رت جو ڪينسر (Blood Cancer) ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجو رت هڪ اهڙي قسم جي ڪيميائي رتوبت آهي جيڪا چمڙيءَ، هڏي ۽ سڀني اندرين عضون ۾ گردش ڪندي رهي ٿي. رت، رت نلين جي وسيع سرشتي جنهنجو ڄار هر هڪ ٽشوءَ (tissue) تائين پکڙيل ٿئي، وسيلي هر هڪ سيل (cell) کي غذا مهيا ڪندي ۽ انهن جي غلاظت ميڙيندي رهي ٿي (سڀئي جاندار شيون، جهڙوڪ: انسان، جانور ۽ ٻوٽا ۽ جيت جڻيا وغيره سيلن جا ٺهيل آهن. انساني جسم اٽڪل روءِ 26 بلين سيلن جو مجموعو آهي (ساڳئي قسم جي سيلن جي جهڳٽي کي جيڪي ڪنهن خاص ڪم ڪار لاءِ هوندا آهن، تن کي ٽشو سڏبو آهي). جسم ۾ گردش دوران، رت جسم کي نه رڳو غذا مهيا ڪري ٿي پر ساڳئي وقت ڦڦڙن مان آڪسيجن ۽ ننڍي آنڊي مان غذا جا جزا به جذب ڪندي رهي ٿي. ساڳيءَ طرح سان رت جڏهن تريءَ، ڦڦڙن ۽ بڪين مان گذرندي رهي ٿي ته اتان جون غلاظتون به نيڪال ڪندي رهي ٿي. رت جي پاڻيٺي حصي کي پلازما (plasma) سڏبو آهي، جنهن ۾ پاڻي، پروٽين، مٺاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪيميائي مرڪب هوندا آهن جيڪي سرير لاءِ ست مهيا ڪن ٿا. جڏهن ته رت جي نهري حصي ۾ ٽن قسمن جا سيل هوندا آهن، جيڪي آهن: ڳاڙها سيل (red blood cells) جيڪي هڏي جي مک مان پيدا ٿين ٿا. پلئٽيليٽس (platelets) هي پڻ هڏي جي مک مان تيار ٿين ٿا ۽ اڇا سيل (white blood cells) جيڪي هڏي جي مک ۽ لمف نوڊن (lymph nodes) مان ٺهندا آهن. ڳاڙهن سيلن جو ڪم ڦڦڙن مان آڪسيجن گڏ ڪرڻ، پلئٽيليٽس جو ڪم رت کي تڏهن ڄمائڻ هوندو آهي. جڏهن ڪنهن سبب ڪري جسم ڌڪجي ‐ ڦٽجي پيو هجي ۽ اڇن سيلن جو ڪم جسم کي بيمارين بڙين کان بچائڻ هوندو آهي، هي سيل ڪن قسمن جا پڻ ٿين. رت جو ڪم، رت جسم جي ٽشوئن کي آڪسيجن ۽ ٻيو کاڌو مهيا ڪندي آهي ته جسم مان غلاظتون پڻ ڪڍندي رهندي آهي، جيڪا بڪين وسيلي پيشاب، چمڙيءَ مان پگهر ۽ ڦڦڙن مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي صورت ۾ نيڪال ٿيندي رهندي آهي. جسم کي ٻاهرين حملن ۽ اهڙن ڌڪيل هنڌن ڏانهن اڇا سيل روانا ڪندي آهي ته جسم ۾ صحيح ٽمپريچر برقرار رکڻ ۾ به مدد ڪندي رهندي آهي. انهن سڀني ڳالهين کانسواءِ اهو به رت جو ڪم هوندو آهي ته جسم ۽ ٽشوئن ۾ رهندڙ پاڻيٺ کي به توازن ۾ رکندي اچي. اصل ۾ ليوڪيميا (Leukemia) هڏي ۾ مک (bone marrow) ۽ لمف نوڊن جي ڪينسر آهي جڏهن ته ٿلهي ليکي ان کي رت جي ئي بيماري سمجهيو ويندو آهي. هيءَ ڪينسر هڏي جي مک جي انهن ٽشوئن ۽ نوڊن تي اثر انداز ٿيندي آهي، جيڪي رت جا اڇا سيل پيدا ڪندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ اڇا سيل ڪچا، اڻپڪا ۽ تعداد ۾ بيشمار پيدا ٿيندا رهندا آهن. اهڙن ڪچن ۽ اڻپڪن سيلن کي ليوڪَيمڪ (leukemic) سيل به سڏبو آهي، جيڪي آهستي آهستي رت ۾ سيلن ۽ صحتمند اڇن سيلن جي جاءِ والاري ايترا ته وڌي ويندا آهن جو سرير سولائيءَ سان بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳندو آهي. نه رڳو ايترو پر اهي ليوڪيمڪ سيل ايترا ته وڌي ويندا آهن جو رت انهن سان ڏٽجي ويندي آهي ۽ ڳاڙها سيل ۽ پلئٽيليٽس نالي ماتر وڃي رهندا آهن. جنهن سبب جسم مان رت نه رڳو سولائيءَ سان وهڻ لڳندي آهي پر ان کي آڪسيجن جي پوري رسد پڻ ملي نه سگهندي آهي. اهو ئي سبب هوندو آهي جو ليوڪيميا جا مريض ٻين سنگين مرضن جو شڪار ٿيندا آهن يا جسم ۾ اندر ئي ايتري ته گهڻي رت ‐ هيري ٿيڻ لڳندي آهي جو هو گهڻي ڀاڱي مري ويندا آهن. ليوڪيميا جا چار قسم آهن: اڪيوٽ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا (Acute lymphocyte leukemia): هن ڪينسر کي اڪيوٽ لمفوبلاسٽڪ ليوڪيميا (Acute lymphoblastic leukemia) جي نالي سان پڻ سڏبو آهي. هيءَ ڪينسر گهڻي ڀاڱي ٻارڙن ۾ ٿيندي آهي. هن ڪينسر ۾ ڪينسريائي اڇا سيل تمام جلد، هڏي جي مک مان بي انت پيدا ٿي رت جي گردشي سرشتي وسيلي لمف نوڊن، تريءَ ۽ ٻين رئيس عضون، جهڙوڪ: جيري، بڪيءَ ۽ دماغ تائين پهچي ويندا آهن. انهيءَ کانسواءِ هي سيل، معدي، خصين (testis) يا آني دانين (ovaries) کي پڻ تباهه ڪري سگهندا آهن. هن قسم جي ڪينسريائي سيلن جي واڌ سبب جسم اندر رت به وهي سگهندي آهي. اڪيوٽ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا (Acute myelocytic leukemia): هن ڪينسر کي گرئينيولوسائيٽڪ ليوڪيميا يا مائيلو جينيس ليوڪيميا (granulocytic leukemia or myelogenous leukemia) به سڏيوويندو آهي. هيءَ گهڻي ڀاڱي نوجوانن ۾ ٿيندي ڏسو صفحو 7 آهي. هن ڪينسر جو گهڻو مارو ان قسم جي اڇن سيلن تي هوندو آهي. جن کي گرئنيولوسائيٽ (granulocytes) سڏبو آهي ۽ هي پڻ هڏي جي مک مان ٺهندا آهن. ڪينسريائي گرئنيولو سائيٽ تيزيءَ سان واڌ کائيندي آهي. تريءَ ۽ لمف نوڊن کي ڪينسريائي بنائڻ کانسواءِ هي جسم جي رئيس عضون کي به آخرڪار تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. اهي ڪينسريائي سيل جسم ۾ جيئن جيئن واڌ کائيندا ويندا آهن تيئن تيئن جسم اندر به رت وهڻ لڳندي آهي. ڪرانڪ مائيلوسائيٽڪ ليوڪيميا (chronic myelocytic leukemia) : هن ڪينسر کي ڪرانڪ گرئينيولوسائيٽڪ ليوڪيميا، ڪرانڪ مائيلانڊ ليوڪيميا يا ڪرانڪ مائيلوجينيس ليوڪيميا (chronic granuloytic