کاڌ پيت وارين شين ۾ زهرن جي موجودگي جو ڪارڻ محمد مٺل جسڪاڻي سنڌ جو سرسبز ۽ شاداب، آبپاشي وارو زرعي علائقو فصلن ۽ باغن لاءِ نهايت ئي موزون هجڻ ڪري، گھڻي ڀاڱي آباد آهي، هر هنڌ، ڪٿي ڪهڙا ته ڪٿي ڪهڙا، پر مختلف اناج وارا فصل جھڙوڪ ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجھر ۽ مڪئي، کنڊ وارو فصل ڪمند، تاندوري وارو فصل وونئڻ، روايتي ۽ غير روايتي تيلي ٻجن جا فصل جھڙوڪ هيرڻ، کاڄا، سرنهن، توريو، ڄانڀو، ڪينولا، سورج مکي، سويابين، السي، پواڙي، تر وغيره، ربيع توڙي خريف جون داليون جھڙوڪ چڻا، مسور، مٽر، مڱ، ماش، مانهن، چونرا وغيره، پالتو جانورن جي گاهه لاءِ لوسڻ، برسيم، سنجي، جنتر ۽ ٻيا نوان متعارف ٿيل سائي ۽ سڪي گاهه وارا فصل، مختلف خوبين ۽ خاصيتن واريون ڀاڄيون ۽ مرچ مصالحي جا فصل ۽ ميون جا باغ، هر مند-- موسم ۾ نظر ايندا آهن. سنڌ ۾ زمين جو اهڙو ڪو ٽڪر ڪونه ٿو سجهي، جيڪو فصل يا باغ وارن ٻوٽن يا وڻن جي خوراڪي گهرج پوري ڪرڻ واري حد تائين زرخيز هجي. ساڳي طرح گھڻو ڪري هر فصل توڙي باغ ۾ جيتن، ڪينئن، بيمارين يا گندگاهه وارن ٻوٽن جو مسئلو به موجود آهي. نتيجي طور ڪو نه ڪو ڀاڻ يا ڪا نه ڪا زهريلي زرعي دوا استعمال ڪئي وڃي ٿي، ته جيئن مسئلو حل ٿئي، پر نه چاهيندي به ڪجهه اهڙيون غلطيون به ٿي وينديون آهن، جن جو ازالو ممڪن نه هوندو آهي. مثال طور هر آئي ڏينهن ڪٿان نه ڪٿان زرعي دوا پي خودڪشي جي خبر يا وري فصل ۾ ڦوهارو ڪندي فوت ٿيڻ جو واقعو ٿيندو رهي ٿو. اِهي ته آهن چند چٽا مثال، پر حقيقت هي آهي، ته فصلن ۽ باغن ۾ استعمال ٿيندڙ هر ڪيميائي مرڪبي ڀاڻ ۽ دوا، جيڪي سنگھڻ ۽ چکڻ شرط ته کڻي ڪوهاڃو ڪو نه به ٿا پهچائين، پر اهي آهستي آهستي اثر ڪندڙ، حياتي کسڻ وارا زهر آهن. ۽ جيڪو به ڪيميائي ڀاڻ يا دوا استعمال ٿئي ٿي، اها فصلن ۽ باغن جا ٻوٽا جذب ڪن ٿا، ته پاڙن کان، ڏانڊين، پنن، گلن ۽ ميون توڙي ٻجن ۾ پهچي، اتي موجود رهن ٿا، ۽ جڏهن به ڪو جاندار کائيندو ته زهر مليل زرعي اپت هوندي. جيتوڻيڪ ان ۾ زهر تمام ٿورو هجي ٿو، پر روز روز کائبو ته هر جاندار جي جسم ۾ وڌندو ويندو، جنهن سان ڪڏهن ڪهڙي بيماري ته ڪڏهن ڪهڙي حالت ۾ ان جو اثر ظاهر ٿيندو آهي. جيڪڏهن صحت کاتي طرفان زرعي ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائن وارن اثرن جي حوالي سان، سنڌ جي جاندارن جو صحيح تجزيو ڪرايو ويندو، ته مهنجي خيال ۾ ڪو به انسان، پالتو توڙي جھنگلي پکي ۽ جانور محفوظ نه هوندو. ان حد تائين جو زمين مان هٿ نلڪن ۽ مشينن وسيلي، پيئڻ لاءِ حاصل ڪئي ويندڙ پاڻي ۾ به صحت لاءِ هاڃيڪار مختلف ڪيميائي عنصر مليا آهن، جن مان سڀني کان سرس خطرناڪ سنکيو (copper) هجڻ جا به اطلاع آهن. کاڌي پيتي وارين شين ۾ انهن زهرن جي موجودگي جو ڪارڻ فصلن ۽ باغن ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڪيميائي ڀاڻ ۽ زهريليون زرعي دوائون آهن. جن جو استعمال، پيداوار وڌائڻ لاءِ لازمي سمجهيو وڃي ٿو، جڏهن ته اهي لازمي نه آهن؟ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته لاڳيتو فصل پٺيان فصل پوکڻ سان زمينون ڪمزور ٿين ٿيون ۽ پوکجندڙ نون فصلن جون خوراڪي گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ ئي ٻوٽن جي خوراڪ ميسر ڪندڙ ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪيا وڃن ٿا، پر اهو ڪهڙو ايماندار زرعي صلاحڪار آهي، جيڪو ڪيميائي ڀاڻ جو نعم البدل ڪو نه ٿو مڃي يا اهو ڪٿي جو انصاف آهي ته زمين جو تجزيو ڪرائي، فصل جي گھرج جو ڪاٿو ڪري، فصلن جي مناسب ترتيب سان فصل نه پوکجي ۽ جيڪا به پوک پوکجي، ان ۾ هروبرو، جيڪو جيڪو به، جيترو جيترو به پڄي سگھي، اکيون پوري، بس ڪيميائي ڀاڻ استعمال ڪجي!؟ اڃ ۽ بک کانسواءِ جسم کي پاڻي ۽ کاڌي جي ضرورت ڪانه هوندي آهي، زوري زبردستي، ضرورت کان سواءِ پيئبو ۽ کائبو، ته صحت خراب ٿيندي. اها ساڳئي حڪمت عملي فصلن ۽ باغن سان ڇو نه لاڳو ڪئي وڃي!؟ ساڳئي طرح، واقع ئي مختلف فصلن ۽ باغن ۾ مختلف قسم جا نقصانڪار جيت، ڪينئان، بيمارين جا جراثيم ۽ غير ضروري گندگاهه وارا ٻوٽا، فصلن ۽ باغن وارن ٻوٽن ۽ وڻن کي نقصان جو سبب بنجن ٿا، پر اهو به ته درست نه آهي، ته هڪدم، جيڪو به زهر ملي، اکيون پوري استعمال ڪجي. انسان اشرف المخلوقات آهي. پنهنجي اڃ، بک ۽ صحت جي پيش نظر هر مناسب ۽ وس وارو احتياطي اُپاءُ وٺي ٿو. ڪير به مٿي جي سور پوڻ شرط گوري يا دوا ڪونه ٿو وٺي. ڪجهه ساعتون سهندو، پوءِ آرام ڪندو، کاڌو پيتو ياد ڪري، ان ۾ ضروري مٽ سٽ ڪندو، رهڻي ڪهڻي جو جائزو وٺي، سردي گرمي کان بچ بچاءُ ڪندو، پوءِ به مٿي جو سور قائم ۽ دائم رهندو، ته .... علاج لاءِ دوا دارون هر ڪنهن جو حق آهي، هر ڪنهن لاءِ ٿيڻ گھرجي، انڪار ڪونهي، پر اها ساڳئي حڪمت عملي ٻوٽن ۽ وڻن يعني فصلن ۽ باغن لاءِ ڇو نه !؟ ڪڏهن به پيٽ جي سور واري صورت ۾ مٿي جي سور واري گوري ڪانه کائبي، مثاني مان پٿري ڪڍرائڻ لاءِ پتي جو آپريشن ڪونه ڪرائبو، پر فصل ۽ باغ ۾ ڦوهارو اکيون پوري ڪبو !؟ ضرورت ان امر جي آهي ته پهرين فصلن ۽ باغن وارين زمينن جو تجزيو ڪرايو وڃي، پوءِ جنهن به خوراڪي جزي جي، جيتري کوٽ هجي، ان حساب سان انتظام ڪيو وڃي. ساڳئي طرح، هر فصل يا باغ جو مسلسل جائزو وٺبو رهجي، جتي جتي به، جنهن جنهن به جيت، ڪينئين، بيماري يا گندگاهه جي موجودگي هجي، ان جي صحيح سڃاڻپ ڪجي. اهو فصل يا باغ کي نقصان پهچائڻ واري اقتصادي حد تي پهتل آهي يا نه، ان جو پتو لڳائڻ کان پوءِ به، صرف اها دوا استعمال ڪجي، جنهن سان ڇوٽڪارو ممڪن هجي. اسان ماڻهو مختلف مرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ گوري، دوا ۽ سئي جو استعمال ڪيون ٿا، ڪي هڪ وقت، ته ڪي ٻه، ٽي يا چار ڀيرا، مقصد ته دوا-- دوا جو وزن، استعمال جو وقت ۽ طريقو معالج ٻڌائيندو، ته ان تي عمل به ڪبو آهي. زراعت جي حوالي سان ائين ڇو نه پيو ڪيو وڃي!؟ بشڪريه روزانه عبرت اخبار