• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿوم جي پوک ۽ اهميت

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ٿوم جي پوک ۽ اهميت​

garlic.jpg
ڊاڪٽر علي محمد خشڪ
ڪنهن به فصل کي پوکڻ لاءِ هيٺيان ڪم تمام ضروري آهن​
.
زمين جي چڪاس:
اصول مطابق ڪنهن به فصل جي پوک کان اڳ مٽي جي چڪاس ڪرائڻ ضروري هوندي آهي، ان مان اها خبر پوندي ته جنهن زمين ۾ اسان جيڪو فصل لڳايون پيا، اها زمين ان فصل مطابق آهي.يا نه پر اڪثر هاري ڪنهن فصل جي پوک کان اڳ مٽي جي چڪاس ڪونه ٿا ڪرائين. جنهن ڪري اسان جي فصلن جي پيداوار ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ لهي ٿي. ان ڪري اسان پنهنجن ضرورتن جو به پورائو ڪري نٿا سگهون.
زمين جو قسم: ٿوم لاءِ هلڪي لٽاسي کان وچولي لٽاسي زمين بهتر آهي، جنهن ۾ پاڻي جي نيڪال ۽ جذب ڪرڻ جي خاصيت بهتر هجي، سخت ۽ چيڪي زمين ٿوم لاءِ بهتر نه آهي. اهڙي زمين ۾ فصل ڪمزور ٿئي ٿو ان ڪري پيداوار گهٽ لهي ٿي.
زمين جي تياري: زمين جي تياري هميشه سٺي نموني سان ڪرڻ گهرجي. سٺي تياري ڪرڻ ڪري هڪ ته زمين مان گندگاهه جو خاتمو ٿيندو ۽ ٻيو سٺي تياري جي ڪري پيداوار وڌيڪ لهندي. زمين جي تياري لاءِ شروع ۾ ضرورت آهر هڪ هر راجه يا ڊسڪ پلو سان ڏيڻ گهرجي. جيئن زمين کلي پوي، مٿان وري هڪ يا ٻه هر گوبل جا ڏجن، جيئن ڀتر وغيره ڀڄي پون ۽ پوءِ زمين کي سنوت ۾ آڻي 30 کان 40 ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون ڍڳي گاڏيون في ايڪڙ ڏجن، ان کان پوءِ ڀاڻ کي پکيڙي هڪ يا ٻه هر ڪلٽيويٽر جا ڏئي. زمين کي ليول ڪري يڪدم پاڻي ڏيڻ گهرجي. جيئن زمين مان ڀاڻ واري گرمي به ختم ٿئي ۽ سنوت جي به خبر پوي جڏهن زمين وٽ ۾ اچي ته هر ڏئي زمين کي هموار ڪري گهربل ٻارا ٺهڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن کريا ٺاهڻا هجن ته انهن جو فاصلو 2 کان اڍائي فٽن تي رکڻ گهرجي.
جنسون:
ٿوم جي جنسن ۾ ديسي، جي ايس هڪ ۽ ايراني ٿوم اڄڪلهه مارڪيٽ ۾ اچي ٿي. ٿوم جي جنس گلابي به پوکي هيٺ آهي.
پوکي جو وقت: ٿوم جي پوکي سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪن حالتن ۾ نومبر تائين پوک ڪري سگهجي ٿي. ٻج جو مقدار:
ٿوم لاءِ 300 کان 400 ڪلوگرام في ايڪڙ ٻج جي سفارش ڪجي ٿي.
پوکي جو طريقو:
ٿوم سڌي زمين تي قطارن ۾ پوکي وڃي ٿي، ٿوم جي لاءِ قطارن جي وچ وارو مفاصلو 6 انچ ۽ ٻوٽن جي وچ وارو مفاصلو 2 کان 3 انچ رکڻ گهرجي. ٿوم جون ڳڙيون هڪٻئي کان جدا ڪري، زمين ۾ اهڙي طريقي سان پوکڻ گهرجن جو انهن جو مٿاهون حصو ٿورو زمين کان مٿي رهي ۽ پاڙ جي طرف وارو حصو زمين جي اندر رهي ۽ پوکڻ وقت اهو خيال رکجي جو ٿوم جو ڳڙيون گهڻو هيٺ زمين ۾ نه وڃن. وڌيڪ اونهائي جي ڪري ٻوٽن جي واڌ تي اثر پوي ٿو. ٿوم جي پوکي کان پوءِ يڪدم پاڻي ڏيڻ گهرجي.
ڀاڻ جو استعمال: ٿوم جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ 30 کان 40 ڳريل سڙيل وٿاڻ جي ڀاڻ جون ڍڳي گاڏيون پوکي کان هڪ مهينو اڳ زمين ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن. هڪ ٻوري ڊي اي پي ٿوم پوکڻ گهرجن. يوريا ڏيڍ ٻوري في ايڪڙ استعمال ڪجي، ان مان اڌ ٻوري پهرين گڏ کان پو3 اڌ ٻوري پاڙ ٺهڻ مهل ۽ اڌ ٻوري فصل پچڻ مهل ڏيڻ گهرجي.
