سهراب فقير – هڪ صديءَ جي صدا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سلمان ڪلمتي طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2010۔

  1. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سهراب فقير جي پهرين ورسي جي نسبت سان

    سهراب فقير – هڪ صديءَ جي صدا

    ” سنڌ کان سهراب فقير وڇڙيو آ، پر وسريو ناهي!! “

    مظهر خاصخيلي​

    سائين جي ايم سيد جو قول آهي ته ماڻهو لفظن جي ذريعي دماغن جو شڪار ڪندا آهن، بادشاهه تلوارن جي ذريعي ملڪن جو شڪار ڪندا آهن پر توهان محبتن جي ذريعي دلين جو شڪار ڪريو ڇو ته دليون زمين ۽ آسمان کان وسيع آهن ۽ اهڙو ئي هڪڙو سنڌ جو محبوب فنڪار جنهن کي لکين دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي اهو گيڙو ڌر ڪپڙا پائيندڙ ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ کي سدائين ميندي هڻندڙ ٽالپر وڏا جو رهواسي ۽ فقير منش خير محمد سائين جو طالب سهراب فقير پنهنجون انيڪ يادگيريون پنهنجن چاهيندڙن کي ڏئي اڄ کان هڪ سال اڳ 24 آڪٽوبر سال 2009ع تي سنڌ امڙ کان جسماني طور موڪلاڻي ڪري هميشه جي لاءِ سنڌ ڌرتي جي گود ۾ سمهي رهيو آهي. ان سهراب فقير هڪ دفعو پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندي اهو چئي ڏنو هو ته قيامت جي ڏينهن به مان پنهنجي مالڪ جي آڏو دعا ٿو گهران ته هو مونکي هن گيڙوءَ رتن ڪپڙن سان اٿاريندو. شل مالڪ سهراب فقير جي اها دعا قبول ڪندو. پر ڇا سنڌ پنهنجي ان محبوب فنڪار کي وساري سگهندي؟ منهنجي هڪڙي پنهنجي سوچ آهي ته جنهن وقت تائين دنيا جي نقشي تي سنڌ جو وجود قائم رهندو ان وقت تائين ڀلي صديون گذري وڃن پر سهراب فقير سنڌ وارن کان نه وسرندو باقي رهي ڳالهه زماني جي اهو پيو هلندو هتي ڀلا ماڻهو به آهن ته خراب ماڻهو به آهن.ڪنهن هن وقت تائين پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي ناهي ڏٺو ته هن جو من ڪيترو ميرو آهي هر ڪنهن ڪوشش ڪري پنهنجا عيب لڪائي ٻين جا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اهڙي سوچ سنڌ اندر محبت کي اڏوهيءَ جيان کائي رهي آهي . اڄ سنڌ جنهن صورتحال مان گذري رهي آهي ان جا ذميوار به اسان سنڌ اندر رهندڙ پاڻ آهيون ڇو ته اسان ڪڏهن غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح ناهي چيو. جيڪڏهن پنهنجي آس پاس برايون ڪندڙ طاقت ور هوندو ته ان کي ڪڏهن جهلڻ جي ڪوشش به ناهيون ڪندا ۽ جي پاڻ ۾ عيب هوندا آهن ته انهن کي نه صحيح ڪندا آهيون. شايد اهڙن ماڻهن جي لاءِ نصيحت ڪندي ڀڳت ڪبير هينئن چئي ويو آهي.

    برا جو ڊهونڍن مين چلا تو برا نه مليا ڪوئي

    اپنا من جو کوجون تو مجهه سي برا نه ڪوئي. (ڀڳت ڪبير)

    ۽ ڪبير جي سٽن جيان سنڌ جي صوفي اوليائن به اهو درس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن هر انسان پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجو پاڻ کي ڏسندو ته دنيا جنت بڻجي ويندي ۽ انهن صوفين جو پيغام انهن جي ڪلام جي صورت ۾ عام ماڻهن تائين سهراب فقير جهڙن راڳين پهچايو. سهراب فقير جڏهن به جنهن محفل ۾ ڳائڻ جي لاءِ ويهندو هو هن جي زبان تي اڪثر اهي جملا هوندا هئا راڻا، راڻا تون سدا جيئن تون جا وري هو مولا، شل ڪا ٻاجهه پوئي، هادي حق جا امام، هي اهي جملا آهن، جيڪي سهراب فقير راڳ شروع ڪرڻ مهل ۽ آخر ۾ بار بار ورجائيندو هو ۽ سنڌ اندر اڄ به سهراب فقير جو راڳ نهايت احترام سان ٻڌو ويندو آهي ۽ ڪٿي به جڏهن ڪنهن هوٽل تي يا وري ڪنهن ٽيليويزن تي اوچتو سهراب فقير جو آواز ٻڌندڙن جي ڪنن تائين اڃان پهچندو مس آهي ته اهي ڪچهريون پاڻ مرادو بند ٿي وينديون آهن ۽ ماڻهو پنهنجي محبوب فنڪار سان گڏ جهومندي نظر ايندا آهن ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ صوفياڻي راڳ کي پنهنجو الڳ مقام حاصل آهي پر جڏهن يورپي ملڪن پوري دنيا جو گڏيل فنڪارن جو ميلو لنڊن ۾ ملهايو هو جنهن ۾ امريڪا جو اهو مائيڪل جيڪسن فنڪار به موجود هو اتي جڏهن سهراب فقير کي ڳائڻ جي لاءِ سڏ ڪيو ويو ته ان وقت يورپ جي انهن ڇڙواڳ ڇوڪرين هيٺان نعرا هنيا ته هي پوڙهو ڪهڙو راڳ ڳائيندو کيس هيٺ لاهيو پر پوري دنيا ان وقت حيران رهجي وئي جو ان ميلي ۾ هر هڪ فنڪار کي هڪ ڪلام چوڻو هو وڌ ۾ وڌ 2 پر انهن ساڳين يورپ جي هيٺان ويٺل ڇڙواڳ ڇوڪرين جي چوڻ تي سهراب فقير کان ميلي ۾ 3 ڪلام چورايا ويا ۽ ان ميلي ۾ ويٺل لکين ماڻهن کي پنهنجي انداز سان راڳ ڳائيندڙ سهراب فقير جهومائي ڇڏيو ۽ اتي هڪ برطانيا جي رهواسڻ اسٽيج تي مٿي چڙهي سهراب فقير کي ڀاڪر پائي چيو ته هوءَ هن سان شادي ڪري هوءَ مسلمان ٿيڻ جي لاءِ تيار هئي پر صرف سهراب فقير برطانيا ۾ رهڻ جي ها ڪري، ان وقت سنڌ ڌرتي جي ان ڀلوڙ فنڪار اتي جو اتي ان برطانيا جي عورت کي چيو ته مان پنهنجي جسم مان ساهه ڏئي سگهان ٿو پر مونکي ڪير چوي سنڌ کي ڇڏي ڏي اهو ڪڏهن نه ٿيندو. شايد تڏهن ڪنهن شاعر هي لفظ چيا آهن.

    مون چنڊ کان پڇيو چنڊ تون ئي ٻڌاءِ

    ديس ڪنهن جو ڀلو ويس ڪنهن جو ڀلو

    ٻولي ڪنهن جي ڀلي ماڻهو ڪنهن جا ڀلا

    چنڊ مرڪي چيو ديس سنڌ جو ڀلو

    ويس سنڌ جو ڀلو ٻولي سنڌ جي ڀلي

    ماڻهو سنڌ جا ڀلا

    ۽ اهو ئي سبب هو جو سهراب فقير اهي يورپ جو سموريون خوشيون ٺڪرائي ڇڏيون برطانيا جي ان ڇوڪري کي شادي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو ۽ وڏي ڳالهه ته اها ڇوڪري بعد ۾ پاڪستان آئي ۽ هن سهراب فقير سان ملاقات ڪئي. اصل ۾ هي سڀ ڳالهيون مٿي مون ان جي ڪري لکيون آهن جو اسان جنهن دنيا اندر رهون ٿا اتي محبت ڪرڻ وارن جو قدر گهڻو ڪيو ويندو آهي ۽ هتي پئسي وارن کي ماڻهو پنهنجي ننڍڙي سوچ موجب وڏو ماڻهو سمجهندا آهن حقيقت ۾ ته وڏا ماڻهو اهي انسان آهن جن وٽ محبت جو قدر آهي ۽ پئسي جي اهميت نه پر انهن ماڻهن کي الائي ڇو انهن جي حصي جيترو مان، ناهي ملي سگهندو ۽ اسان جي سهراب فقير سان به اها حالت ٿي ان کي جتي ثقافت کاتي وساري ڇڏيو اتي پنهنجي وفاقي حڪومت به ان محبوب فنڪار جو قدر نه ڪيو هو. لاڳيتو ڪراچي اندر علاج جي لاءِ جناح اسپتال ۾ داخل هو .ان بيوسي جي دانهن ڪنهن کي ڏجي ڇو ته جڏهن قومي هيرن جو قدر نه ڪيو ويندو ته پوءِ پنهنجي قومي وحدانيت ڪيئن برقرار رکي سگهجي ٿي. ان جي ڪري اسان جي ثقافت کاتي اندر خاص ڪري اهڙا سڌارا آندا وڃن ڇو ته سنڌ جي هزارين فنڪارن جون لسٽون ته ٺهنديون آهن ثقافت کاتي وٽ پر انهن فنڪارن کي پيسا ناهن ملندا انهن جي جاچ آخر ڪير اچي ڪندو. سنڌ جي ماڻهن کي ان وقت اڃان به گهڻي اميد هئي جڏهن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ٿي هئي پر هن به ثقافت کاتي اندر ڪي ڪم ته ڪيا، پر خاص سڌارا نه آندا. اهو ساڳيو سالن کان هلندڙ پراڻو نظام اڃان به جاري آهي. فنڪارن جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ ۽ ملڪ جي نالي روشن ڪرڻ جي لاءِ راڳ کي ڏئي ڇڏي ان جي وڇوڙي کان پوءِ اسان جي سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي ان سهراب فقير جي خاندان جي مالي سهائتا نه ڪئي آهي . ان وقت تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي جڏهن ڪجهه سنڌ اندر اهڙا دوست اسٽيج تي چڙهي اهي لفظ چوندا آهن ته پنهنجن فنڪارن ۽ اديبن کي پنڻ تي هيرايو آهي. دوست الائي ڇو اهو سڀ ڪجهه ڀلائي ويهندا آهن ته پوري دنيا اندر حڪومتون پنهنجن اهڙن عظيم ماڻهن جي رڳو مالي مدد ناهن ڪنديون پر هنن کي اهو مان ڏينديون آهن. جيڪو هو لهندا آهن ۽ اسان وٽ ايئن ناهي. اڄ 24 آڪٽوبر جو ڏينهن سنڌ جي ان محبوب فنڪار جي وڇوڙي جو ڏينهن آهي جنهن سهراب فقير جي لاءِ پوري سنڌ جا ماڻهو اهو چوندا آهن ته سهراب فقير رڳي نالي جو فقير نه هو پر هو ته طبيعت جو به فقير هو ان ڪري هن لکين دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي جيڪي اڄ به پنهنجي سهراب فقير جي انهن ڪلامن کي دل سان ٻڌي پنهنجن ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ڇو ته سهراب فقير جو آواز اندر ۾ لهي ستل انسان جي ضمير کي جاڳائي کيس اهو احساس ڏياريندو آهي ته تون هن ڌرتيءَ تي جنهن اصل مقصد جي لاءِ لاٿو ويو آهين. ان تان نه ڦري وڃين . سنڌ امن پيار جي ڌرتي آهي هن ڌرتي تي محبت جو پيغام وڌ کان وڌ اهي صوفي راڳي پهچائن ٿا انهن جو قدر ڪيو. *
    (روزاني عبرت)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سهراب فقير – هڪ صديءَ جي صدا


    ڳليان پريم ننگر ديان ۔۔۔ حضرت عشق گهمايم رمزان نال ۔۔

    سنڌ جون گهٽيون ۽ سنڌين جا گيت ۔۔۔۔

    من دا محرم ماهي ۔۔۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سهراب فقير – هڪ صديءَ جي صدا

    ماشاالله سائين تمام بهترين ونڊ آهي

    جاري رکجو


    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو