ملڪي عوامي جمهوري ماحول جي اڄوڪي دور ۾ وڏو مزو مخالف ڌر جي موقف کي حاصل آهي.هي اهو جمهور ي دور آهي جنهن ۾ هڪ به سياسي مخالف تي حڪومت ڪو انتقام وارو ڪيس داخل ناهي ڪيو.پارليامينٽ ۾ موجودهڪ به پارليامينٽرين لاڪ اپ ۾ بند ناهي ٿيو،هي اهو دو ر آهي جنهن ۾ مخالف ڌر کي پنهنجي اختلاف راءِ جي ڀرپور اظهار حق به حاصل آهي.هي عجيب دور آهي جمهوريت جو،شايد اهاعجب جي عجبيت گهڻن غير جمهوري سوچن،دماغن،دليلن،ذهنن ۽آمريتي علامتن کي ڀانڊي ڀانءِ نٿي پوي.حڪمران پ پ خلاف هڪ سوچ هڪ منظم انداز سان اڳتي وڌي رهي آهي.اها سوچ طرح طرح جون ڪٿائون عوامي ميدان ۾ آڻي ڇڏيون آهن.روز نوان جملا ٻڌڻ ۾ پيا اچن.هي اهوعوامي جمهوري دورآهي جنهن ۾ پاڪستان عالمي دهشتگردي وارين هچائن هي ماحول ۾ پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِپنهنجو سهارو ”سلوگنõائڊ نه ٽريڊ گهرجي“ سان فرينڊز آف ڊيموڪريٽڪ پاڪستان فورم جي بنياد تي پنهنجي بقا۽سلامتي لاءِ ”بقول هڪ صحافي جيõعزتِ نفس“ جو 4 1 جنوري تي پنهنجي تحفظ وارو اظهار ڪيو آهي.غضب ڪرپشن جون عجيب ڪهاڻيون جهڙا سلسلا به شروع ٿي وياآهن پراها سوچ جيڪاجنرل شاهي۽ججزشاهي عرف آمريتي هچائن جي مشهور لفظ اسٽيبلشمينٽ جونان آف سٽيٽ ايڪٽرزوارو ڪردار اداڪندي رهي آهي انهيءَ سوچ هماليه کان حب تائين،ڪراچي کان ڪشمير تائين عوامي پارٽي آف پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڪڏهن به قبول ناهي ڪيو.اها سوچ به غضب ڪرپشن جون عجيب ڪهاڻيون جون بند باب ڪتاب آهن جنهن ۾ ملڪ جي اڳوڻن جنرلن۽اڳوڻن ججن جااعترافي۽اقبالي وارا توڙي اقراري واريون ڏند ڪٿائون به شامل آهن ته عوام جي حقن تي راتاهاهڻڻ وارا آمريتي اوزار به شامل آهن.هن سوچ کي غضب ڪرپشن جي ڪٿاياد اچي وئي آهي اها وڏي عجيب ڳالهه آهي ته قوم جي نالي تي ان سوچ ”نظريهءِ ضرورت“ جو فلسفو ڏئي ملڪ ۾ مارشل لاءَ کي ڪنهن انقلاب جي نالي کان گهٽ تشبيهه نه ڏني آهي.جنرل ايوب جي مارشل لاءَ ون يونٽ کان ملڪ اڌ 1 7 9 1 ع جي ڪٿاڪارنامو سر انجام ڏنو.اها سوچ جنهن وزير اعظم لياقت علي جي دور کان سنڌين جون زمينون ڪوڙن ڪليمن کانفوجين کي تحفي طورڏيڻ جوڪارنامو سر انجام ڏنو.”وڌيڪ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 4 0 0 2 õ3 0 0 2 ع دوارن هڪ پ پ ايم پي اي نسرين چانڊيو جي تقريررڪارڊ تي آهي“.سنڌ ۾ ضياءَ زماني ۾ اهو ڪم وڌيڪ تيز ٿيوته جنهن ڪرڪيٽ راند ۾ چار چونڪا۽6 ڇڪاهنياانهن کي به سنڌ جي زمين تحفي ۾ ڏني وئي.ڏند ڪٿااهابه آهي رهيل ڪسراڳوڻي جنرل اخترعبدالرحمان جي پٽ همايون اختر۽ٻين اڳوڻي جنرل آمر پرويزمشرف جي دور ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڳالهه کُٽي اهاسنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ هڪ اتحادي ڌرايم ڪيوايم جي وسيلي ”ڪراچي ميگاپراجيڪٽس“ جي آڙ ۾ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.سينيٽ ۾ پ پ پارلياماني اڳواڻ رضاراباني جو مشهور جملو آهي ته ”ميگارپراجيڪٽسõميگاڪرپشن“.غضب ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻي وارن کي لياقت علي خان کان جنرل پرويز مشرف جي دور تائين مائنس پ پ ڪرپشن نظر ئي نٿي اچي،اهي پ پ کان ٻاهرسمورا ڪردار،اڳواڻ،شخص پ پ کان ٻاهر آهن ته پاڪ،صاف دامن آهن پرجيڪڏهن عوامي قوت پ پ سان آهن ته وڏا بد عنوان آهن.ڀٽو ڀلو،بينظير خراب.بينظير ڀلي،ان جو شريڪ حيات خراب۽وزيراعظم گيلاني ڀلو،ايوان صدر خراب جو فلسلفو عوام آڏو هاڻي پراڻو ٿي چڪوآهي.پ پ لاءِ مائنس پلس فارمولا،پ پ بابت ڪرپشن جا قصاهاڻي ماضي جون مخالفن واريون ڏند ڪٿائون۽سيناساڙ کانسواءِ ڪجهه به ناهن ڇاڪاڻ ته سياسي انتقام ۾ پ پ سالن کان عذاب ڀوڳياآهن پر عوام پ پ سان گڏ۽ پ پ عوام سان گڏ جو رشتوجنهن هڪ جهلڪ جو منظر پيش ڪري ٿو اهو لاهو ر ۾ گورنرهائوس پنجاب آهي جتان 5 ۽6 نومبر6 9 9 1 ع جي وچين رات اها سوچ چوي ٿي ته سون جون پيتيون گڏ آصف زرداري کي ساٿين سميت گرفتار ڪيوويوهو.4 1 جنوري 0 1 0 2 ع تي اهوسالن جو باندي آصف علي زرداري بطور صدر پاڪستان گورنرهائوس پنجاب ۾ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن جي آڏو پڳدار صورت ۾ موجود آهي پر اهو سون جيڪو ان جي گرفتاري سان گڏ ظاهر ڪيوويوهواهو ڪٿي آهي؟اين آر او کي اڳ ئي مان پنهنجي انداز ۾ پي ٽي وي جون پراڻيون خبرون آهن عوام سالن کان اهي خبرون پي ٽي وي تان ٻڌي بار بار 5 0 جولاءِ7 7 9 1 ع کان 7 1 آگسٽ 8 0 0 2 ع تائين ٻڌي پ پ خلاف ان مهم کي عوام پنهنجي خلاف مهم سمجهي بيلٽ پيپر تي آڱوٺي هڻي رد ڪري ڇڏيوآهي.غضب ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻي وارن کي هن ملڪ ۾ پ پ دورِ حڪومت محترمه بينظير ڀٽوشهيد جي موجودگي ۾ ”سيڪيورٽي رسڪ“ ۽آصف علي زرداري جي صورت ۾ ملڪ لاءِ لفظ ”غيرت ،عزت نفس،اخلاقيات“تائين انهيءَ سوچ پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي.هيءَ سوچ خود غضب ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻي واري سوچ آهي.