السلا عليڪم حق موجود
سڀ کان پهريان ته هڪ دفعو ٻيهر سڄي سنگت کي سنڌ سلامت جي ٻيهرلنچ ٿيڻ تي لک لک مبارڪون ۔ اميد ته سڄڻ اسان جهونن جي دير مدار واري ڪهاڻي کي ان خوشي جي موقعي تي وساري ڪري ضرور خوش ٿيندا ۔ باقي اصل ڪهاڻي اها آهي ته اسان سنگت سان اهو ئي واعدو ڪري ويا هئا سي ته جيئن ئي اسان پهنجي اوتاري تي پهتا سي ته سڀ کان پهريان سنڌ سلامت جي بنڊ ويچ واري پرابلم کي ضرور حل ڪبو پر اسان جي پهچندي پهچندي اهو پرابلم سنگين ٿي ويو مان به اصل ڪاله ئي پهنجي اوتاري تي پهتس اڃا ٿڪ ئي ڪونه پٽيو ته ادي رشيد جي فون آئي ته ادا ورو ڪر ٻيلي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ سو مان به اگر چو ڪيڏو ٿڪل هئس جو ڪجه نه پچو ڇو ته پهريون دفعو هو جو مون واري جهوني مون سان سفر ۾ گڏ نه هئي ئي رهندو مهنجا ٻار به مهنجي ڪنڌ ۾ اصل ڪجه نه پچو ته ڪيڏي ٿي ۔ ۔ ۔ ۔ سو جلدي جلدي ٽين ٽپڙ بيگ مان ڪڍيم ۽ سڀ کان پهريان ان پرابلم کي حل ڪيم انشاء الله هاڻي دوستن کي اها شڪايت ڪڏنهن به نه ايندي ته اسان کي ڪو يوزر زياده ٿي وڃڻ ڪري سائيٽ کلڻ ۾ پرابلم ٿي رهي آهي ۔ باقي جهونا ماڻهون آهيون سو واعدا ڪندا ناهيون جي ڪندا آهيون ته دير مدار پورو ضرور ڪندا آهيون سو سنگت جيڪو به اسان تي بار رکندي سر به حاضر آهي ۔ باقي جي ڪابه راء سنگت کي اڃا به ڏيڻي آهي ته جهونو هر ٽايم موسمي ٻٽيري وانگر حاضر رهندو =)):d ته پوء هاڻي مونکي ڏيو اجازت اڃا ٿڪ پٽن کاڻ سواء ڪاغذي ڪاروائي اڃا رهيل آهي سو اسان هاڻي کڻون ٿا فائل هٿ ۾ ۽ نڪري ٿا پئون آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ سو فڪر نه ڪيو اجهو ٿا موٽون موسمي ٻٽيري
