان خوش ٿيو آهيان ڪوبه نٿو چاهي ته ملڪ ۾ ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿئي. هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ هن چيو ته 18 هين ترميم خلاف درخواستن تي فيصلو اڳ ۾ ڏيڻ گهرجي ها، فيصلو اهوئي ڏيڻو هو ته چار مهينا دير ڇو ڪئي وئي.
حڪومت ۽ عدليه ۾ ڇڪتاڻ جو خاتمو ٿي ويو: ميان افتخار
پشاور (م ڊ): خيبر پختون خواهه جي اطلاعات واري وزير ميان افتخار حسين چيوآهي ته 18هين ترميم جي معاملي تي مثبت طريقي سان سوچيو وڃي. پشارو ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عدالت جي فيصلي سان سٺا نتيجا نڪرندا ۽ اسان هميشه عدليه جو احترام ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ ٽڪراءَ واري ڀت ڀڃي ڇڏي: جماعت اسلامي
لاهور (آن لائن): جماعت اسلامي ارڙهين آئيني ترميم بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. امير منور حسن جو چوڻ آهي ته فيصلو بهترين آهي. حڪومت کي ان سفارش تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي. حڪومت ڪنهن رد عمل ۽ ڇڪتاڻ ۾ وڃڻ بدران ان تي عمل ڪري. جماعت اسلامي جي سيڪريٽري جنرل لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته ان فيصلي سان جمهوريت کي وڌيڪ طاقت ملندي. سپريم ڪورٽ ڇڪتاڻ واري ڀت کي ڀڃي ڇڏيو آهي.
فيصلو حڪومت ۽ عدليا جي گڏ هلڻ وارو آهي: شيخ رشيد
اسلام آباد (آن لائن) عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ حاجي عديل جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو تفصيلي جواب نه اچڻ ۽ خيبر پختون خواهه جي مسئلي ۽ ٻين مسئلن تي ماڻهن جيڪي درخواستون داخل ڪيون هيون. ان تي عدالت ڪو فيصلو ناهي ڏنو ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پارليامينٽ عدالت جي جوابده هوندي جيڪا عجيب ڳالهه آهي ۽ تلوار جنوري تائين لٽڪندي رهندي. عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته وچولو فيصلو آهي. حڪومت ۽ عدليا کي گڏجي کڻي هلڻ جي ڳالهه ٿي آهي. فيصلي سان ڪو به شخص نظرانداز نه ٿيندو.