دوستو اڄ اوهان لاء شيخ اياز جي بهترين شاعري مان انتخاب کڻي آيا آهيون۔ ٿي سگهي ٿو هي شاعري اڳ ۾ به سنڌ سلامت يا ڪنهن ٻئي فورم تي پيش ڪيل هجي پر سندس خوبصورتي جي ڪري هتي ونڊ پيا ڪريون ۔
ھوءَ عشق و محبت جي دنيا، گذري به وئي گذري به وئي
آ ياد جنھن جي باقي، سا گذري به وئي گذري به وئي
اڄ ياد اوھان جي آئي يا ھر شيءِ تي ڇايو نور مٺا
يا صحن چمن مان باد صبا، گذري به وئي گذري به وئي
ھاڻي ته لھي ويو آ دريا، جنھن ڪشتي ڪشتي ڪئي پاره
اي ھمسفرو، ھوءَ موجِ بلا، گذري به وئي گذري به وئي
محفل نه رھي، ساقي نه رھيا، پيالا نه رھيا، پياسي نه رھيا
اي شمع سحر، ڇا رات اھا، گذري به وئي گذري به وئي
سا رات نه آ برسات نه آ، سا تن ۾ ڪنھن جي تات نه آ
او ديوانا، او ديوانا، گذري به وئي گذري به وئي
ڪي ڏينھن ھيا جو نينھن ھيا، جو ڪنھن جي سونھن ورونھن ھئي
نه رھي، نه رھي، نه رھي، او الا، گذري به وئي گذري به وئي
نه رھي سا ڪيف و سرمستي، آ سرد محبت جي بستي
اڄ مي ۾ ناھي سا معنى، گذري به وئي گذري به وئي
اي ابر ڪرم، تنھنجا سائل توڏانھن تڪيندي رھجي ويا
بدلي نه ھوا، ڇائي نه گھٽا، گذري به وئي گذري به وئي
ڪنھن ڪانه ٻڌي ڪنھن ڪانه ٻڌي، توڙي ويو عرش و فرش لڏي
ڪنھن جي دل مان نڪتي به صدا، گذري به وئي گذري به وئي
ھيءَ دنيا آھ سراءِ پرين، آياسين پل جي لاءِ پرين
ھر چيز ھتان جي پيار سوا، گذري به وئي گذري به وئي
جيڪا به گھڙي توسان گذري، آ ياد انھيءَ جي پيار ڀري
مان ڪيئن چوان منھنجا پيارا، گذري به وئي گذري به وئي
اي دوست، بھار وري گل ڪيا، جھڙ ڇايا، پيمانا ڇلڪيا
ھوءَ باد خزان به رھي نه سدا، گذري به وئي گذري به وئي
ڏک گھوري مون سک ورتا ھا، ڪنھن پياري جا، جڳ ساري جا
پڇ ئي نه ”اياز“ اِھي ڏکڙا، گذري به وئي گذري به وئي
[/CENTER]