leukemia or chronic myeloid leukemia or chronic myelogenous leukemia) جي نالن سان پڻ سڏبو آهي. اڪيوٽ مائيلوسائيٽڪ ليوڪيميا جيان هيءَ ڪينسر به گهڻي ڀاڱي نوجوانن ۾ ٿيندي آهي. هن سبب هڏي جي مک سان گرئنيولوسائيٽن جي به بي ضابطه واڌ ٿيندي آهي. شروعات ۾ هيءَ ڪينسر آهستي واڌ کائيندي آهي وقتائتي دٻجي به ويندي آهي پر اڳتي هلي آخر ۾ (خبر پوڻ کان اٽڪل 3 سال پوءِ) بلڪل ائين ٿي ويندي آهي جيئن مٿين ڪينسر جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪرانڪ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا (Chronic lymphocytic leukemia): هن قسم جي ڪينسر پڻ نوجوانن ۾ ٿيندي آهي. ڪينسريائي سيل آهستي آهستي واڌ کائيندا آهن ۽ جڏهن خوردبين ۾ ڏٺا وڃن ته بلڪل صحتمند سيلن جهڙا ئي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. هي لمف نوڊن ۾ واڌ کائيندا، هڏي جي مک ۽ رت نلين ۾ ڪٺا ٿيندا ويندا آهن ۽ آخر ۾ لمف نوڊن، جيري ۽ تريءَ ۾ اچي ديرو ڄمائيندا آهن. نشانيون (symptoms) سڀني قسمن جي ليوڪيميائن (رت جي ڪينسر جي مختلف قسمن) ۾ هڪ جهڙيون نشانيون ظاهر ٿينديون آهن، جهڙوڪ: ڪمزوري، ٿڪ، بک جو مري وڃڻ، وزن جو گهٽجڻ، رت نلين جو ڦاٽي پوڻ، رت وهڻ، بيمارين جو جهٽ شڪار ٿيڻ، هلڪو بخار رهڻ، لمف نوڊن، جيري ۽ تليءَ جو سڄي وڃڻ. اڪيوٽ ليوڪيميا جي صورت ۾ هڏن جو سور به ٿي پوندو آهي جڏهن ته ڪرانڪ ليوڪيميا جي حالت ۾ ٿڪ ۽ حد کان وڌيڪ پگهر اچڻ به ٿي سگهي ٿو. اڪيوٽ ليوڪيومائن جون نشانيون اوچتو ظاهر ٿي پونديون آهن، جڏهن ته ڪرانڪ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا ۾ اهڙيون نشانيون آهستي آهستي پيدا ٿينديون آهن. ڪرانڪ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا جي سالن تائين خبر پئجي نه سگهندي آهي ايتري تائين جو ڏهن سالن تائين به ان جي ڪا نشاني ظاهر ٿي نه سگهندي آهي. تشخيص (diagnosis): ليوڪيميا جي تپاس لاءِ ڊاڪٽر رت ۽ هڏي جي مک جي خوردبيني تپاس ڪندو آهي. ان لاءِ جسم مان رت ڪڍي ويندي آهي، جڏهن ته مک لاءِ هڏي ۾ سئي لنگهائي اها ڪڍي ويندي آهي. ڪرانڪ ليوڪيميا جي صورت ۾ اڇا سيل، اصل تعداد کان تمام گهٽ هوندا آهن. اڪيوٽ جي حالت ۾ اهي نه رڳو تعداد ۾ بيحد هوندا آهن پر سندن ڏيک به غير رواجي هوندا آهن. علاج: اڪيوٽ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا جڏهن ٻارڙن ۾ هوندي آهي ته ان جو علاج ڪيموٿراپي (chemotherapy) هوندو آهي ۽ اهي ورلي هن علاج سان ڇٽي به ويندا آهن. ڪيموٿراپيءَ ۾ ڪينسريائي ٻارڙن کي مختلف دوائون ڊگهي