سائين محترم نثار ناز صاحب، لطيف سرڪار جي وائي يا بيت جي تعريف ڪرڻ ته ڏکي آهي، ڇاڪاڻ؛
”سک نه پڇي سهڻي، ڏک ڏکي کي ڏس“
جنهنجو فڪر ئي ڏکن سان دوستي، جنهن جو فڪر ئي سکن کان پاسو ڪرڻ آهي ته ان فلسفي کي ڪهڙي طرح پنهنجو ڪجي ۽ پاڻ کي ان باهه جو عادي ڪيئن ڪجي ۔۔۔؟
اوهان لطيف سرڪار جي وائي کي تمام سهڻي رنگ ۾ پيش ڪري، سنڌ جي فڪر کي عام ڪرڻ جي فرض طرف هڪ قدم کنيو آهي ۔۔۔
باقي هڪ ڳالهه ته تصوير ۾ عاشق ”ڪنڀار“ جي ڀر ۾ سهڻو محبوب ويٺو آهي ۔۔۔ اهي گهڙيون ته ڪي ميلاپ جون لڳن ٿيون، وصال جي من موهيندڙ ان ماحول ۾ لطيف جي وائي جنهن ۾ محبوب جو فراق سمايل آهي ۔۔۔ جنهن ۾ دل ماندي جو ذڪر آهي کي سمائي اوهان فراق ۽ وصال کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ اوهان پاڻ ئي ٻڌايو ته ائين ڇو ۔۔۔؟
ڪـــــــي ويجهـــــــا ئي ڏور، ڪـــــــي ڏور به ويـــجها سپريــــن،
ڪـــــــي چـــــڙهن نه چت تــــــي، ڪـــــي وســـــــرن نه مــــور،
جيئن مينهن ڪنڍيائي ڪور، تيئن دوست وارڪو دل سين۔