• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي !

احسان علي جانوري

سينيئر رڪن
2nqgx1h.jpg
 
ادا جانوري؛
حق موجود
ڀائڙا هي گيت ته اسانجي دلين تي ايئن چٽيل آهي جيئن ڇٺيءَ واري ڏينهن جو نالو ... هن گيت کي ٻڌي اميدن ۽ آسن جا جهان قائم ٿي ويندا آهن .. دوست! اسانجون قربانيون ۽ اسانجون محنتون نيٺ ته قبول پونديون ۽ هن انڌيري رات جي ڪک مان ڪو نئون صبح به نروار ٿيندو ...

مهربانيون، اهڙي سٺي گيت جي ونڊ جون

سدائين خوش ۽ آباد هجو
 
تمام بهترين سائين، سچ پچو ته بيبي صاحبه جو ديدار ڪري اصل روئاڻهارڪو ٿي ويس ۽ منهنجي اندر مان اهو آواز نڪتو ته شال رب ڪريم بيبي صاحبه کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي (آمين)

ادا جانوري صاحب، تمام پياري تحرير موڪلي اٿو.....
 
انتهائي لاجواب گيت... جنهن ۾ پنهنجي ساٿين کي همت نه هارڻ لاءِ ۽ جذبن کي گرم رکڻ لاءِ رهنمائي ڪئي وئي آهي...
ادا احسان علي جانوري توهان جي هن گيت کي سائنڻ عابده پنهنجي سريلي آواز ۾ ڳايو آهي... مان سندس جو اهو گيت هتي ڳنڍي توهان جي تحرير کي هٿي ڏيندس...

abidaparveen.jpg


[MP3]http://www.freewebs.com/sindhisongs/Abida_Parveen_Asaan_jey.MP3[/MP3]​
 
ادا جانوري

وڏا وڙ ڪيا اٿئي هي غزل موڪلي پر اڄڪله جيڪو پي پي پي ۽ اسان جو گھڻگھرو شاه صاحب جيڪو ڪم ڪري پيو انهي لڄائي ڇڏيو اٿس . حليم باغي صاحب جو نئون لکيل غزل اوهان جي نظر ڪريان ٿو اميد آهي پسند ايندو ٿي سگھي جيترو ڦهلايواوترو ئي سٺو
ڍينگو ٿيو آ ڍيري ڀرپور ھن وطن جو
واڍو ٿيو آ مالھي منھجي سڄي چمن جو
رندو ھٿوڙو ڪھاڙو ھو مَرڪ جن ھٿن جو
سي ڇا ڪندا تحفظ معصومڙن گلن جو
دل شرم شرم ٿئي ٿي ٻڏيو ٻڏيو وڃان ٿو
ھن ملڪ جو ڇا ٿيندو لڏيو ڌڏيو وڃان ٿو
بارود ڍيرٺاھي تيلي جڏھن ڏين ٿا
ڪنھن جا جھڳا جلن ٿا ڪنھن جا ٻچا رلن ٿا
ڀوري سُھاڳ چوڙيون وحشي ڪُڏن نچن ٿا
ڪوئي پُڇي نـ تن کان ھي لال ڇو ڪُسن ٿا
غُنڊن ۽ لوفرن جي رستن تي حڪمراني
رت باھ ۾ ٿي وھنجي ھر روز سنڌ سُھاني
بارودي پائي جيڪٽ ڪَلھ جي فغاني آيا
مارن مٺن سان ڪيڏا تن ويل ھن وھايا
بَرمي بنگالي بھاري ولرين پنجاب ڄايا
ملڪن جي ڪنوار سنڌ ۾ تو راڄ جي وسايا
تنھجي ڇا ميزبانين جو تن صلو ڏنو آ
رت ساڻ انچ انچ اڄ ڌرتي سندو ڀنو آ
سنڌ آ يتيم خانو اڄ پيا اچن سواتي
جن جي صلواتون مُنھن ۾ بغلن ۾ لڪيل ڪاتي
اخبارون ماٺ ماريون چئينل بـ چپ چپاتي
ڌارين جي لوڌ سنڌ مان اٿيو ڀڄايو پيارا
سنڌ جا شعور جاڳي ھمٿ ڪريو خدارا
ٿيندو ڇا چار سئو جي آيا کڻي بھاري
ٻـ ٽي تـ ڇانوڻيون ھن رھندي پئي فوج پياري
سروس ڏيو مھاجرن کي گھٽجي بيروزگاري
صدقي او شاھ بيٺل! تنھنجي سوچ تان ٻلھاري !
ڪرسي ٻـ ٽي ڏھاڙا پو۽ جا ھي لعنتاڻا
وسندا ئي رھندا توتي گنجا او راڄ راڻا !

