جواب: doston kal se aap main HTML SIkhaonga by kamil keerio ادا توهان جي ايڇ ٽي ايم ايل سکارڻ جو انتظار رهندو پر مهرباني ڪري ان کي سنڌي ۾ سيکارجو ڇو جو هتي صرف ۽ صرف سنڌي ۾ ڪا شيئرنگ ڪري سگهجي ٿئي ادا ان کان علاوه توهان جي تعارف جو انتظار رهندو مهرباني ڪري پنهنجو تعارف، تعارف واري سيڪشن ۾ ضرور ڪرائيندا سدائين گڏ
جواب: doston kal se aap main HTML SIkhaonga by kamil keerio ادا اسان کي سڀاڻي جو انتضار رهندو..........
جواب: doston kal se aap main HTML SIkhaonga by kamil keerio ادا ڪامل ڪيريو۔۔۔ يار سنڌ سلامت تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔۔ دوستن جي ڳالهه وانگر ته اوهان کان ايڇ ٽي ايم ايل سکڻ جي لاءِ اسان به منتظر آهيون۔۔ براءِ مهرباني سنڌي ۾ سيکارجو، ڇو ته سنڌ سلامت تي صرف سنڌي ۾ معلومات ونڊ ڪرڻ ۽ سنڌي ۾ سيکارڻ جي اجازت آهي۔۔۔ ته بسم الله ڪري ڪم کي شروع ڪريو۔۔۔ ۽ ها پنهنجو تعارف ته سنگت سان ڪرايو ها۔۔
html جو مطلب هائپر ٽيڪس مارڪ اپ لينگويج. هن جي ڪمانڊ ورڊ ڪي ٽيگ چيو ويندو آهي. tag جوڙي جي صورت ۾ لکيا ويندا آهن. شروع <tag> ۽ ختم <tag/>. خاتمي واري ٽيگ ۾ سليش لگائي ويندي آهي. ڪمپيوٽر ۾ پروگراميگ ۾ جڏهن به ڪا نئي ٻولي سکبي آهي ته ”هيلو ولڊ“ جو ميسج اسڪرين تي پرنٽ ڪرائيبو آهي. اسان به اهو ڪم ٿا ڪريون. سڀنين کان پهرين </html><html> جو ٽيگ ايندو، ان جي اندر <head> ۽ <body> جا ٽيگ ايندا. مثال طور. <html> <head> <title>منهنجو پهريون پروگرام</title> <meta charset="UTF-8"> </head> <body> <h1>! سلام دنيا</h1> </body> </html> هن کي نوٽ پيڊ ۾ لکي save as ڪريو فائيل نيم کان پو اڪسٽينشن ۾ .html ڏيو. سيو ٿيڻ کان پو ان فائيل تي ڪلڪ ڪريو ته اهو ويب برائوزر ۾ کلي ويندو. هي ويب سائيڊ سکڻ لا تمام سٺي آهي. http://www.w3schools.com/html
اسان کي ان جو هي انتظار آهي ايڇ ٽي ايم ايل سنڌي ۾ سيکارجو ڇو ته مون کي انگلش ۽ اردو گهٽ ٿي اچي توهان جي مهرباني
مهرباني ڪري مون کي پينٽ هائوس ڊزائن سيکارجو توهان سنڌ سلامت وارا آهيو ته پوء ڪمزور ڪيئن ٿيندا سين هر انسان کي اڳتي هلڻو آهي مهرباني