پيداوار: ٿوم جي في ايڪڙ پيداوار 100 کان 125 مڻ لهي ٿي.
ٿوم جي طبي اهميت: انسان ذات لاءِ قدرت جو هڪ انمول تحفو آهي. ٿوم کي انگريزي ۾ گارلڪ ۽ اردو ۾ لهسن چوندا آهن. هن جو اصل وطن اولهه ايشيا ۽ ڏکڻ يورپ آهي. ٿوم جي اندر حڪمت جي لحاظ کان تمام گهڻيون خوبيون ۽ خاميون موجود آهن. ٿوم ۾ هڪڙو تيل اليل هوندو آهي. جيڪو سلفر سان ڀرپور هوندو آهي، هي تيل ايترو ته تيز آهي جو جيڪڏهن ٿوم کي پير جي تري سان گسائجي ته هن جي خوشبو ڦڦڙن مان نڪرندي آهي. دل جي بيماري هڪ عام مرض ٿي ويو آهي. شريانين ۾ چرٻي جمع ٿيڻ ڪري شريانيون سوڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن مان رت آساني سان گذري نه سگهندو آهي. ان ڪري ڪنهن مهل به دل جو دورو پئجي سگهي ٿو. جيڪڏهن انهن چرٻي ڀريل شريانين کي کولڻ جو ڪو رستو هٿ ڪجي. ته دل جي ڪيترن ئي بيمارين اکن بچي سگهجي ٿو. جنيوا يونيورسٽي ۾ ڪيل ريسرچ مطابق بلڊ پريشر جي مريضن کي ٿوم کارائڻ سان انهن جو بلڊ پرشر گهٽجي ٿو وڃي. ٿوم جسم ۾ ڪوليسٽرول ٺهڻ جي عمل کي روڪي ٿي ۽ ڪوليسٽرول جي گهٽجڻ ڪري شريانيون ويڪريون ٿين ٿيون. ان ڪري دل کي رت صحيح طريقي سان پهچي ٿو.
انڊيا ۾ ڊاڪٽرن 10 صحتمند ماڻهن کي چونڊيو، جن جي سراسري سيرم ڪوليسٽرول ليول 221 هئي. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ انهن جي ڪوليسٽرول ليول 237 ٿي وئي پر وري جڏهن انهن کي وڌيڪ چرٻي وارو کاڌو جنهن ۾ ٿوم جو جوس هو، کارائڻ سان ٽن ڪلاڪن کان پوءِ انهن جو ڪوليسٽرول 237 مان 213 ٿي ويو. انهي سان گڏ انهن جي رت جو ڪلاٽنگ ٽائيم به وڌي ويو، هڪ ريسرچ ۾ ڪوئن کي اهڙو کاڌو ڏنو ويو جنهن ۾ ڪوليسٽرول ته جهجهي مقدار ۾ هو پر انهي ۾ 2 سيڪڙو ٿوم به هو ڪوئن جو ڪوليسٽرول 4 سڪيڙو ته وڌيو پر نارمل جي ويجهو هو ٿوم ڪوليسٽرول کي وڌڻ نه ڏنو پر ٻيا ڪوئا جن کي ساڳيو کاڌو بغير ٿوم جي ڏنو ويو انهن جو ڪوليسٽرول وڌي ويو.
ٿوم پيشاب ۽ پگهر جي نيڪالي کي پڻ وڌائي ٿي. ٿوم ۾ (Antimicrobial) جيوڙن کي مارڻ جي طاقت پڻ آهي. آمريڪا ۾ ڪيل ريسرچ مطابق ٿوم ۾ پينسلن جي هڪ سيڪڙي برابر طاقت آهي. هڪ ريسرچ مطابق هڪڙي گروپ جي ڪوئن ۾ ڪينسر جا گهرڙا داخل ڪيا ويا پر انهن کي ٿوم جو جوس ڏيڻ سان انهن ۾ ڪينسر پيدا نه ٿيو ۽ جن ڪوئن کي ٿوم نه ڏني وئي انهن ۾ ڪينسر ٿي پيو.
ٿوم انسان کي پڻ نزلي، زڪام کان بچائي ٿي. ٿوم ڇاتي ۾ ڄميل بلغم کي نيڪال ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿي. ٿوم استعمال ڪرڻ سان انسان جو تنتي سرشتو بحال ٿئي ٿو. جنهن ڪري انسان نه صرف تازو توانو رهي ٿو. بلڪه صحتمند به رهي ٿو. ٿوم جي استعمال سان اکين ۾ تازگي اچي ٿي ۽ طاقت به بحال ٿئي ٿي. ٿوم فالج، دم کنگهه ۽ ڦڦڙن جي زخمن کان علاوه پراڻي بخار لاءِ پڻ مفيد ثابت ٿي آهي. ٿوم ۾ هڪڙو جزو جرمانيم هوندو آهي، جيڪو جسم ۾ آڪسيجن جي سپلاءِ کي تيز ڪندو آهي. ٿوم پڻ قدرتي آيوڊين سان ڀرپور آهي. مٿين ڳالهين مان خبر پوي ته ٿوم مان ڪيترائي فائدا حاصل ٿين ٿا. جنهن ڪري ٿوم جي سٺي پيداوار حاصل ڪرڻ لاءِ مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکڻ گهرجي.

بشڪريه روزانه عبرت اخبار
 
Back
Top