حليم باغي
 
ادا جانوري

وڏا وڙ ڪيا اٿئي هي غزل موڪلي پر اڄڪله جيڪو پي پي پي ۽ اسان جو گھڻگھرو شاه صاحب جيڪو ڪم ڪري پيو انهي لڄائي ڇڏيو اٿس . حليم باغي صاحب جو نئون لکيل غزل اوهان جي نظر ڪريان ٿو اميد آهي پسند ايندو ٿي سگھي جيترو ڦهلايواوترو ئي سٺو
ڍينگو ٿيو آ ڍيري ڀرپور ھن وطن جو
واڍو ٿيو آ مالھي منھجي سڄي چمن جو
رندو ھٿوڙو ڪھاڙو ھو مَرڪ جن ھٿن جو
سي ڇا ڪندا تحفظ معصومڙن گلن جو
دل شرم شرم ٿئي ٿي ٻڏيو ٻڏيو وڃان ٿو
ھن ملڪ جو ڇا ٿيندو لڏيو ڌڏيو وڃان ٿو
بارود ڍيرٺاھي تيلي جڏھن ڏين ٿا
ڪنھن جا جھڳا جلن ٿا ڪنھن جا ٻچا رلن ٿا
ڀوري سُھاڳ چوڙيون وحشي ڪُڏن نچن ٿا
ڪوئي پُڇي نـ تن کان ھي لال ڇو ڪُسن ٿا
غُنڊن ۽ لوفرن جي رستن تي حڪمراني
رت باھ ۾ ٿي وھنجي ھر روز سنڌ سُھاني
بارودي پائي جيڪٽ ڪَلھ جي فغاني آيا
مارن مٺن سان ڪيڏا تن ويل ھن وھايا
بَرمي بنگالي بھاري ولرين پنجاب ڄايا
ملڪن جي ڪنوار سنڌ ۾ تو راڄ جي وسايا
تنھجي ڇا ميزبانين جو تن صلو ڏنو آ
رت ساڻ انچ انچ اڄ ڌرتي سندو ڀنو آ
سنڌ آ يتيم خانو اڄ پيا اچن سواتي
جن جي صلواتون مُنھن ۾ بغلن ۾ لڪيل ڪاتي
اخبارون ماٺ ماريون چئينل بـ چپ چپاتي
ڌارين جي لوڌ سنڌ مان اٿيو ڀڄايو پيارا
سنڌ جا شعور جاڳي ھمٿ ڪريو خدارا
ٿيندو ڇا چار سئو جي آيا کڻي بھاري
ٻـ ٽي تـ ڇانوڻيون ھن رھندي پئي فوج پياري
سروس ڏيو مھاجرن کي گھٽجي بيروزگاري
صدقي او شاھ بيٺل! تنھنجي سوچ تان ٻلھاري !
ڪرسي ٻـ ٽي ڏھاڙا پو۽ جا ھي لعنتاڻا
وسندا ئي رھندا توتي گنجا او راڄ راڻا !

حليم باغي

تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا عمران ڪنڀر lajwab-sharing

پر ادا عمران پهنجو تعارف واري حصي ۾ تعارف ته ڪرايو توهان جي تعارف جو سڄي سنگت کي انتظار آهي
sindhsalamatsaathsal
 
ادا عمران ڪنڀر حليم باغي جو بهترين غزل واقعي به اهڙن ماڻهن لاءِ ئي آهي...
توهان پنهنجي پهرين تحرير موڪلي اها به اهڙي لاجواب...
توهان جي وڌيڪ لکڻين جو انتظار رهندو

ادا رشيد وڏي مھرباني، پر ادا ھي گيت ته نٿو ھلي.
ادا گيت جو لنڪ به درست آهي ۽ مون وٽ هلي به ٿو ... ڇا توهان وٽ ڪمپيوٽر ۾ فليش پليئر انسٽال ٿيل آهي... نه ته ان کي انسٽال ڪريو ۽ هڪ دفعو ٻيهر ڪوشش ڪريو...
 
Back
Top