ڪوارڪ ايڪسپريس، ايڊوب ان ڊيزائن وانگر پبلشنگ سافٽويئر آهي. ٻئي سافٽويئر وچ اوڀر (مڊل ايسٽ) ۾ تمام گهڻو مقبول آهن. البته ڪوارڪ ايڪسپريس، ايڊوب ان ڊيزائن جي مقابلي ۾ تمام گهڻو مهانگو آهي. ڇاڪاڻ ته پهريائين ڪوارڪ ايڪسپريس خريد ڪرڻو پوندو ۽ انهيءَ کان پوءِ عربي يا سنڌي لکڻ لاءِ عربي جي ايڪسٽنشن خريد ڪرڻي پوندي. انهيءَ کان سواءِ ايڪسٽنشن سان گڏ ڪجهه مخصوص فونٽن ئي انسٽال ٿين ٿا. انهيءَ جي برعڪس ايڊوب ان ڊيزائن ۾ عربيءَ ۽ سنڌيءَ جي سمورن فونٽن جي سپورٽ موجود آهي.
انهيءَ کان سواءِ ڪوارڪ ايڪسپريس لاءِ هيوي ڊيوٽي ڪمپيوٽر جي ضرورت پوي ٿي. عام پي فور ڪمپيوٽر کي تمام سلو ڪري ڇڏي ٿو.
بهرحال Quarkxpress 8.1 ۾ سنڌي لکڻ جي ڪوشش ڪيم، ڪنهن حد تائين ڪامياب ويو آهيان. عربي ايڪسٽنشن ڊيمو ورزن هجڻ ڪري في الحال ڪوبه فونٽ اپلائي نه ڪري سگهيس. نمونو حاضر آهي:

اميد ته باقي دوست به سافٽويئر کي آزمائي پنهنجا رايا ڏيندا.
Quarkxpress 8.1 ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
Quarkxpress 8.1 لاءِ عربيءَ جي ايڪسٽنشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو