انجيڪشن لڳرائڻ انتهائي خطرناڪ عمل آهي ڊي ايم ميگهواڙ شهرن توڙي ٻهراڙي ۾ ماڻهو معمولي بخار ٿيڻ يا معمولي بيمار ٿيڻ کانپوءِ جلد صحتياب ٿيڻ لاءِ سئي (انجيڪشن) هڻائڻ کي انتهائي اهم سمجهندو آهي ۽ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ شرط اهو ئي چوندو ته مون کي اهڙي انجيڪشن لڳايو جو جلد مرض مان جان ڇٽي پوي، وري ڊاڪٽر پنهنجي پيشي ۽ کنيل حلف تحت ماڻهن کي صحيح گائيڊ لائين ڏيڻ ته انجيڪشن لڳائڻ ڪيترو خطرناڪ آهي بدران پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ اها هڻي ڏيندا آهن ته ها واقعي توهان جي طبيعت خراب آهي ۽ ضرور هڪ ٻه انجيڪشن لڳرائڻيون پونديون. بدقسمتي سان اڄ تائين اسان پنهنجي عوام کي اها ڄاڻ فراهم نه ڪري سگهيا آهيون ته انجيڪشن لڳرائڻ اڌ آپريشن برابر آهي. انجيڪشن وقتي طور ڪلاڪ ٻن يا هڪ ٻه ڏينهن لاءِ اسين ته رليف ته ڏئي سگهي ٿي پر انهن جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن. انجيڪشن صرف انهي صورتحال ۾ لڳرائڻ گهرجي ، جڏهن ماڻهو جي حالت انتهائي خراب هجي يا ايئن کڻي چئجي ته سيريس حالت ۾ هجي، يا شگر جو مريض هجي ۽ ان جي شگر انتهائي وڌيل هجي ، باقي معمولي تڪليف تي ڪنهن به صورت ۾ انجيڪشن نه لڳرائڻ گهرجي، ٻهراري ۾ اڪثر ٻارن جي بيمار ٿيڻ تي مائرون گهر جي مردن کي چونديون آهن ته ننڍڙي کي سئي لڳرائي اچو، هو سئي لڳرائڻ بنا ٺيڪ نه ٿيندو. انهي مائرن کي اهو ڄاڻ ڏيڻ ضروري آهي ته ڪا به بيماري سئي لڳرائڻ سان هرگز ختم ناهي ٿيندي، ڪا به بيماري وري دوا ذريعي ختم ٿيندي . ماڻهن ۾ صبر انتهائي ختم ٿي ويو آهي ۽ اڪثر اهي چاهيندا آهن ته مرض منٽن ۾ ختم ٿي وڃي، پر ايئن ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٿي سگهي. بار بار انجيڪشن لڳرائڻ سان ”سائيڊ افيڪٽ“ ٻيا مرض به پيدا ٿي سگهن ٿا. انهي ڪري صبر کان ڪم وٺڻ ضروري آهي. هڪ ٻه ڏينهن دوائون پيارڻ گهرجن انهي سان آهستي آهستي مريض صحتياب ٿي ويندو، ٻهراڙي ۾ بخار اچڻ تي ماڻهو ڊاڪٽر وٽ وڃي چوندا ته سئي هڻو ته جلد ئي بخار مان جان ڇٽي پوي، يا بڪي توڙي جسم جي ٻين حصن ۾ سور پوڻ تي ماڻهو فوري طور پين ڪلر انجيڪشن لڳرائيندا اهن، جيڪا وقتي طور تي رليف ڏئي سگهي ٿي پر انهي جا اثر انتهائي هاڃي ڪار هجن ٿا، انهي سان بڪين تي اثر پئجي سگهي ٿو. ٻيا ڪيترائي سائيڊ افيڪٽس ٿي سگهن ٿا، انهي ڪري ڪنهن به صورت ۾ انجيڪشن نه لڳرائڻ گهرجي ۽ دوا کائڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. ٻهراڙي توڙي شهري ماڻهن کي ان حوالي سان حيدرآباد جي انهن اعليٰ تعليم حاصل ڪيلڊاڪٽرن جو مثال وٺڻ کپي، جيڪي صدر جي علائقي ۾ موجود آهن، اهي ڪڏهن به انجيڪشن نه هڻندا آهن. صرف حالت خراب هئڻ جي صورت م اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جو مشورو ڏيندا آهن جتي وقت ۽ حالت مطابق انجيڪشن لڳائي ويندي آهي. ٻهراڙي توڙي شهرن ۾ پوئتي پيل علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽر توڙي پروفيشنل ڊاڪٽر صرف پئسا ڪمائڻ خاطر انساني جانين سان کيڏي رهيا آهن. اهي ڊاڪٽر تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ حلف کڻندا آهن ته پنهنجي پروفيشن ۾ هو خيانت نه ڪندا پر دولت ڪمائڻ جي خاطر پنهنجي حلف نامي کي وساري ويهندا آهن. انهن ڊاڪٽرن کي خبر آهي ته انجيڪشن لڳرائڻ جو عمل انتهائي خطرناڪ آهي انهي کان ماڻهن کي هرگز پاسو ڪرڻ کپي. انهن پروفيشنل ڊاڪٽرن کي پاڻ وٽ اينڙ مريضن کي سمجهائن گهرجي ته انجيڪشن لڳرائڻ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي ۽ دوائون وٺڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي پر اهي ڊاڪٽر ماڻهن کي اها ڄاڻ نٿا ڏين ٻيو وري ڊاڪٽرن مريضن کي فوري رليف ڏيڻ لاءِ هاءِ ڊوز انجيڪشن هڻي ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو ويهاري ڇڏيو آهي ته ڪو به مرض سئي (انجيڪشن) هڻڻ کانپوءِ ختم نٿو ٿي سگهي. انهي ڪري هاڻي ماڻهن جي دماغ ۾ اهو ويهي ويو آهي ته بيمار ٿيڻ جي صورت ۾ هر حالت ۾ انجيڪشن لڳرائڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ مرض ختم نه ٿيندو، جيڪڏهن ڪو ايماندار ۽ سٺو ڊاڪٽر کين رڳو دوائون ڏئي، واپس گهر موڪليندو آهي ته مريضن جو انهي ڊاڪٽر تان ويساهه ختم ٿي ويندو ۽ گهر وڃي اها ڳالهه پکيڙيندو ته اهو الاڻو ڦلاڻو داڪٽر مڙئي اٿئي، رڳو پئسا وٺي ٿو، پر سئي به نٿو هڻي. ماڻهن جي اها ”سائڪي“ ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ جيستائين سئي نه هڻائيندا آهن اوستائين کين يقين نه ايندو ۽ هو سئي ضرور هڻائيندا پو پاڻ کي صحيح محسوس ڪندا. عام ماڻهن کي اها خبر ناهي ته انجيڪشن هڻائڻ پنهنجي زندگي کي خطري ۾ وجهڻ برابر هوندو آهي. ٻهراڙي توڙي شهرن جي پٺتي پيل علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽر توڙي پروفيشنل ڊاڪٽر به هڪ سرنج هڪ کان وڌيڪ ماڻهن تي استعمال ڪن ٿا. جنهن سان هيپاٽائيٽس(ڪاري ڪامڻ) ايڊز، الرجي، ڪرونڪ مليريا ۽ ۽ ٻيون وچڙندڙ بيماريون پکڙجي سگهن ٿيون. جيڪي زندگي کي موت جي منهن ۾ اڇلائين ٿيون. جڏهن ته انجيڪشن لڳرائڻ اڌ آپريشن جي برابر هوندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ائين ئي ڪوشش ڪري انجيڪشن نه لڳرائڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو انجيڪشن لڳرائڻ چاهي ٿو ته انهي کي اهو ضرور ڏسڻ کپي ۽ ڊاڪٽر کان پڇڻ کپي ته سرنج نئون آهي؟ ڪٿي ايئن ته ناهي جو ڊاڪٽر بيماني ڪري استعمال ٿيل سرنج ٻيهر استعمال ڪري رهيو آهي. هر ماڻهو کي نئين سرنج جي استعمال کي يقيني بنائڻ گهرجي، انهي ڪري انجيڪشن لڳرائڻ وقت سختي سان ڏٺو وڃي ته سرنج ڪٿي استعمال ٿيل ته ناهي. جيڪڏهن ڪو ڊاڪٽر استعمال ٿيل سرنج ٻيهر ستعمال ڪري ٿو ته اهو ڏوهه آهي. جنهن جي قانون ۾ سزا به مقرر ٿيل آهي ۽ فوري طور حد جي پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪيو وڃي بشڪريه روزانه عبرت