سنڌ جا جبل ۽ ٻيلا صوبي جي خوشحالي جا ضامن غلام حسين لغاري اٽڪل 40 سال اڳ سنڌ جي ٻيلن ۽ جبلن بابت هڪ آرٽيڪل لکيو هيم جيڪو انوقت جي حيدرآباد سان لاڳاپيل سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيو هو. ان آرٽيڪل ۾ سنڌ جي ٻيلن ۽ جبلن جي افاديت ۽ انجي قومي وسيلن بابت وضاحت ڪندي انوقت جي حڪومت کي اهو مشورو ڏنو هيم ته سنڌ جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي لاءِ انهن قومي وسيلن جي پوري طرح حفاظت ۽ استعمال کي يقيني بڻايو وڃي پر افسوس جو ڪنهن به ان جو ڪو نوٽيس نه ورتو يا مشوري تي عمل ڪيو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي خوشحالي جا ضامن وسيلا اک ڇنڀ ۾ تباهي طرف هليا ويا جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي . جنهن وقت مضمون لکيو هيم ته ان وقت سنڌو درياهه موجن ۾ هو ۽ انجي ٻنهي پاسن کان يعني ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين گھاٽا ٻيلا ۽ زرخيز زرعي زمينون هيون جيڪي ڪچي جي رهندڙ غريب ماڻهن جي روزگار ۽ پيٽ پالڻ جو ذريعو هجڻ سان گڏ انهن جي آمدني ۽ سنڌ جي خوشحالي جو باعث هيون. ٻيلن ۽ درياهه ۾ پاڻي هجڻ ڪري آبهوا انتهائي خوشگوار رهندي هئي توڙي اونهاري ۾ سنڌ انتهائي گرم هوندي هئي پر راتيون ايتريون گرم نه هيون جيترو هاڻ آهن. ٻيلن مان ڪاٺ ، لاک ، کنئور ۽ ماکي حاصل ٿيڻ سان گڏ اتي چوپائي مال جي پالنا سبب کير مکڻ جي پئداوار به جهجي حاصل ٿيندي هئي جنهنڪري اها مارڪيٽ ۾ وافر مقدار ۾ دسيتاب ٿيڻ ڪري انهن جا اگهه به مناسب هيا جو هر غريب خواه امير آساني سان واپرائي سگهندو هو ايتري قدر جو کير ۽ مکڻ ملڪ جي ٻين حصن ڏانهن موڪلڻ ڪري ڪچي جو ڳوٺاڻو پاڻ کي گهڻو خوشحال تصور ڪندو هو ۽ ڪڏهن به هو مايوس نظر نه آيو. ماکي ۽ مکڻ سوکڙي طور موڪلڻ جو ڪافي رواج هو ۽ اهڙي سوکڙي موڪلي گهڻا ماڻهو ته لکين رپين جو مالي فائدو به وٺندا هيا پر انوقت جي غيرجمهوري حڪومتن جي عوام دشمن ڪردار ۽ پنجاب جي بالا دستي هجڻ ڪري سنڌو مٿان ڊيم ٺاهڻ ۽ لنڪ ڪئنال ڪڍي سنڌ جي پاڻي کي روڪڻ جو اهو نتيجو نڪتو جو پاڻي جي اڻاٺ سبب سنڌو جي ٻنهي ڪپن اندر قديمي ۽ تاريخي ٻيلا تباهه ٿيندا رهيا ٻيو ته سنڌ سان لاڳاپيل ٻيلي کاتي جي ڪامورن ۽ وڏيرن جي ملي ڀڳت سبب اهي ٻيلا وڍبا رهيا ۽ خالي ٿيندڙ زمينون وڏيرن ۽ جاگيردارن جي قبضي هيٺ هليون ويون جنهنڪري ڪچي جي ماڻهن جي گذرسفر جو ذريعو ختم ٿيندو ويو نتيجو اهو نڪتو جو هڪ طرف بيروزگاري کان تنگ ٿيندڙ ڳوٺاڻن ڏوهن جو پاسو ورتو ، ڦرون ، چوريون ۽ ڌاڙن منهن ڪڍيا جيڪي هن وقت به ڏوهه ختم ٿي نه سگهيا آهن. ٻيلن جي واڍي ۽ پنجاب پاران سنڌو جو پاڻي روڪڻ سبب ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيڻ لڳو جنهن سنڌ جي آبهوا کي وڏي حد تائين نه صرف متاثر ڪيو پر ڪچي ۾ درياهه جو پاڻي هڪ هنڌ بيهڻ ڪري سائو ٿيڻ لڳو جنهن جي واپرائڻ سان بيماريون ۽ موذي مرضن منهن ڪڍيو جنهن سان انساني ۽ حيواني جانين کي وڏي حد تائين نقصان پهتو آهي۽ اڃا به پهچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پنجاب جي ڪارخانن جو گندو ۽ زهريلو پاڻي به اڪثر ڪري درياهه ۾ ئي ڇڏيو وڃي ٿو جيڪو سنڌ جي حدن ۾ پهچندي پيٽ ، خارش جهڙين بيمارين جو سبب بڻجي ٿو پر ڪنهن به حڪومت يا حڪمران انجو ڪو نوٽيس نه ورتو. هن وقت اها صورتحال آهي جو ڪچي جو ننڍو هاري ختم ٿي چڪو آهي ۽ زمينن جي آباد ڪرڻ جي وٽن ڪا به واٽ ناهي جيڪڏهن ڪير آبادي ڪري ٿو ته اهو صرف ئي صرف وڏو ۽ طاقتور زميندار ئي ڪري سگهي ٿو ۽ ننڍو هاري انهن آڏو بيوس بڻيل آهي. درياهه جو پاڻي نه هجڻ ڪري جهنگلي قيمتي جيوت ، مڇي ، پلو اڻ لڀ ٿي چڪو آهي جنهنڪري سنڌو ڪناري آباد مهاڻن جا خاندان بيروزگاري سبب پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي شهرن ڏانهن لڏي ويا آهن نه صرف اهو پر درياهه جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽي ضلعي جي ڪچي واري جي زرخيز زمين ڳڙڪائي لوڻاٺيون ڪري ڇڏيون آهن جيڪي هاڻ بحال ٿيڻ مشڪل آهن سنڌ جي جبلن جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اهي به بي بها قيمتي اثاثا آهن جو اهي سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ وڏي اهميت رکن ٿا. کيرٿر ، ڪارونجهر ، جهمپير ، سونڍا ، مڪلي ، جنگشاهي،ڪوٽڏيجي ۽ روهڙي وارا جبل ۽ ٽڪريون معدني وسيلن سان مالا مال آهن جن ۾ نه صرف ڪوئلي جا اڻ کٽندڙ ذخيرا آهن پر لڪي جي جبلن مان ملندڙ گندرف ، سيمنٽ ۽ چن لاءِ ڪتب ايندڙ پٿر ، سيوهڻ لڳ ملندڙ ڳاڙهي واري جيڪا شيشي ٺاهڻ لاءِ ڪتب اچي ٿي پنهنجي جاءِ تي قيمتي حيثيت رکن ٿيون جن جا جيڪڏهن ڪارخانا قائم ٿين ته شايد علائقي مان بک بيروزگاري جو نه صرف خاتمو اچي سگهي پر ملڪ اقتصادي طور نمايان ترقي به ڪري سگهي ٿو. ڪوٽڏيجي ۽ روهڙي ۾ به سيمنٽ ۽ چن جي ڪم ايندڙ پٿر جا وڏا ذخيرا آهن جن تي روهڙي سيمنٽ فيڪٽري قائم ٿيل آهي جڏهن ته ضلعي ٺٽي جي جابلو علائقن ۾ به سيمنٽ ۽ چن وارا پٿر موجود آهن جتي پڻ سيمنٽ فيڪٽري اڳ ۾ ئي ڪم ڪري پئي جڏهن ته ڄامشوري ضلعي جي نوري آباد واري علائقي مان لڀندڙ پٿر پڻ سيمنٽ جي ڪم اچي رهيو آهي ۽ اتي پڻ هڪ اڌ فيڪٽري ڪم ڪري پئي پر عبدالله دادا ڀائي واري فيڪيٽري بابت اهي خبرون آهن ته اها علائقي جي ماڻهن جي مداخلت سبب هن وقت بند پيل آهي جنهن تي هزارين خاندانن جو پيٽ پئي پليو. حيدرآباد جي گنجي ٽڪر وارا پٿر به پنهنجي نوعيت جو قيمتي پٿر آهي جنهن تي ذيل پاڪ سيمنٽ فيڪٽري ڪافي پراڻي آهي چوڻ جو اهو مطلب آهي ته سنڌ جي جبلن ۾ قيمتي پٿرن سميت ڪيتريون ئي معدنيات آهن جن جي وقتائتي کوجنا ۽ استعمال سان سنڌ کي مالا مال ڪري سگهجي ٿو. دادو ضلعي جي جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه سان ڳنڍيل جابلو پٽي ۾ جپسم جا اڻ کٽندڙ ذخيرا پڻ موجود آهن جيڪي سم ۽ ڪلراٺين زمينن جي بحالي لاءِ انتهائي مفيد آهن ۽ جيڪو پئسو جپسم جي خريداري تي خرچ ڪيو پيو وڃي اهو سنڌ جو پئسو بچي سگهي ٿو. ڪن جيالاجيڪل ماهرن ۽ محققن جي اها راءِ به آهي