عرصي تائين ۽ وڏي وزن ۾ کارايون وينديون آهن. ان کانسواءِ اينٽي بايوٽڪ دوائون به کارايون وينديون آهن ته جيئن انفيڪشن تي ضابطو رکي سگهجي. سڄي رت يا رت جا رڳو پلئٽيليٽ به ٻارن کي ڏنا ويندا آهن ته جيئن رت وهڻ واريءَ ڳالهه تي ضابطو رکي سگهجي. جڏهن ڊاڪٽر کي اهو خدشو هجي ته ليوڪيوميائي سيل دماغ تائين نه پهچي ويا هجن جتي عام دوائون پهچي نه سگهنديون آهن تڏهن ڊاڪٽر دماغ جي ڪينسريائي سيلن جي علاج لاءِ شعاع پڻ ڏيندو آهي. هن ڪينسر جو هڪڙو ٻيو علاج هڏي جي سڄي مک تبديل ڪرڻ هوندو آهي. ان لاءِ مريض جي سڄي هڏي جي مک ڪڍي کيس ڪنهن صحتمند ماڻهوءَ جي ڏني ويندي آهي. نوجوانن کي ٿيندڙ اڪيوٽ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا جو علاج به بڪل ائين ڪيو ويندو آهي جيئن ٻارڙن ۾ ٿيندڙ اڪيوٽ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا جو ڪجي. ٻالڪن جي ڀيٽ ۾ نوجوانن لاءِ ڪيموٿراپي وڌيڪ سخت ثابت ٿيندي آهي ته اها بيماريءَ کي ختم به نه ڪري سگهندي آهي ۽ ٿورڙي ٿورڙي وقت کانپوءِ وري اٿلي پوندي آهي. ڪرانڪ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا ۽ ڪرانڪ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا کي ڪيموٿراپيءَ وسيلي ڪنهن حد تائين ضابطي ۾ ته رکي سگهبو آهي پر بنهه ڇٽائي نه سگهبو آهي. جڏهن نوجوانن کي هن قسم جون ليوڪيومائون هونديون آهن تڏهن کين واجبي انداز ۾ تيستائين دوائون ڏنيون وينديون آهن جيستائين اهي اثرانداز ٿينديون رهن. جڏهن ته ڪي ڊاڪٽر ڪرانڪ ليوڪيميا جي علاج لاءِ ڪيموٿراپيءَ بجاءِ سڄي جسم جو ايڪس ري ذريعي علاج ڪندا آهن. ايڪس ري وسيلي علاج يعني رئڊيوٿراپي تڏهن استعمال ۾ آندي ويندي آهي جڏهن ليوڪيميڪ اڇن سيلن سبب سجي ويل عضون کي سسائي، اصل حالت ۾ آندو ويندو آهي. علاج جا سائيڊ افيڪٽ: علاج دوران اهو به ممڪن هوندو آهي ته ڪن دوائن جي استعمال ڪرڻ سبب جسم انفيڪشن جو شڪار ٿي پوي ۽ رت وهڻ لڳي. انهيءَ کانسواءِ ڪيموٿراپيءَ سبب هڏا ڪمزور، جيري کي لهس ۽ ڦڦڙن تي داغن جا نشان رهجي وڃن. اهڙا ٻارڙا جن جو علاج ڪيموٿراپيءَ وسيلي ڪيو ويندو آهي سي ممڪن هوندو آهي ته غير رواجي حد تائين قد جا ننڍڙا رهن ۽ جنسي لحاظ کان ويهجي وڃن. جڏهن نوجوانن جو علاج رئڊيوٿراپيءَ وسيلي ڪيو ويندو آهي ته ان لاءِ کين مناسب انداز ۾ ايڪس ري جا ڊوز ڏنا ويندا آهن، جنهنڪري ان جا سائيڊ افيڪٽ به گهٽ پيدا ٿيندا آهن. ٻارڙن کي جڏهن رئڊيوٿراپيءَ سان گڏ ميٿوٽريڪسٽيٽ (methotrexate) دوا به ڏجي تڏهن ممڪن هوندو آهي ته ان سبب دماغ کي نقصان رسي پوي. هڏي جي مک جي مَٽ هڪ جوکائتو طريقو هوندو آهي ۽ ان جا ڪيترائي سائيڊ افيڪٽ پيدا ٿي سگهندا آهن. اهڙا مريض جيڪي مک جي مٽ ڪرائيندڙ هجن تن لاءِ ضروري سمجهيو ويندو آهي ته هو ان بابت ڊاڪٽر سان اڳواٽ ڳالهه ٻولهه ڪن. اهڙا ٻارڙا جن کي اڪيوٽ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا جي علاج جو پورو ڪورس ڏنو ويندو آهي انهن مان 90-95 سيڪڙو ڇٽي ويندا آهن ۽ اٽڪل 50 سيڪڙو اهڙا مريض پنجن سالن تائين زنده رهي سگهندا آهن، جڏهن ته ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي هميشه لاءِ بلڪل صحتياب ٿي ويندا آهن. اهڙا ٻارڙا جن جي رت ۾ ڳاڙهن سيلن ۽ پلئٽيليٽس جو تعداد گهٽ هوندو ۽ اڇن ليوڪيميائي سيلن جو گهڻو تعداد رت ۾ گردش ڪندو رهندو آهي، عضوا وڌي ويل هوندا آهن ۽ ڪنڊي واري پاڻيٺ ۾ به اهڙن اڇن ڪينسريائي سيلن جي موجودگي هوندي آهي، سي ڪو ورلي ڇڏي سگهندا آهن. اهي نوجوان جن کي اڪيوٽ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا هوندي آهي سي بنا علاج جي رڳو ڪجهه مهينن تائين زنده رهي سگهندا آهن، جڏهن ته اهڙن جن مريضن جو ڪيموٿراپيءَ وسيلي علاج ڪيو ويندو آهي تن مان ڪي ڪجهه سالن تائين پڻ حياتي ماڻي سگهندا آهن. جن نوجوانن کي ڪرانڪ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا هوندي آهي تن مان علاج کانپوءِ 50 سيڪڙو ٽن سالن تائين ته 10 سيڪڙو پنجن سالن تائين زنده رهي سگهندا آهن. جڏهن ته اهي نوجوان جن جي ڪرانڪ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا جو علاج ڪيو ويندو آهي تن مان 90 سيڪڙو کي عارضي فائدو رسندو آهي. 40-50 سيڪڙو پنجن سالن تائين ۽ 30 سيڪڙو ڏهن سالن تائين زنده رهي سگهندا آهن. جيڪي مريض ڪرانڪ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا جو شڪار هوندا آهن سي ڊگهي ڄمار ماڻي نه سگهندا آهن. جڏهن ته اهڙن مريضن کي صحيح وقت تي ڪيموٿراپي ۽ رئڊيوٿراپيءَ جو گڏيل علاج ڏيڻ سان سندن زندگي گهڻي حد تائين بهتر گذري سگهي ٿي. اڪيوٽ ليوڪيميا ڪارن جي ڀيٽ ۾ اڇن ۾ گهڻي ٿئي جڏهن ته اڇن ماڻهن ۾ ان جي شفا جو انگ وڌيڪ آهي. ڪرانڪ ليوڪيميا وري عورتن جي ڀيٽ ۾ مردن ۾ گهڻي ٿئي. بينزين (Benzene) سان پورهيو ڪندڙن کي، عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اڪيوٽ ليوڪيميا گهڻي ٿي پوندي آهي. اڪيوٽ لمفوسائيٽڪ ليوڪيميا انهن ٻارڙن ۾ گهڻي عام ٿي پوندي آهي جن جي عمر 3 ۽ 10 سالن جي وچ ۾ هوندي آهي جڏهن ته ٻين قسمن جي ليوڪيميا 35 سالن کان مٿي ڄمار وارن ماڻهن ۾ گهڻي ٿي پوندي آهي. ائٽمي شعاع / رئڊيئيشن جي لڳڻ کانپوءِ اڪيوٽ ليوڪيميا بلڪل ائين ٿي پوندي آهي جيئن انهن ٻارڙن کي ٿي پيئي هئي، جيڪي هيروشيما ۽ ناگا ساڪيءَ ۾ ائٽمي بمن لڳڻ وقت رئڊيئيشن جو شڪار ٿيا. انهيءَ کانسواءِ اهي ٻارڙا پڻ جن جو علاج رئڊيئيشن سان ڪيو ويو هجي تنکي به اڳتي هلي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ ڪينسر وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. اهڙا مريض جن کي ڪنهن به قسم جي ڪينسر لاءِ (ليوڪيميا لاءِ نه) رئڊيو ٿراپي ڏني ويندي آهي تن کي ليوڪيميا ٿيڻ جو انگ به اوترو ٿي سگهندو آهي جيترو ليوڪيميا جو اهو انگ ڪنهن آدمشماريءَ ۾ ٿي سگهي ٿو. پر اهڙا مريض جن کي هاجڪنس لمفوما (Hodgkin’s lymphoma) هوندي آهي ۽ انهن جو رئڊيوٿراپيءَ ۽ ڪيموٿراپيءَ وسيلي گڏيل علاج ڪيو ويندو آهي ته اهڙن ماڻهن ۾ پڻ ليوڪيميا ٿيڻ جا موقعا، رواجي حالتن جي ڀيٽ ۾ مڙيوئي سرس هوندا آهن. جيتوڻيڪ ڪن قسمن جي ڪينسر ٿيڻ جو ڪارڻ بينزين سمجهيو ويندو آهي پر تنهن هوندي به ماهر وائرس (virus) ۽ ليوڪيميا جي لاڳاپي هجڻ تي کوجنا ڪري رهيا آهن. اهڙا ٻارڙا جنکي جينيٽڪ / موروثي عيب هوندا آهن يا اهي جيڪي ڊائونس سنڊروم (Down’s syndrome) يا منگولزم (Mangolism) جا مريض ٿي سگهندا آهن سي به اڪيوٽ مائيلو سائيٽڪ ليوڪيميا جو شڪار ٿي سگهندا آهن. ڪيموٿراپيءَ جا سائيڊ افيڪٽ ڪيموٿراپيءَ سبب گهڻا ٽشو تباهه ٿي ويندا آهن، خاص طور تي اهڙا سيل جيڪي جلد جلد ورهائبا رهن ٿا جهڙوڪ: معدي، آنڊي، لعابي استر (mucous membrane)، وار ڳوٿريءَ ۾ هڏي جي مک جا. معدي ۽ آنڊي جي سيلن جي متاثر ٿيڻ سبب اوقارا، قيءَ ۽ دست به ٿي پوندا آهن. لعابي استر جي تباهيءَ ڪري وات خشڪ ۽ پچي پوندو آهي. وارن جي ڳوٿريءَ جي تباهه ٿيڻ سبب ڪي قدر وار به هليا ويندا آهن. جڏهن هڏي جي مک کي نقصان رسندو آهي ته اها رت جا اڇا ۽ ڳاڙها سيل پلئٽيليٽن جو عام رواجي مقدار رت کي مهيا ڪري نه سگهندي آهي، جنهن سبب جسم صحيح طور سان انفيڪشن، نيرجڻ ۽ ٿَڪ کي منهن ڏئي نه سگهندو آهي. اهو به ضروري ٿي پوندو آهي ته هر هر رت جي تپاس ڪرائبي رهجي ۽ پيدا ٿيندڙ ڪوتاهين جي خبر رکجي. انهي کانسواءِ دوائن جي استعمال سبب ڪي ٻيا به سائيڊ افيڪٽ ٿي سگهن ٿا جهڙوڪ: مشڪن جي ساڻائي، بک جو مري وڃڻ جسم تي داڻ داڻ جو نڪري اچڻ، چمڙيءَ جو رنگ ڦٽڻ، عورتن کي بي قاعدگيءَ سان ماهواري اچڻ، عورتن ۽ مردن جو جنسي لحاظ کان ويهجي وڃڻ، اهڙي قسم جا گهڻا سائيڊ افيڪٽ ڪيموٿراپيءَ جي پوري ٿيڻ سان ختم ٿي ويندا آهن. ساڳئي وقت ڊاڪٽر لاءِ به اهو ممڪن هوندو آهي ته ڳنڀير ۽ موتمار سائيڊ افيڪٽن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوا کائڻ بند ڪري يا اهڙين دوائن جي مٽائڻ سان به انهن ڳالهين کي منهن ڏئي سگهبو آهي. انهيءَ کانسواءِ اهڙا ڪي ٻيا به طريقا ٿي سگهن ٿا جن سان سائيڊ افيڪٽن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. جهڙوڪ: اهڙيون ڪي دوائون کارائڻ، جن سان ٻين دوائن جي زهريلن اثرن کي ختم ڪري سگهجي يا دوا واپرائڻ جو ڪو ٻيو طريقو اپنائڻ. اهڙا مريض جيڪي نيرجڻ، رت وهڻ ۽ ٿڪ جهڙيون ڳالهيون جلد محسوس ڪندڙ هوندا آهن انهن کي رت ڏيڻ. اهڙا مريض جيڪي پنهنجي سر انفيڪشن سان منهن ڏئي نه سگهندا آهن تن کي ڪن خاص هنڌن تي رهائڻ جيڪي جرم فري (germ ‐ free) يعني روڳي جيون کان پاڪ صاف هجن. يڪدم پيدا ٿيندڙ سائيڊ افيڪٽن جي ڳوڙهائپ ڪنهن مريض ۾ ايتري ٿي سگهي ٿي جو ان جي اڳڪٿي ڪرڻ اجائي ليکي ويندي آهي. ڇو ته جيئن جيئن دوائون وڌيڪ استعمال ڪرايون وينديون آهن تيئن تيئن انهن جا سائيڊ افيڪٽ به وڌندا ويندا آهن. ڊي ايم صاحب هيٺ ڏنل مواد آرٽيڪل ۾ باڪس ڪجو ائسپرين ڪينسر کان بچائي ٿي ائسپرين کائڻ سان آنڊن جي ڪينسر ٿيڻ کان بچاءُ ملي سگهي ٿو، اهڙو اظهار برطانيا جي ڊاڪٽرن ڪيو آهي. يونيورسٽي آف ناٽنگهم ميڊيڪل اسڪول جي ايڊيميالاجسٽن تجربن رستي مشاهدو ڪيو آهي ته اهڙا فرد جيڪي ائسپرين کائيندا رهيا تنکي آنڊن جون اَروڳي ڳوڙهيون پيدا ٿي نه سگهيون جيڪي اڳتي هلي ڪينسريائي ٿي وڃن ٿيون. برٽش ميڊيڪل جنرل ۾ ڇپيل هڪ مضمون ۾ وڌيڪ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اها رڳو ائسپرين ۽ ان سان لاڳاپيل اهڙيون ٻيون دوائون آهن جيڪي اهڙين ڳوڙهين جي پيدا ٿيڻ کان بچائين ٿيون جڏهن ته ان سلسلي ۾ پئراسيٽامول يا اهڙي ڪا ٻي دوا اهڙو اثر نٿي رکي. ساڳئي رسالي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهڙا فرد جيڪي اهڙيون دوائون کائيندڙ هيا تن ۾ اهي ڳوڙهيون پيدا ٿي نه سگهيون ۽ هنن جيترو وقت وڌيڪ دوائون واپرايون اوترو وقت هو اهڙين ڳوڙهين جي پيدا ٿيڻ کان بچيل رهندا آيا. ائسپرين ۽ اهڙيون دوائون اهڙو اثر ۽ بچاءُ ڪيئن ٿيون پيدا ڪن، ان لاءِ چيو ويو آهي ته اها ڳالهه اڃا تائين واضح ٿي نه سگهي آهي. ماڻهو ڦڦڙائين ڪينسر کانپوءِ آنڊي جي ڪينسر سبب وڌ ۾ وڌ موت جو شڪار ٿين ٿا. ساڳئي رسالي جي هڪ ٻئي مضمون ۾ يونيورسٽي آف سائوٿرن ڪئليفورينا جي هڪ ٻئي پروفيسر ٻڌايو آهي ته جيتوڻيڪ ائسپرين جي استعمال سان هرٽ اٽئڪ ٿيڻ کان بچاءُ ملندو رهي ٿو پر ساڳئي وقت اها بڪين کي ناڪاره ته پيشاب سرشتي جون ڳوڙهيون به پيدا ڪري سگهي ٿي. بشڪريه عبرت