عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
ساري شــهر وســايا پٿر ، جن ســــان چڪنا چور هُيو،
پوءِ به هُن ٿي نعرا ماريا ، مُڙس ته ڪو منصور هُيو !
وستيءَ وستيءَ، نگريءَ نگريءَ، گيت سان جي گُونج ڪئي،
چانڊوڪيءَ ۾ چَنگُ وڳو ٿي، رات پرينءَ جو پُور هُيو.
ڪالھ وفا جي ويراني ۾ ڪهڙي هرڻي اُڃ مُئي !،
سِج ازل جي اک لڳو ٿي ، اُن ۾ ايڏو نُور هُيو !.
دريا دريا هُن جو مَن هو ، صـحرا صحرا نيڻ هُيا،
پَل جو پانڌيئڙو آيو هو ، وڃڻو هُن کي دُور هُيو.
ڏينهن تَتي جو آيو آهين ، اڳ ۾ آئين ڇو نه ” اياز “ ،
ڇپري ڇَپري ڇانوَ هُئيم جنهن وقت نِمنُ ۾ ٻُور هُيو !