• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪا قيامت نه آئي، ميڊيا جي ڪلهي تي ويهي جمهوريت جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ مايوس

حاڪم

سينيئر رڪن
ڪراچي (تبصرو: زلف پيرزادو) سپريم ڪورٽ ۾ ارڙهين آئيني ترميم خلاف 24 مئي 2010ع تي 22 درخواستون داخل ڪيون ويون، جن تي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 17 ميمبرن تي ٻڌل 4 مهينا ڪارروائي هلي ان بعد 30 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو ويو. ان دوران جيو ٽي وي تي تجزيا نگارن، مبصرن ۽ جنگ ۾ ڪالم لکندڙن ادارن ۾ ٽڪراءَ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري اهڙو بحران ۽ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ غير جمهوري ڌريون به سرگرم ٿي ويون ۽ حڪومتي تبديليءَ جون تاريخون به ملڻ شروع ٿي ويون. بحران ۾ ان وقت اڃا شدت اچي وئي، جڏهن هڪ بي بنياد خبر کي نشر ڪيو ويو ته ججن جي بحالي وارو ايگزيڪيوٽو آرڊر واپس وٺڻ جو حڪومت فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سموري بحران جو بنياد اعليٰ عدالت ۾ ارڙهين ترميم خلاف داخل درخواستون هيون، جن بابت ٽي وي اينڪرن اڳ واٽ ئي ڄڻ فيصلو ڄاڻي ورتو هو ۽ تبصرا به شروع ڪري ڇڏيا هئا. اهي اينڪر 21 آڪٽوبر 2010ع تي به پنهنجي ذهن ۾ فيصلي بابت اڳ ڪٿيءَ جي بنياد تي وڏي تياري ڪري آفيسن ۾ پهتا هئا پر ان وقت سندن چهرن تان پگهر نڪري آيا ۽ چمڪندڙ چهرا مايوس ٿي ويا. جڏهن عدليا اهڙو فيصلو ٻڌايو، جيڪو سندن تياري ڪيل مؤقف جي بلڪل ابتڙ هو. سينيئر تجزيا نگار هارون رشيد جي ته ٻولي ئي تبديل ٿي وئي ۽ هن چوڻ شروع ڪيو ته منهنجي خواهش آهي ته حڪومت مدو پورو ڪري پر لڳي نه ٿو، ان هوندي به خدا تعاليٰ موقعو مهيا ڪيو آهي ته اسان ذاتيات ۽ انا کي ڇڏي ملڪ جي مجموعي مفاد ۾ اڳ ڀرائي ڪيون. ان دوران اينڪر حامد مير جو فيصلي بعد لٿل منهن به ڏسندڙن محسوس ڪيو، ڇاڪاڻ ته فيصلي جي قصوري جهڙا حڪومت جا ڪٽر مخالف به تعريف ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح ميڊيا جي ڪلهن تي سوار ٿي جمهوريت جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪندڙ غير جمهوري ڌريون به مايوسيءَ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل نظر آيون جن کان فيصلي تي ڳالهائڻ لاءِ وات مان لفظ نه ٿي نڪتا، ڇاڪاڻ ته انهن جو ذهن تيار هو ته فيصلو قيامت ٿي ڪڙڪندو پر منظر نامو انهن جي سوچ جي ابتڙ آهي. فارسيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”دير آيد، درست آيد“ سو هاڻي به وقت ويو نه آهي ته سمورا ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ملڪ ۽ عوام لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺن ۽ ايندڙ وقت ۾ عوام آڏو پاڻ کي شرم ساريءَ کان محفوظ ڪري ڇڏين.
 
Back
Top