ذهني دٻاءُ سبب پوندڙ مٿي جو سُور (سبب، علاج ۽ بچاءُ )

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ذهني دٻاءُ سبب پوندڙ مٿي جو سُور (سبب، علاج ۽ بچاءُ)​

    [​IMG]
    ڊاڪٽر وجئه شنڪر هرچنداڻي
    ذهني دٻاءُ، ڪم جي گهڻائي، گهرو جهيڙن سبب ٿيندڙ مونجهارن ۽ فرسٽريشن سبب ٿيندڙ مٿي جو سور هن وقت عام آهي. هر ٻيو ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن وقت ان قسم جي تڪيلف ڏيندڙ سور سهڻ لاءِ مجبور نظر ايندو آهي. ذهني پريشانين سبب ماڻهو گهڻو ڪري پنهنجي دماغ تي هلڪو هلڪو دٻاءُ محسوس ڪندا آهن. کين ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن سندن دماغ چوڌاري هڪ پٽي ڇڪي ٻڌي هجي. کين دماغ ۾ سور جا جهٽڪا پڻ محسوس ٿيندا آهن. ان سور لاءِ مقامي طور تي ڪيترائي علاج موجود آهن پر مريض کي پنهنجي اردگرد جي ماحول کي بهتر رکڻ ۽ دوائن کان سواءِ ئي سور کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته جن ماڻهن جي حياتي ۾ ٽينشن وڌيڪ آهي انهن کي اهڙا سور سدائين ٿيندا رهندا ۽ جيڪڏهن اهي هروڀرو دوائن جو گهڻو استعمال ڪندا ته اڳتي هلي انهن جا عادي ٿي ويندا.
    سبب:ان بيماري جو عام طور تي ڪوبه مخصوص سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙا سور دماغ ۾ موجود ڪيميائي مادن جهڙوڪ سيروٽونن، اينڊورفن ۽ ٻين ۾ ٿيندڙ واڌي گهاٽي سبب پڻ ٿي سگهن ٿا. ماهرن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته ذهني دٻاءُ سبب چهري، ڳچي ۽ مٿي جي مشڪن ۾ ڇڪ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري مٿي ۾ سور ٿئي ٿو. ان سور کي وڌائڻ جا مختلف سبب آهن. جيئن بيچيني، ڊپريشن، مونجهارا، غربت، ڪم جون خراب حالتون يا هڪ ئي حالت ۾ وڌيڪ وقت تائين ڪم ڪرڻ، اهڙا ڪم ڪرڻ جنهن ۾ وڌيڪ زور لڳائڻو پوي ۽ ڏند ڪرٽڻ وغيره.
    ڏنو ويو آهي ته ان قسم جو سور 90 سيڪڙو عورتن ۾ ٿئي ٿو. جڏهن ته مردن جو 70 سيڪڙو ان قسم جي سور جي تجربي مان گذري ٿو. عمر جي هر حصي اهو سور ٿي سگهي ٿو پر 40 سالن جي پيٽي وارن مردن ۽ عورتن ۾ نسبتن وڌيڪ محسوس ڪيو ويندو آهي.
    ڊاڪٽر ان جو علاج ڪرڻ کان اڳ مريضن کان سور جي جاءِ، سور جي شدت، سور جو مدو ۽ ٻي معلومات وٺندا آهن. جيڪڏهن سور تمام شديد هجي ۽ نه ڇڏي ته ان جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ٽوموگرافي(سي ٽي اسڪين) يا ميگنيٽڪ ريزويننس اميجنگ(ايم آر آءِ) پڻ ڪرايا ويندا آهن. سي ٽي اسڪين ذريعي مختلف رخن کان اوهان جي دماغ جون ايڪسري ذريعي تصويرون ورتيون وينديون آهن. جن ذريعي دماغ ۾ ٿيندڙ تبديلين بابت جامع ڄاڻ ملي ٿي. ايم آر آءِ ۾ ايڪسري جو استعمال نه ٿيندو آهي ان جي جاءِ تي ان چقمقي ميدان (ميگنيٽڪ فيلڊ) جو استعمال ڪيو ويندو آهي. توهان جي درست علاج لاءِ ضروري آهي ته اوهان هڪ ڪئلينڊر تي سور پوڻ جو وقت ۽ تاريخ نوٽ ڪندا رهو. ان سان ڊاڪٽر کي بيماري جي علاج ۾ وڌيڪ مدد ٿيندي.
    علاج ۽ دوائون
    عام طور تي ماڻهو مٿي جي ٿوري گهڻي سور کي نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهن. ان لاءِ يا ته ڊاڪٽر وٽ ناهن ويندا يا وري پنهنجي سر گوري دوا کائي ڇڏيندا آهن. هن وقت مختلف قسم جون دوائون مارڪيٽ ۾ موجود آهن جن جي استعمال سان مٿي جي سور ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. عام طور تي اسپرين (اسپرو، ڊسپرين وغيره) ۽ ابيوپروفين (بروفين) جو استعمال سور جي خاتمي لاءِ ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته نيپروڪسن، انڊوميٿانسن (انڊوسڊ، انڊوسين وغيره) جهڙيون دوائون پڻ مٿي جي سور ۾ فائدو ڏين ٿيون. جڏهن ته ٻه يا ٻن کان وڌيڪ دوائن جي ميلاپ سان ٺهندڙ گوريون پڻ سور جي ڪيفيت گهٽائڻ ۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿين ٿيون. اسان وت اي پي سي (اسپرين، پيراسٽامول، ڪيفين) جي گوري عام طور تي سور جي ڪيفيت ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي. جن ماڻهن کي اڌ مٿي جو سور(ميگرين) هوندو آهي انهن کي پڻ سور ختم ڪندڙ(اينلجيسڪ) ۽ آرام ڏيندڙ(سيڊيٽو) ٿيراپي گڏي ڏني ويندي آهي.
    ڪجهه وقت لڳاتار دوا جو استعمال سور جي شدت ۽ ان جي ٿيڻ جي وقفي کي گهٽائي ٿو. سور کان بچي سگهجي ٿو پر اهڙين دوائن جي استعمال سان وزن ۾ واڌ ٿيڻ، هر وقت ننڊائکو رهڻ ۽ خشڪ وات جهڙا اثر پڻ ٿي سگهن ٿا.
    ڪجهه ٻيون دوائون جهڙوڪ فلوڪسي ٽائين (پروزاڪ، سارافيم وغيره) ۽ مشڪن کي آرام ڏيندڙ (مسل رليگزنٽ) جهڙوڪ ٽاءِ زينيدائين(رينافليڪس، نار فليڪس) وغيره پڻ سور ۾ آرام ڏينديون آهن پر اهي سموريون دوائون پنهنجي ڊاڪٽر جي مشوري سان ۽ ان جي نگراني ۾ استعمال ڪرڻ گهرجن.
    گهرو علاج
    عام طور تي آرام سان مٿي جي سور ۾ گهٽتائي ٿي ويندي آهي. نيم گرم پاڻي سان وهنجڻ يا ٿڌي ڪپڙي سان ٽاڪور ڪرڻ سان پڻ سور گهٽ ٿئي ٿو. ڪجهه ٻين طريقن سان پڻ اوهان پنهنجي مٿي جو سور گهٽائي سگهو ٿا. جيئن پنهنجي ڪم جي طريقيڪار ۾ تبديلي آڻيو، آرام لاءِ ڪجهه وقت وڌيڪ ڏيو. ڪوشش ڪري پنهنجي پاڻ کي جذباتي ٿيڻ نه ڏيو ۽ گهرو جهيڙن کان ڪن لاٽار ڪريو يا انهن کي ميٺ محبت سان حل ڪريو. سڪون ڀريو وهنجن يا مالش ذريعي پنهنجي مشڪن کي آرام ڏيو. ان لاءِ اوهان گرم حمام ۾ وڃي سگهو ٿا. ڪجهه گرم مساجر پڻ مارڪيٽ ۾ ملن ٿا. ڪم دوران پنهنجي پوزيشن تبديل ڪندا رهو.
    اڪو پنڪچر پڻ متبادل طريقي طور مٿي جي سور جي علاج لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
    روزانو صبح جو 5 داڻا بادام ۽ ٻه پن تلسي جا نيراني کائڻ سان به نه رڳو مٿي جو سور نه ٿيندو پر يادادشت پڻ بهتر رهندي

    بشڪريه روزانه عبرت
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اڌ مٿي جو سور- سبب ۽ علاج

    اڌ مٿي جو سور- سبب ۽ علاج​

    حڪيم نذير احمد شيخ
    اڌ مٿي جي سور کي عربي ۾ درد شقيقه، انگريزي ۾ Migraine Pain چئبو آهي. مٿي جي ڪنهن به هڪ اڌ پاسي ۾ سخت ۽ تڪليف ڏيندڙ سور ٿيندو آهي. باقي اڌ حصو مٿي جو تندرست هوندو آهي. ان کي اردو ۾ آڌا سيسي جو درد چئبو آهي. هي سور اڌ مٿي کان شروع ٿي ڪڏهن سڄي مٿي ۾ شديد نوعيت جو اهڙو ٿيندو آهي جو مريض بي حال ٿي مٿو ڀت سان ٽڪرائيندو آهي. هن سور شروع ٿيڻ جو ڪو وقت ۽ ويل مقرر نه هوندي آهي. معمولي جهٽڪي سان شروع ٿي آهستي آهستي تيز ٿيندو رهندو آهي، جن ماڻهن کي هي سور پوندڙ هوندو آهي، اُنهن کي محسوس ٿي ويندو آهي ته هاڻي سور اڌ مٿي شروع ٿيڻ وارو آهي. اڪثر ڪري صبح جو سج اڀرڻ سان مٿي تي هلڪو بار ۽ وزن محسوس ٿي سور شروع ٿي ويندو آهي. جيئن سج لهڻ طرف ويندو آهي ته سور ۾ به گهٽائي اچڻ شروع ٿيندي آهي. اڌ مٿي ۾ جي سور شروع ٿيڻ سان دل ڪچي ۽ الٽي جهڙو خيال محسوس ٿيندو آهي، بلڪ ڪن ماڻهن کي الٽي به ٿيندي آهي ۽ پيٽ خالي محسوس ٿيندو آهي. الٽي ٻاهر ڪڍڻ سان سور جي شدت ۽ زور گهٽ ٿي ويندو آهي. سور جي شدت وقت اکين اڳيان انڌيرو، نظر جو درست نه رهڻ، بي چيني، جسماني دماغي ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي. هي اهڙي قسم جي بيماري آهي، جنهن جي سڃاڻپ يا تشخيص ظاهر هوندي آهي. مريض خود به سمجهي ويندو آهي. عام خيال آهي ته زياده دماغي ڪم ڪندڙ- لاڳيتو لکڻ پڙهڻ خاص طرح اخبار جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ، ذهني سوچ ۽ فڪرات ۾ مبتلا ماڻهو ۽ جن ماڻهن کي ننڊ گهٽ اچي ٿي، اڌ مٿي جي سور ۾ مبتلا رهن ٿا، پر ان حقيقت کان علاوه به ڪن ماڻهن کي اڌ مٿي جو سور رهي ٿو. ان ڪري، ان قسم جي سور جي ڪنهن واضح خاص سبب جي نشاندهي نٿي ڪري سگهجي. اڌ مٿي جي سور ۾ مردن جي مقابلي ۾ عورتون خاص طور تي ويهن کان پنجويهن سالن جون غير شادي شده نياڻيون مبتلا رهن ٿيون، ان کان علاوه جن عورتن جو ماهواري نظام صحيح نه آهي، گهٽ ۽ سور سان اچي ٿو يا اهي عورتون جن جي عمر جي خاص حصي ۾ پهچڻ کان پهريائين ماهواري نظام اچڻ بند ٿي وڃي، اُنهن کي اڌ مٿي جي سور جي شڪايت رهي ٿي. عورتون مردن جي مقابلي ۾ زياده نازڪ ۽ حساس هونديون آهن، گهڻي سوچ فڪرات ۽ ٽينشن سبب پڻ ڪن حالتن ۾ هي سور ٿيندو آهي. اڌ مٿي جي سور جي سببن تي اڃان به جي روشني وجهجي ته هي سبب ممڪن ٿي سگهن ٿا. رت جي گهٽتائي ۽ جسماني ڪمزوري، وزن ۽ ٿولهه گهٽتائڻ لاءِ بک ڪاٽڻ، بدهضمي ۽ گيس قبض جو پراڻو رهڻ، حساس طبيعت جو هئڻ، نظر جي گهٽتائي، ٿڪاوٽ ۽ بدن ۾ سور هئڻ، دماغ جي خشڪي ۽ پراڻي نزلي جو رهڻ، تيز ۽ چمڪدار روشني اکين ۾ پوڻ موروثي اثر يعني والدين کان اولاد ۾ اڌ مٿي جي سور جي شڪايت منتقل ٿيڻ، ذهني دٻاءُ فڪرات، ٽينشن ۾ رهڻ گهڻي دماغي سوچ رکڻ، گهڻي گوڙ ۽ شور واري ماحول ۾ رهڻ، ننڊ نه اچڻ، گهڻي دير تائين جاڳڻ، ڪثرت سان نشو واپرائڻ وغيره. سور ٿيڻ جي سببن ۾ شامل آهن. اڌ مٿي جو سور جڏهن شدت اختيار ڪندو آهي ته هلڪي روشني به ڏکي لڳندي آهي، اٻڙاڪ الٽي ۽ دل ڪچي محسوس ٿيندي آهي. سور وقت دماغ جي هڪ پاسي ائين محسوس ٿيندو، جيئن ڪو ماڻهو لوهي سيخون پيون هڻي ۽ ڌڪ لڳندي محسوس ٿيندا آهن. ڪنهن جو آواز ۽ ڳالهائڻ به نه وڻندو آهي. پنجاهه سالن جي عمر تائين هن سور ٿيڻ جو ڪو وقت ۽ خاص سبب مقرر نه هوندو آهي. وڏي عمر وارن ماڻهن کي گهڻو ڪري هي سور نه ٿيندو آهي، اڌ مٿي جو سور ٻن ڪلاڪن تائين کان چوويهن ڪلاڪن تائين هلي بغير علاج جي به پاڻ گهٽ ٿي ختم ٿي ويندو آهي، پر مريض علاج ڪرڻ تي ان ڪري مجبور هوندو آهي ته جلد ٺيڪ ٿيان، اسڪول ويندڙ ٻارن کي مٺيون ٽافيون چاڪليٽ ۽ بازاري شين کائڻ کان منع ڪجي، ٻارن ۾ گهڻي مٺاڻ کائڻ سبب پڻ هي سور ٿيندو آهي. اڌي مٿي جي سور جو تعلق گرمي سان پڻ آهي. گهڻي گرمي لڳڻ سبب پڻ ٿيندو آهي. سور گهٽ ڪرڻ واريون عارضي گوريون جن ۾ اڪثر ڪري ماڻهو پيراسٽامول ۽ پونسٽان وغيره کائيندا آهن، مسلسل کائڻ جي صورت ۾ معدو ۽ جگر خراب ٿئي ٿو. يوناني طريقي علاج ۾ هي نسخو ڪارآمد آهي. هوالشافي- اسطه خدوس 50 گرام، ڌاڻا پيٺل 40 گرام، اصلي ڪارا مرچ 40 عدد ٽنهي شين کي ڪٽي سنهي ڦڪي ٺاهي صاف شيشي ۾ وجهي رکجي. روزانه صبح جو اڌ چمچو کائي مٿان هڪ چمچو خالص ماکي کائي ڇڏجي. هي علاج 40 ڏينهن مسلسل کائجي، بادامن جي خالص تيل يا نذير ڪلونجي آئل جي رات جو هلڪي هٿ سان ٻنهي پاسي لوندڙين کي مالش ڪجي. مٿي لکيل نسخو تيار نه ڪرڻ جي صورت ۾ اطريفل اسطه خدوس هڪ چمچو رات جو کير سان کائجي ۽ دماغي ڪمزوري لاءِ معجون شفا (نذير دواخانه) هڪ چمچو صبح شام پاڻي سان کائجي. سور جي شدت گهٽ ڪرڻ لاءِ حب ادرڪ هڪ گوري صبح جو پاڻي سان کائجي ڪوشش ڪري هاضمو ٺيڪ رکجي. اڌ مٿي جي سور جي حالت ۾ گهر ۾ آرام ڪجي. سفر ڪرڻ، ڊرائيونگ ڪرڻ مناسب نه آهي. جسماني ڪمزوري دور ڪرڻ لاءِ غذا طرف توجهه ڏجي. هلڪي سور جي حالت ۾ نڪ کي ٿوري ناس ڏئي ڇڪون ڏيارڻ به هڪ ترتيب آهي، سور گهٽ ڪرڻ جي ڪن ماڻهن کي پنهنجي روزمرهه معمولات ۽ غذا کائڻ سبب به سور جي شڪايت ٿيندي آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪو به اڌ مٿي ۾ سور ٿيڻ جو سبب سامهون اچي، اُن جو ازالو يا پرهيز ڪجي. وڌيل بلڊ پريشر سبب سور هجي ته پنهنجي معالج کان علاج وٺي بي پي ڪنٽرول ڪجي.
    ڪنهن به طبي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ خط لکي جوابي لفافو ائڊريس لکيل موڪلي جواب عاقل پلازه گورنمينٽ ڪاليج روڊ حيدرآباد کان حاصل ڪري سگهجي ٿو.

    بشڪريه روزانه عبرت
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ذهني دٻاءُ سبب پوندڙ مٿي جو سُور (سبب، علاج ۽ بچاءُ )

    سنڌ سلامت جي مهرباني ۽ دوست ممتاز وگهيي جا ٿورا جو هُن عبرت اخبار مان هي اهم ونڊ ڪيو ۔۔۔ چوندا آهن ته ”جيءُ آهي ته جهان آهي“ صحتمند جسم ۽ صحتمند دماغ ئي قومن جو سرمايو ٿين ٿا ۔۔۔ انڪري صحت جو خيال رکڻ تمام ضروري آهي

    ڪيترن ڏينهن کان مٿي جو سور هيو، سوچيم ته انجو ڪو ديسي علاج ڳولهيان، سوچيم ته سنڌ سلامت تي ڪو ٽوٽڪو هجي ته پڙهي وٺان، سو بس پڇڻ جي دير هئي ۽ هي ليک نظر مان گذريو ۔۔۔

    ماشاء الله سنڌ سلامت تي هاڻ ايترو قيمتي مواد موجود آهي جو ڪنهن به مسئلي تي ويهي کوجنا ڪبي ته ڪافي مدد ملي وڃي ٿي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا۔
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: ذهني دٻاءُ سبب پوندڙ مٿي جو سُور (سبب، علاج ۽ بچاءُ )

    ممتاز وگهيو صاحب اسلام عليڪم۔توهان جون تمام گهڻيون مهربانيون جو صحت جي متعلق هڪ بهترين مضمون هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي اسان سڀني جي معلومات ۾ اضعافو ڪيو اٿئو۔هن ليک ۾ ٻڌايل ديسي نسخ استعمال ڪرڻ سان گهڻن ماڻهن کي الله پاڪ شفا عطا فرمائيندو۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو