جواب: موت۔۔۔! جنهن سان دلڙي لڳي تنهن کان ڌار ٿيڻ، اهو ناهي مرڻ، ٻيو ڇا هي ڙي ۔۔۔ (هڪ سنڌي گيت جا ٻول) بيشڪ انسان جو موت ته برحق آهي پر موت کان اڳي مرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اهو مرڻ انسان کي هڪ ازم به ڏئي ٿو ته سگهه به عطا ڪري ٿو ۽ جڏهن حقيقي موت اچي ٿو ته انسان کلندي ان سان اکيون ملائي چوي ٿو ته ؛ ” وڃ ڙي موت تون ڇا ماريندي، مونکي ته منهنجن ئي ماري امر ڪري ڇڏيو آهي“ واه سائين آرزو، اوهانجي چونڊ پنهنجي مثال پاڻ آهي ۔۔۔
جواب: موت۔۔۔! مهربانيون سائين، خوشي جي ڪا به حد نه رهندي آهي جڏهن اوهان جهڙا مهان ماڻهو اسان جي غير معنائن واري پوسٽ تي تعريف وارا لفظ لکندا آهن۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر مهربانيون۔۔۔