ته سنڌ جي سمورن جبلن جي جيڪڏهن ڪا باضابطا سروي ۽ تحقيق ڪرائجي ته اتي جست ، ٽامي ۽ لوهه ، ڪئلشيم سميت ڪافي ڌاتن جي موجودگي جو پتو پئجي سگهجي ٿو جيڪي هن ملڪ ۽ صوبي جي خوشحالي ۽ سگهه جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سنڌ جو ڪوئلو دنيا جي قيمتي ڪوئلن مان هڪ نمبر ۽ وڌيڪ ڪارائتو آهي جيڪو بجلي پئدا ڪرڻ ۾ جان رکندڙ آهي. کاڻوٺ لڳ ڪوئلي جي کاڻين مان حاصل ٿيندڙ ڪوئلو ايتري ته مقدار ۾ آهي جو انتي وڌ کان وڌ بجلي گهر قائم ڪري سگهجن ٿا. هن وقت ڄامشوري ۽ کاڻوٺ لڳ ٻه بجلي گهر هلي رهيا آهن پر جيئن ته انهن تي واپڊا ۽ وفاق جو قبضو آهي ۽ اتي غير سنڌي انجنيئرن جي حوصله افزائي ٿيڻ ڪري اهي ٻئي بجلي گهر ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيا آهن ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ ۾ آهن. ٿر ، بدين ۽ ٺٽي ضلعن ۾ به وڏي مقدار ۾ ڪوئلو موجود آهي ۽ انجي استعمال سان گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ بجلي جو بحران ختم ٿي سگهي ٿو پر اهو به تڏهن جڏهن وفاق نيت جو سچو ٿئي .بهرحال سنڌ حڪومت پنهنجي وسيلن سان بدين جي ڪوئلي تي بجلي گهر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري وقتائتو قدم کنيو آهي جڏهن ته ٿر جي ڪوئلي تي به چين جي مدد سان بجلي گهر اڏجي رهيو آهي جيڪو سنڌ لاٰ سٺو سنئوڻ ثابت ٿيندو. جيڪڏهن ماحوليات جو جائزو وٺبو ته سيوهڻ لڳ بڊو جبل ۽ دادو لڳ اولهه طرف گورک واري ٽڪري به ابهوا جي لحاظ کان انتهائي خوشگوار آهن جيڪڏهن اتي امن کي يقيني بڻائي حڪومت وسنديون ۽ نوان شهر اڏي ته شايد سنڌ اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي سگهي ٿي . سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مرحيات سيد عبدالله شاهه بڊي جبل لاءِ ڪجهه مثبت اسڪيمون جوڙيون هيون پر سندس حڪومت وڃڻ بعد بڊي جبل وارا منصوبا اڌ ۾ رهجي ويا. بڊي جبل ۽ گورک تي جيڪڏهن ٽي بي اسپتالون قائم ٿين ته اهي ڪافي حد تائين ٽي بي ۾ ورتل مريضن کي شفا ڏئي سگهن ٿيون. لڪي لڳ اولهه طرف گرم پاڻي جا چشما جن لاءِ چيو وڃي ٿو ان پاڻي ۾ گندرف جو اثر هجڻ ڪري خارش ۾ مبتلا مريض صحتياب ٿين ٿا اهڙي پاڻي جو ڪيمائي تجزيو ڪرائي جيڪڏهن اتي چمڙي جي بيمارين وارو مرڪز قائم ڪيو وڃي ته اهو سنڌ جي ماڻهن لاءِ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٿورو اڳتي هلبو ته سن جي اولهه ۾ جيڪي جابلو هنڌ آهن اتي اونهاري خواهه سياري ۾ اڪثر ڪري گهڻي برسات پوي ٿي جيڪو پاڻي نئين سن وسيلي درياهه ۾ هليو وڃي ٿو ۽ ڪنهن به ڪم جو نٿو رهي. عوامي راءِ اها آهي ته نئين سن جي منڍ وٽ ڊيم ٺاهڻ سان علائقي ۾ زمينون آباد ٿي سگهنديون جنهن سان اتان جي ماڻهن ۾ نه صرف خوشحالي ايندي پر ملڪ جي زرعي پئداوار ۾ به اضافو ٿي سگهي ٿو. اهڙي طرح سن کان اڳيان وري مانجهند جي اولهه ۾ جيڪو جابلو علائقو آهي اتي به آبڪلاڻي ۾ گهڻي برسات پوي ٿي جنهن سان اتي ڪافي آبادي ٿئي ٿي پر پوءِ به گهڻو پاڻي درياهه