ڪيئن به ڪري پر آوازن کي جاڳايو، ماڻهن سان نه ته ڳلين سان ئي ڳالهايو. خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي، نغما، ناهن نوحا ئي پر ڳارايو. صبر متان ٿي سڪتو پئي ۽ سڪتو موت، ڪنهن به طريقي ساٿي تن کي تڙپايو! تحريڪون نه ته تدبيرون، نه ته تجويزون، ڪجهه ته بکارين تاريخين کي کارايو! شعلا شعلا وَتي ٿو ورڇيندو، اونداهه آ استاد بخاري آڻايو
جواب: خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي، مهرباني ادا عاشق استاد جي شاعري سو به قوم کي بيدار ڪرڻ لاء۔ ڪڏهن ڀٽائي ته ڪڏهن اياز ته ڪڏهن استاد سنڌين کي پئي جاڳايو آهي۔ پر دوست اسان جي قوم به انائن ۽ ننڊن مان ڪونه اٿندي۔ دعا ڪريو ته ڪا چڱائي ٿئي
جواب: خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي، (آمين) بس ادا الله ڪري اسان جي قوم هڪ ٿي جاڳي پئي، باقي نه ته اسان جو واهي الله آهي.
جواب: خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي، ادا استاد بخاريء جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔۔ مهنجو پسنديده شاعر آهي، سائين سليمان وساڻ جي ڊزئين ڪيل استاد جو هڪ شعر سلسلي کي اڳتي وڌائڻ لاء پيش ڪجي ٿو۔۔ [/IMG]
جواب: خاموشيءَ جي مُهر لڳي ڇو محفل کي، سائين اسان جي پياري ۽ محنتي ڀاء جي ڊزائين ڪيل شاعري اوهان اسان سان ونڊ ڪئي آهي ڊزائين ڀائو سليمان جي هجي شاعر استاد هجي۔۔۔۔۔۔واھ واھ ڪرڻ تي دل مجبور ڪيئن نه ٿيندي۔