هيءَ ذهنيت لسانيت،فرقيواريت،ويڇن کي وڌائڻ جاماضي ۾ منظرپيش ڪر ي چڪي آهي.لفظ قوم جي نالي تي عوامي مفادن جو۽وڏي ڳالهه ته ملڪي مفادن کي ڇيهو رسائي چڪي آهي.نظر۾ رهتي هو نظر نهين آتي جاگيت ڳائڻ وارااڄ ڄڻ ته اکنڊ ڀارت جوڪوترانو ڳائي رهياآهن.هي عجيب سوچ آهي جنهن سوچ ۽ فلسفي پاڪستان جي قائداعظم محمد علي جناح واري فڪر کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اوپرو بڻائي ڇڏيوآهي.سرعام اهاسوچ خانگي خابروادارن تان فڪرِ جناح جي به انڪاري آهي.هارون دو راستالووارو جملوبه عجيب آهي هيءَ سوچ ڄڻ ته ڪاڪامراني ڪرتوت آهي.غضب ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻي ڇااها ناهي ته تاشقند۾ انڊياآڏوگوڏا ڪهڙي جنرل کوڙيا هئا.غضب ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻي اها به آهي ته جنرل اروڙاآڏو آڻ ڪنهن مڃي هئي؟غضب ڪرپشن جي هابه ڪهاڻي آهي ته سياچن کان ڪارگل تائين ڪنهن ملڪ کي عالمي قوتن آڏو مجبور ڪيوهو۽پاڪستان بندشن جو شڪار ٿي ويوهو.عالمي ضمانتون امين بڻجي ويون سعودي عرب کان لبنان تائين۽ لنڊن کان واشنگٽن تائين انهن ضمانتن جو زباني رڪارڊ به سامهون اچي ويوآهي پر هن سوچ کي اڃان پنهنجي شڪست مقدر نٿي لڳي ڇاڪاڻ ته هي مقدر جا سڪندرآهن.پاڻ کي مقدر ج اسڪندر سمجهڻ وارن کي ڪراچي کان خيبرتائين عوام سڃاڻي ٿوعوام انهن لاءِڪيتري محبت رکي ٿوان جو اندازو مقدر جي هن سڪندر کي بيلٽ باڪس تي لڳ آڱوٺونشان ئي ڪافي آهي.هن عوامي جمهوري دور ۾ اهو اختلاف راءِ ضرور آهي پر پي پي مخالف هن مهم جو” مقصد مقدر جا سڪندر“ پنهنجو اها عوام مخالف مهم پيا هليا آهن جن کي جمهوري اختلاف ته جمهوريت جو هڪ حسن آهي،انهي حسن کي به عوامي انداز سان ڏسڻ جي ضرورت آهي،ڇاڪاڻ ته هاڻ وڏا وڏا قصا بازار ۾ اچن پيا، غضب ڪرپشن جون عجيب ڪهاڻي انهي عمل جو هڪ حصو آهي.
جواب: ها! غضب ڪرپشن جي عجيب ڪهاڻي بس ادا عرس هن ملڪ جو اهو قضيو رهيو آهي ته محسنن سان هميشه دغا بازي ڪجي۔ ان تي اڃان عمل هلي پيو۔ واقعي اوهان مٿي لکيو آهي ته هن دور ۾ هڪ به سياسي قيدي ڪونهي، ڪنهن کي به انتقام طور گرفتار ڪونه ڪيو ويو آهي۔ مان نه ٿو چوان ته پي پي جا وزير يا حڪومتي رڪن ڪو فرشتا آهن پر ٻيا به ته ملائڪ ڪونهن پوء هاء گهوڙا صرف صدر لاء ڇو آهي۔ ڇا پنجاب حڪومت کير جون نديون وهائي ڇڏيون آهن ؟؟ ڇا سرحد حڪومت وٽ شينهن ۽ ٻڪري هڪ گهاٽ تان پاڻي ٿا پين؟؟ جيئن ڪرپشن هن وقت انتها تي پهتل آهي بلڪل ايئن زرد صحافت ۽ آمر عدليه جو دور به پنهنجي انتها تي پهتل آهي۔