اچو ته خوبصورت ۽ صحتمند زندگيءَ ڏانهن هلون

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اچو ته خوبصورت ۽ صحتمند زندگيءَ ڏانهن هلون​

    [​IMG]
    عبدالحي پليجو
    اسين اڳي ايئن سمجهندا هئاسين ته قدرت قسمت مقرر ڪري ڇڏي آهي، جيڪا قسمت جي تختيءَ تي لکيل آهي يا آسماني ستارن ۾ موجود آهي، پر هاڻي طبي تحقيق وڌيڪ ۽ بهتر حياتي گذارڻ جو راز فاش ڪيو آهي، جنهن موجب وڏي ۽ صحتمند عمر ماڻڻ لاءِ سٺي نسل جي گهرج ڪانهي، پر گهربل اصولن يا ڏَسن جي چونڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هتي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهي ڪهڙا ڏَس ڪجن، جن وسيلي سالن جي صورت ۾ پيريءَ جا اثرات گهٽائي سگهجن؟ تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي اڪثريت جو چوڻ آهي ته ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پهرين ڳالهه پرهيز يا ڪِريءَ جي آهي، جنهن ڪري وڌ ۾ وڌ لاڀ حاصل ٿئي ٿو. هيٺ اهي ڏَس پيش ڪجن ٿا، جن وسيلي وڏيءَ عمر تائين صحت بحال رهڻ ممڪن آهي.
    ان ڏس ۾ پهريون اصول پيريءَ ۾ به پنهنجو جسماني وزن اوترو رکڻ جو آهي، جيڪو وزن اوهان جو ارڙهن سالن جي عمر ۾ هو. خوراڪ ۽ صحت کي پوندڙ نقصانن جي ماهر مسٽر والٽر وليٽ جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ڇڪڻ کان پرهيز ڪرڻ واري اصول کان پوءِ سڀ کان اهم ڳالهه مناسب جسماني وزن برقرار رکڻ واري آهي. ٿولهه جي ڀيٽ ۾ سنهون جسم صحت لاءِ بهتر آهي. ٿولهه يا گهڻي وزن ڪري، جسم جي چرٻيءَ مان پيدا ٿيندڙ جُزا شگر جو سبب پيدا ڪن ٿا. چرٻيءَ مان پيدا ٿيندڙ سائيٽو ڪائينز نالي جُزا دل، شريانين ۽ ٻين عضون ۾ سوڄ ۽ سختيءَ جو سبب ٿين ٿا. جسم ۾ ضرورت کان وڌيڪ چرٻي ڪينسر جي ڪجهه قسمن پيدا ٿيڻ جو جواز مهيا ڪري ٿي. پوڙهائپ، ورزش، خوراڪ ۽ صحت سان وابسته ٻين شعبن ۾ تحقيق ڏيکاري ٿي ته ٿلهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 5 7 سالن کان گهٽ عمر وارا جسم ۾ سنها ماڻهو وقت کان اڳ ۾ غير منطقي موت کان 0 5 سيڪڙو بچيل رهن ٿا. ٻيو اصول گهربل مناسب ۽ متحرڪ دوائون استعمال ڪرڻ جو آهي. حياتياتي ڪيميادان ڊاڪٽر بروس اين ايمس روزانو 0 0 8 ملي گرام الفالِپوئڪ ايسڊ ۽ ٻه گرام ايسيٽل ايل ڪارنِيٽين دوا خود استعمال ڪندو آهي ۽ چوڻ اٿس ته مذڪور دوائون جيوَ گهرڙن کي قوت ڏين ٿيون، ساڳئي وقت جيوَ گهرڙن جي بناوت جي عمل کي تيز ڪن ٿيون. جيوَ گهرڙن جي بناوت واري عمل ۾ کوٽ پيدا ٿيڻ پيريءَ جو مکيه ڪارڻ آهي ۽ مٺن پيشابن ۽ ويسر جي بيمارين جو سبب پڻ آهي.
    ٽيون اصول اهو آهي ته روزانو هڪ ويلو کاڌو نه کائو. ڪوئن تي هڪ سائنسي تجربو ڪيو ويو ته جن ڪُوئن معمول کان ٽيهه سيڪڙو گهٽ خوراڪ کاڌي، سي معمول موجب غذا کائيندڙ ڪوئن کان ٽيهه سيڪڙو وقت وڌيڪ زندهه رهيا. سينٽ لوئيس اسڪول آف ميڊيسن ۾ اڀياس موجب معمول کاڌو گهٽ غذا کائيندڙ سنهي جسم وارن ماڻهن جون دليون معمول موجب کاڌو کائيندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڏهن کان پندرنهن سال عمر ۾ ننڍيون ڏسڻ ۾ آيون. ٻين تجربن ۾ معلوم ٿيو ته گهٽ کاڌو کائيندڙ ماڻهن جي رت ۾ انسولين جي مقدار ۾ ڪافي سڌارو هو ۽ منجهن بنيادي نسلي مادي ۾ ڀڃ ڊاهه وارو عمل تمام گهٽ هو. گهٽ کاڌو کائڻ ڪري رت ۾ موجود معمول کان وڌيڪ کنڊ ۽ خراب مادن ۽ سوڄ نه هئڻ سبب تاندورن جي ڀڃ ڊاهه واري عمل ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. چوٿون اصول پالتو جانور ڌارڻ جو به آهي. پنهنجو گهر ۽ دل جانورن لاءِ کولي رکڻ کپن. پينسلوانيا يونيورسٽيءَ جي هڪ ڊاڪٽر جيمس سر پيل جو چوڻ آهي ته هڪ پالتو جانور ڌارڻ ۽ پالڻ سبب انسان ڊاڪٽرن جا چڪر ڪاٽڻ کان گهڻيءَ حد تائين بچي وڃي ٿو. دل جي دوري پوڻ کان پوءِ به جيئڻ جو عرصو وڌي ٿو وڃي ۽ مايوسي ۽ اٻاڻڪائي ختم ٿئي ٿي. جانورن جي پالڻ واري ڪرت سبب پوڙهائپ جي وڏي مسئلي رت جي وڌيل داٻ خلاف تحفظ پلئه پوي ٿو.
    پنجين اصول تحت جسم کي سُور يا تڪليف کان بچائڻ گهرجي. ڪافي اڀياسن مان خبر پئي آهي ته مسلسل سور هئڻ سبب جسم ۾ موجود بيمارين سان مقابلو ڪرڻ واري سرشتي ۾ ڪمزوري پيدا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. جڏهن ته مسلسل سور سبب ماندائي وڌي ٿي ۽ نقصانڪار دٻاءَ پيدا ڪندڙ جزن ۾ واڌارو ٿئي ٿو. ڇهون اصول پنڌ ڪرڻ وارو آهي. ٽيڪساس يونيورسٽيءَ جي ايسوسيئيٽ پروفيسر هيرو فومي تاناڪا تجربي جي نتيجي ۾ صلاح ڏئي ٿو ته پنهنجي رت جي نالين جي ڀتين کي سست ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو لچڪدار بڻائڻ لاءِ هفتي ۾ پنج ڏينهن روزانو هڪ دفعو ٽيهه منٽ تيز پنڌ ڪريو. سٺ سالن کان وڌيڪ عمر وارن وڌيڪ رت جي دٻاءَ جو شڪار ستر سيڪڙو مريضن جي رت جي نالين جون ڀتيون پراڻن ٽائرن وانگر سخت ٿيو پون. ورزش رت جي نالين کي لچڪدار بنائي ٿي. هن معاملي ۾ ستون اصول زال مڙس جي جهيڙن دوران صبر کان ڪم وٺڻ آهي. زالن ۽ مڙسن وچ ۾ ٿيندڙ سخت بحث شريانين جي بند ٿيڻ جو خطرو وڌائين ٿا. اُتاهه يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل هڪ اڀياس مان معلوم ٿيو آهي ته جڏهن عورتن دشمنيءَ واريون ڳالهيون ڪيون ۽ ٻڌيون، تڏهن سندن دلين کي طبعي تڪليف رهي. مردن جي دلين دٻائيندڙ ۽ قبضو ڄمائيندڙ ڳالهيون ٻڌڻ سبب نهايت خراب رد عمل ظاهر ڪيو.
    هن ڏس ۾ اٺون اصول باغبانيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ جو آهي. باغباني وارو مشغلو ڪرڻ يا وڻن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ هئڻ سان فائدو تمام گهڻو ٿئي ٿو. هڪ اڀياس موجب ڪجهه مزدورن کي بامشقت ڪم ۾ لڳايو ويو. انهن مان جن مزدورن جي ڪم واري جاءِ ۾ ٻوٽا نه هئا، تن ۾ رت جو دٻاءُ گهڻو وڌيو ۽ جن مزدورن جي ڪم ڪرڻ واري هنڌ گل ٻوٽا هئا، انهن ۾ ٻوٽن کان خالي هنڌ ڪم ڪندڙ مزورن جي ڀيٽ ۾ فقط چوٿون حصو رت جو داٻ وڌيو. هڪڙي ئي ڏينهن آپريشن ٿيڻ کانپوءِ جيڪي مريض گلن ۽ ٻوٽن جي ويجهو رهيا، اهي انهن مريضن کان هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ اسپتال مان نڪتا، جيڪي مريض ڪمرن اندر ئي پيا هئا ۽ وڻن ٻوٽن ڏانهن نٿي ويا.
    نائون اصول وزن کڻڻ واري ورزش کي شمار ڪيو وڃي ٿو. هر ڪو ڄاڻي ٿو ته دل جي مريضن لاءِ مقرر ڪيل ورزش پوڙهي ٿيڻ واري رفتار کي گهٽائي ٿي. اها ڳالهه اڃا به وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي ته قوت مدافعت وڌائيندڙ ورزش انهيءَ ڏس ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪري ٿي. عام طرح پنجيتاليهن سالن جي عمر کان پوءِ هر سال جسم جي مشڪن مان پاءُ پائونڊ مشڪون ڳرنديون رهنديون آهن ۽ ان جي ابتڙ پاءُ پائونڊ چرٻي ٺهندي رهندي آهي. ٽفٽس يونيورسٽيءَ جي ڊاڪٽر مريم نيلسن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مناسب ورزش ڪبي رهبي ته ويهن سالن تائين توهان جي جسم ۾ مشڪن جي ڳرڻ جو عمل ڪو نه ٿيندو. جڏهن هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڏينهن روزانو 0 3 منٽ وزن کڻڻ واري ورزش ڪبي ته عمر جي 0 9 واري ڏهاڪي ۾ به مشڪون ٺهي سگهن ٿيون. هن ڏس ۾ ڏهون اصول ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ جو آهي. اهو اصول برونل يونيورسٽيءَ جي هڪ ليڪچرار مسٽر وليئم برائون ڳولي لڌو. ڊاڪٽر برائون موجب اهڙا ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود آهن، جيڪي دنيا کي ڪتن وانگر هڪٻئي کي ماري کائڻ وارو ماڳ يعني خود مطلبيءَ واري جاءِ ڀانئين ٿا، جنهن ۾ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ آهي، پر دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جو به وڏو انگ موجود آهي، جيڪي ڀانئين ٿا ته صحتمند زندگي گذارڻ جو راز ٻين سان نيڪي ۽ مهربانيءَ ڪرڻ ۾ ئي لڪل آهي. يارهون اصول هر قسم جون ڀاڄيون ۽ ميوا واپرائڻ ٻڌايو وڃي ٿو. آمريڪي نيشنل ڪينسر انسٽيٽيوٽ جي ڊاڪٽر پيٽر گرين والڊ موجب ڀاڄيون عام جام کائڻ گهرجن. ڇو ته انهن ۾ سرطان کان بچاءَ جي صلاحيت ٻين کاڌن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي. هيءَ ڳالهه ياد رکو ته روزانو مختلف ڀاڄيون ۽ ميوا کائيندا ڪريو.
    صحت جو ٻارهون اصول ڳائڻ وڄائڻ به آهي. راڳ جي وندر قوتِ مدافعت ۾ اضافو ڪري ٿي. ڪيليفورنيا يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر رابرٽ بيڪ اڀياس دوران ڏٺو ته جڳ مشهور موسيقار بيٿويسن جي ”ميسا سوليمينس“ نالي هڪڙي ڌن ڳائيندڙ ٽولي جي فنڪارن جي ڦيڻ آءِ جي اي نالي جسم ۾ موجود بيماري مخالف جزن ۾ 0 4 2 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. صحت جو تيرهون اصول چانهن پيئڻ کي قرار ڏنو ويو آهي. سائوٿرن ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ايناوو تحقيق مان معلوم ڪيو آهي ته چانهن مثاني جي غدود وڌڻ جي بيماري، دل جي بيماري ۽ ڇاتين جي سرطان لاءِ مفيد آهي. پاڻ روزانو گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪوپ چانهن پيئندي آهي. سندس چوڻ آهي ته سبز چانهن سڀ کان سٺي آهي. جيتوڻيڪ ڪاري چانهن به ڪجهه فائدو ضرور ڏئي ٿي

    بشڪريه روزانه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو