ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ٻارڙن جي اکين جي بيماري تي نظر

ٻارن ۾ ڪمزور نظر جون نشانيون:
اهو سچ آهي ته اکين جو چڪاس ڪو اکين جو ماهر ئي ڪري سگهي ٿو ۽ اکين جو معائنو به ڪنهن اکين جي ماهر ڊاڪٽر کان ئي ڪرائڻ گهرجي پر اکين جي ٻاهرين حصن ۾ اکين جي بيمارين جو اهڙيون نشانيون آهن جنهن جي ظاهر ٿيڻ سان پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار جو علاج به آسان طريقي سان ڪري سگهجي ٿو. اکين جي بيماري جي نشانين ۾ مان هڪ به نشاني ظاهر ٿئي ته ان ٻار جي اکين جو چڪاس فوري طور ماهر ڊاڪٽر کان ڪرائڻ گهرجي. ان ۾ اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار يا ٻارڙي پاران ڪتاب کي اکين جي بلڪل ويجهو رکي پڙهڻ، پڙهڻ وقت هڪ اک بند ڪري ڪتاب پڙهڻ، اکين کي مهٽڻ، پڙهڻ وقت مٿي کي ڪنهن خاص رخ ۾ موڙ ڏيڻ، پڙهڻ وقت مٿي ۾ يڪدم سور پوڻ، پڙهڻ دوران جڳهه تبديل ڪرڻ، هڪدم خيال ڪتاب تان هٽائڻ ۽ پڙهڻ وقت ڪتاب ۾ ڇپيل وڏن وڏن اکرن تي آڱر اهڙيون نشانيون آهن جيڪي بيماري کي ظاهر ڪن ٿيون ۽ اهڙي ٻار جي نظر جو مسئلو پيدا ٿي چڪو آهي ۽ ان ٻار کي بنا ڪنهن دير جي ڪنهن سٺي اکين جي ماهر ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائڻ گهرجي.
ٻار جي نظر جي سادي چڪاس:
اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار جي نظر جو بابت آساني سان معلوم ڪري ڏسو صفحو 6
سگهجي ٿو ته ٻار جي نظر ڪمزور آهي يا نه؟ ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ آئي چارٽ جو استعمال ڪيو وڃي. جنهن لاءِ هڪ خالي ڀت کان 7 ميٽر يا 22 فوٽ جي فاصلي تي ڪرسي رکي شاگرد کي ان تي ويهاريو ۽ چارٽ پڙهڻ لاءِ هدايت ڪريو. اگر اهو ٻارڙو چارٽ صحيح نموني سان پڙهي وڃي ته پوءِ اسان کي پڪ ٿي وڃي هن ٻار جي نظر ٺيڪ آهي ۽ هن جي اکين ۾ ڪابه بيماري نظر نٿي اچي پر جيڪر ٻار اهو چارٽ نه پڙهي يا ان جا اکر باريڪ هئڻ جي رڙ ڪري ته پوءِ نظر جي گهٽتائي جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان کي ڪنهن بهتر اکين جي ماهر ڊاڪٽر کان چڪاس ڪرائڻ گهرجي.
اکين جي خرابي جون نشانيون:
پرائمري اسڪول ۾ پڙهندڙ ڪنهن به ٻار جي اکين ۾ اهي سڀ نشانيون ظاهر ٿي پون جيڪي اسان پهريان مٿي ذڪر ڪري چڪا آهيون ۽ کان سواءِ جيڪر پرائمري پڙهندڙ ٻارن ۾ جيڪر هيٺيون:
1 اکين جي ڇنڀرن تي سوڄ هئڻ،
2 اک ۾ آنڙي ٿيڻ،
3 اکين جو ڳاڙهو ٿيڻ،
4 اکين جو سمهڻ کان پوءِ نه کلڻ ۽ لڳاتار اکين مان پاڻي وهڻ جون نشانيون ظاهر ٿين ته پوءِ ان کي اکين جي بيماريون هونديون آهن. ابتدائي تعليم حاصل ڪندڙ معصوم ٻارڙن ۾ اکين جي بيماري جون اهي نشانيون ڏسڻ ۾ اچن ته ان جو فوري طور علاج ڪرايو وڃي ڇاڪاڻ ته ظاهري بيمارين کي نظر انداز ڪرڻ پنهنجو پاڻ سان ظلم۽ ٻار جي نظر وڃائڻ جي برابر آهي. هن سلسلي ۾ سرڪار کي به ابتدائي تعليم پڙهندڙ اسڪولي ٻارڙن جي اکين جي چڪاس لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙڻ کپن ۽ سرڪار جي ماتحت هلندڙ اسڪولن ۾ صحت وارين سهولتن سميت ٻارڙن جي اکين جي بيمارين کان بچاءُ لاءِ صحت کاتي جي عملي کي پابند بڻايو وڃي ته هو مهيني ۾ هڪ ڀيرو سرڪاري اسڪولن ۾ وڃي ٻارن جي صحت جون سهولتون مهيا ڪن.
بشڪريه عبرت