ڏانهن وهي هليو وڃي ٿو تنهنڪري اهو هنڌ به ڪنهن ننڍي ڊيم ٺهڻ لاءِ موزون آهي. اڃا به اڳتي هلبو ته نئين باران آهي جنهن وسيلي به برساتن جو سمورو پاڻي درياهه ۾ هليو وڃي ٿو ۽ نئين باران جي منڍ ۾ به ڊيم ٺاهڻ سان ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعن جي باراني زمين آباد ٿي سگهي ٿي جنهن سان سنڌ ۾ زرعي انقلاب ممڪن ٿيندو. دادو ضلعي جي گورک ۽ نئين گاج وارو علائقو به آبهوا لاءِ انتهائي اهميت وارو آهي. حڪومت گورک تي هل اسٽيشن ٺاهڻ لاءِ اڳ ۾ ئي قدم کڻي رهي آهي جيڪو هن حڪومت جو هڪ ڪارائتو قدم آهي پر ان کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي عام ماڻهن کي اتي رهائشي پلاٽ الاٽ ڪيا وڃن ته جيئن اتي هڪ نئون خوشگوار ماحول وارو شهر اڏجي سگهي. هن ڏس ۾ حڪومت پاران اثرائتا پئڪيج فراهم ڪري ته جيئن هر ماڻهو پلاٽ حاصل ڪري اڏواتون ڪرائي سگهي. هن وقت جي شهدادڪوٽ ، دادو ۽ ڄامشوري ضلعن جي جابلو سلسلن تي ڪيترن ئي قسمن جا ٻوٽا ۽ وڻ پئدا ٿين ٿا جيڪي انساني جانين جي بچاءُ ۾ ڪتب ايندڙ دوائن لاءِ ڪارائتا آهن پر جيڪڏهن اتي پئدا ٿيندڙ ڄانڱري ٻيرن ۽ پيرون جي واڌ لاءِ زراعت کاتي کي ڪم سونپيو وڃي ته اتان جي ماڻهن جي روزگار ۽ پيٽ پالڻ ۾ اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي . اڳوڻي وڏي وزير مرحيات سيد عبدالله شاهه هن ڏس ۾ ڪافي جاکوڙ ڪئي هئي پر اها حڪومت جي خاتمي سبب اڳتي وڌي نه سگهي هئي پر هاڻ به وقت ناهي ويو موجوده حڪومت به اهو ڪم وڌائي سگهي ٿي.گورک جي هيٺ نئين گاج وارو سلسلو به زراعت جي ترقي لاءِ انتهائي اهميت ڀريو آهي ۽ ان علائقي ۾ هڪ اندازي موجب سوين ننڍيون ننڍيون نيون ۽ ڦاٽ وهن ٿيا جڏهن ته نئين گاج مستقل طور وهندڙ نئين آهي ۽ جڏهن برساتون پون ٿيون ته انهن نين جو پاڻي منڇر کي ڀري ٿو ۽ واڌو پاڻي درياهه طرف هليو وڃي ٿو، جيڪڏهن اتي گاج ڊيم ٺهي ٿو اهو صوبي جي خوشحالي جو سبب بڻبو. نئين گاج واري سلسلي کي تڏهن ئي ڪامياب ڪرائي سگهبو جڏهن ان علائقي کي با اثرن جي اثرن کان پاڪ ڪرائي اتي امن قائم ڪرايو وڃي تڏهن ئي اتي زراعت کي اڳتي وڌائي سگهبو ڇاڪاڻ ته لا ۽ آرڊر درست نه هجڻ ڪري ڪو به باعزت اتي ڪڙمي ڪرڻ کان لاچار آهي. لاڙڪاڻي کان وٺي زري گهٽ ڪراچي لڳ وارو سمورو جابلو ۽ باراني علائقو زراعت لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو ۽ اتان جي ماڻهن لاءِ زرعي تعليم ۽ تحقيق جي اشد ضرورت آهي ۽ انهن ٽنهي ضلعن جي وچ تي جوهي تعلقي يا ڪنهن ٻئي موزون هنڌ تي جيڪڏهن ڪا باراني يونيورسٽي ۽ باراني زرعي تحقيقاتي ادارو ٺهي ته اهي سنڌ جا واحد نمائنده ادارا هوندا جتي صرف ئي صرف باراني فصلن جي پوک سان لاڳاپيل هوندي جنهن سان باراني علائقن جي نوجوانن ۽ آبادگارن کي ڀرپور فائدو پهچي سگهي ٿو ۽ اهي ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهندا. هاڻ اهو حڪمرانن جو فرض آهي ته اهي سنڌ جي انهن وسيلن جي ڪيتري قدر مالڪي ٿا ڪن ۽ سنڌ لاءِ ڪتب ٿا آڻين. بشڪريه عوامي آواز