ٻه جاڙا ڀائر

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ساره طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2009۔

  1. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ
    باب پھريون

    ٻه جاڙا ڀائر

    سونو پکي



    ڪنھن ملڪ ۾ ٻه ڀائر رھندا ھئا. منجھانئن ھڪڙو سونارو ھو، اھو تمام دولتمند ھو، مگر پئسو چڱي ڪم ۾ نه آڻيندو ھو، جو خراب طبيعت جو ماڻھو ھو، ٻيو ڀاءُ تمام غريب ھو، ليڪن چڱي طبيعت جو ۽ نيڪ نيت ھو. اھو کجيءَ ۽ ٻين وڻن جي سنھڙين ٽارين مان، ٻھاريون جوڙي وڪڻندو ھو، ۽ پنھنجو گذران ڪندو ھو.

    انھيءَ کي ٻه پٽ ھئا، جي ٻيئي جاڙا ھئا. اھڙا ھڪجھڙا ھئا، جو ھنن کي سڃاڻڻ مشڪل ھو. اھي ڪڏھن ڪڏھن پنھنجي دولتمند چاچي جي گھر ٽڪر ڀور ڇڏائڻ لاءِ ويندا ھئا، جو ھو بکيا ھوندا ھئا.

    ھڪڙي ڏينھن اھو غريب جھنگ ۾ ٻھارين جي لاءِ ٽاريون ۽ گاھه گڏ ڪرڻ لاءِ ويو، ته ھڪڙو سونو پکي پنھنجي ويجھو ڏٺائين. اھڙو سھڻو پکي ھن عمر ۾ ڪونه ڏٺو ھو. انھيءَ کي ڳچ تائين ڏسي ڏسي پوءِ ھڪڙو ننڍو پھڻ کڻي اڇلائي انھيءَ کي ھنيائين ته وڃي ھن کي لڳو، پر ان کي ايذاءُ ڪونه ڏنائين. اڏامندي اھو پکي ھڪڙو سونو کنڀ ڪيرائي ويو، جو ھن کڻي ورتو.

    اھو سونو کنڀ، ھو پنھنجي ڀاءُ سوناري وٽ کڻي ويو، ۽ چيائينس تھ ”ادا، سونو کنڀ وٺ، ۽ انھيءَ جا مون کي پئسا ڏي.“ ھن اھو چتائي ڏٺو ته برابر اھو نج سونو ھو، ۽ انھيءَ جو جيڪو واجبي مُلهه ھو، سو ڀاءُ کي ڏنائين.

    ٻئي ڏينھن انھيءَ ساڳي غريب ڀاءُ جھنگ ۾ ٽاريون پئي وڍيون ته ھڪڙي وڻ تان اھو ساڳيو سونو پکي اڏامي نڪتو. چتائي ڏسڻ سان ھن انھيءَ وڻ ۾ ھڪڙو آکيرو ڏٺو، جنھن ۾ ھڪڙو سونو آنو پيو ھو. ھو اھو آنو کڻي گھر آيو ۽ شام جو اھو به کڻي پنھنجي ڀاءُ کي ڏيکاريائين، جنھن مٺ مھرن جي ڏنيس، ۽ ايترو به چيائينس ته ”خود اھو پکي ھٿ اچيئي ته اھو به مون کي آڻي ڏي.“

    ڪن ڏينھن کان پوءِ، انھيءَ غريب ماڻھوءَ جھنگ ۾ اھو سونو پکي ھڪڙي ٽاريءَ تي ويٺل ڏٺو. ھن ھڪڙو وڏو پھڻ ھنيس ته ھو ڪري پيو ھو اھو کڻي ڀاءُ وٽ آيو، جنھن ٿيلھي مھرن جي ڏنيس. ڏاڍي خوشيءَ مان ھو پنھنجي گھر ويو، جو ڄاتائين ته ھاڻ آئون گھڻو ئي ڪي خريد ڪري سگھندس ۽ سکيو پيو گذاريندس.

    سونارو ڏاڍو پڪو ماڻھو ھو، تنھن سھي ڪيو ته ھي ڪو رواجي پکي نه آھي، پر گھڻي قيمت وارو آھي! ھن کي خبر ھئي ته جيڪو ماڻھو انھيءَ پکيءَ جي دل ۽ جيرو کائيندو، سو ڏھاڙي صبح اٿڻ سان، پنھنجي وھاڻي جي ھيٺان ٻه سونيون مھرون لھندو.

    تنھنڪري ھن پنھنجي زال کي سڏي چيو ته ”ھي پکي وڃي پچائي اچ، پر سنڀال ڪجئين ته ھن مان ڪو ذرو به نڪري نه وڃي، جڏھن پچي تيار ٿئي، تڏھن مون کي آڻي ڏج ته آئون اڪيلو اھو کاوان، ۽ انھيءَ مھل ٻئي ڪنھن ماڻھوءَ کي اچڻ متان ڏين“. زالس اھو پکي کڻي باھه تي پچائڻ ويئي.

    اھڙو اتفاق ٿيو، جو جڏھن زال باھه تي اھو پکي ويٺي پچايو ته اوچتو ڪنھن ضروري ڪم لاءِ اٿي ويئي، ته پٺيانس ھن ٻھاري ٺاھڻ واري جا ٻيئي جاڙا پٽ اتي آيا. پکي پچندو ڏسي شيخ کي اٿلائڻ لڳا ته سڙي نه وڃي. اوچتو منجھانس ٻه ذرا ڪري ڪيريءَ تي پيا، اھو ھو کڻي کائي ويا، جو ھو بکيا ھئا.

    سگھو ئي پوءِ زال به بورچيخاني ۾ آئي. ھن انھن ڇوڪرن کي ڪي کائيندو ڏٺو پڇيائين ته ”ڇا ٿا کائو؟“ ھنن چيو ته ”انھيءَ پکيءَ مان ٻه ذرا ڪري پيا، سي اسان کڻي کاڌا.“ زال ڏاڍي ڊني، جو ڄاتائين ته اھي دل ۽ جيرو ھوندا، جن بابت مڙسس تاڪيد ڪيو ھو، ۽ ھاڻ اھو ڏاڍو ڪاوڙبو. تنھنڪري ھن ھينئن ڪيو، جو ھڪڙو ننڍو ڪڪڙ جو چوزو ڪھي، ان جي دل ۽ جيرو ڪڍي پچائي انھيءَ پکيءَ ۾ وجھي مڙس وٽ کڻي آئي. مڙسس اھو سارو کائي ويو ۽ ذرو به نه ڇڏيائين. پر ٻئي ڏينھن صبح جو جڏھن وھاڻي جي ھيٺان ھٿ گھمايائين ته جن ٻن سونين مھرن ملڻ جي اميد ھيس، سي نه ڏٺائين.

    ھنن ٻن ڇوڪرن کي ته پنھنجي ڀاڳ جي خبر ڪانھ ھئي، تنھنڪري ھنن صبح جو اٿڻ کان پوءِ وھاڻي جي چڪاس ڪانه ورتي. پر جڏھن رلي کنيائون، تڏھن ٻه مھرون زمين تي ڇڻڪاٽ ڪري ڪري پيون. اھي ھو کڻي پيءُ ڏي ڀڳا، جو اھي ڏسي حيران ٿيو.

    ٻئي ڏينھن صبح جو به ٻه مھرون لڌيون، ۽ انھيءَ کان پوءِ به روز بروز ھنن کي ٻه مھرون پئي مليون. نيٺ اھو ٻھاري جوڙڻ وارو پنھنجي ڀاءُ وٽ ويو، ۽ انھيءَ کي اھا ڳالھه ڪري ٻڌايائين، تنھن کي ھڪدم پڪ ٿي ته ھن سوني پکيءَ جي دل ۽ جيرو انھن ٻن ڇوڪرن کاڌو آھي.

    انھيءَ ڪري ھو ڏاڍو ڪاوڙيو. ھو ظالم ۽ سنگدل ماڻھو ھو، تنھن انھن کي سيکت ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ھنن جي پيءُ کي چيائين ته ”تنھنجي پٽن جو ڪنھن ڏائڻ سان واسطو آھي، تنھنڪري انھن نڀاڳن کي تون گھران ڪڍي ڇڏ، ۽ انھن مھرن کي متان ھٿ لائين، نه ته ڪا مصيبت مٿان پوندءِ.“

    پيءُ کي پٽن کان ڌار ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو، پر ڏائڻين جي حرڪت کان ڊنو، تنھن پنھنجن جاڙن پٽن کي جھنگ جي وچ ۾ ڇڏي ڏنو. ھن جي وئي کان پوءِ ڇوڪرا اڪيلائيءَ ۾ ڊنا، ۽ گھر موٽڻ جي ڪوشش ڪيائون، پر مورڳو ويا پري پوندا. نيٺ ھڪڙو شڪار ڪندڙ ماڻھو ملين، تنھن پڇين ته ”اوھين ڪير آھيو، ۽ ھھڙي گھاٽي جھنگ ۾ اڪيلا ڇا ٿا ڪريو؟“

    ھنن ورندي ڏني ته ”اسين فلاڻي غريب ٻھارين جوڙيندڙ جا پٽ آھيون، پر ھن اسان کي پاڻ وٽ نه رکيو، جو ڏھاڙي صبح جو اسان جي وھاڻن جي ھيٺيان ٻه مھرون لڀنديون آھن. ھن کي ڊپ ٿيو ته اسان جي ڪن ڏائڻين يا ڀوتن سان واسطو آھي.“

    شڪاريءَ چيو ته ”انھيءَ ۾ ڇا ٿيو؟ اھي پئسا سجائي ڪم ۾ اچن ته پوءِ ڪھڙي حرڪت آھي؟ فڪر ناھي، اوھين مون سان گھر ھلو. آئون اوھان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوھين منھنجا پٽ ٿجو.“ شڪاريءَ کي اڳيئي اولاد ڪونه ھو، تنھن جي سگھوئي ھنن ٻارن سان محبت ٿي ويئي، ھنن کي پنھنجو اولاد سمجھڻ لڳو.
     
  2. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    باب ٻيون

    ڇوڪرا دنيا جي ڪم ڪار کي لڳن ٿا



    شڪاري رحمدل ماڻھو ھو، ۽ ھنن ڇوڪرن جي ڏاڍي سنڀال ڪيائين. ھنن کي شڪار ڪرڻ ۽ بندوقون ھڻڻ سيکاريائين ۽ جيڪي مھرون ھنن جي وھاڻن ھيٺان پيون لڀنديون ھيون، سي گڏ ڪندو رکندو ويو ته ھنن کي ڪم اچن.

    جڏھن ھو وڏا ٿيا، تڏھن ھڪڙي ڏينھن ھنن کي جھنگ ۾ وٺي ويو، ۽ چوڻ لڳو ته ”ھنن پکين کي بندوقون ھڻو ۽ نشان چِٽيو!“ ھنن بندوقون ھنيون ته ٻيئي پکي ڪري پيا. وري ٻيا پکي ڏيکاريائين ته ھنن اھي به ماريا. پوءِ چيائين ته ”ھاڻ اوھين ھوشيار ٿيا آھيو. ھاڻ ڀلي پنھنجي منھن شڪار ڪريو.“ انھيءَ کان پوءِ ھو پنھنجي منھن شڪار ڪندا رھيا.

    ھڪڙي ڏينھن ھنن پاڻ ۾ ڪو پور پچائي، ماني کائڻ مھل وڏي شڪاريءَ کي چيو ته ”بابا، اسان کي ھڪڙو سوال ڪرڻو آھي، تنھن جو جيسين جواب نه ڏيندي، تيسين اسين ماني نه کائينداسين.“ ھن چيو ته ”ابا پڇو، جي ٻڌائڻ جھڙو ھوندو ته ٻڌائيندس.“ تڏھن ھنن چيو ته ”اسان جي مرضي آھي ته اسين وڃي پنھنجي منھن ڪم ڪار کي لڳون.

    شڪاريءَ چين ته ”انھيءَ ڪري آئون ڏاڍو خوش ٿيندس. اوھين ڀلي وڃي ڪنھن ڪم ڪار کي لڳو، ۽ محنت گذران ڪريو ۽ سکيا ساوا ٿيو“. تنھن کان پوءِ ھنن ماني کاڌي، ۽ ڏاڍا خوش ڏسڻ ۾ آيا. جيڪي سندن مھرون گڏ ٿيون ھيون، سي به ڏنائين، ۽ موڪلاڻيءَ مھل ھڪڙو چمڪندڙ ڦر سان چاڪون به ڏنائين.

    ھنن کي چيائين ته ”جي ڪنھن وقت جھنگ ۾ ھڪٻئي کان ڌار ٿيو ته ھي چاڪو ڪنھن وڻ ۾ ھڻجو. پر اھڙيءَ طرح جو ڦر جا ٻيئي پاسا انھن طرفن ڏي ٿين، جن طرفن ڏي اوھين ٻيئي ويا ھجو. پوءِ جي اوھان کي ھڪٻئي جي حال معلوم ڪرڻ جي مرضي ٿئي ته اچي انھيءَ چاڪونءَ کي ڏسجو. جي اوھان مان ڪو مري پوندو ته ڦر جو اھو پاسو ڪٽجي ڪارو ٿي پوندو، پر جي اھو جيئرو ھوندو ته اھو پاسو چمڪندڙ رھندو.“

    پوءِ ھو شڪاريءَ کان موڪلائي نڪتا، ۽ ھڪڙي وڏي ٻيلي ۾ آيا. سڄو ڏينھن انھيءَ ۾ پنڌ ڪيائون، آخر رات جو اتي منزل ڪيائون، ۽ جيڪا ماني ساڻ کنئي ھئائون، سا کاڌائون.

    ٻئي ڏينھن به ھو ٻيلي جي ٻي ڪنڌيءَ تائين نه پھچي سگھيا. بک لڳين ۽ وڌيڪ ماني ساڻ ڪانھ ھين، تنھنڪري ڀانئيائون ته ڪو پکي شڪار ڪري پچائي کائون. اوچتو ھڪڙي مادي سھي اچي سندن اڳيان لنگھي. ھڪڙي ڀاءُ ھن کي مارڻ جي لاءِ بندوق سنئين ڪئي ته سھيءَ چين:

    بيت

    ”ڇڏيو مون نماڻيءَ کي تان پئي جيان،
    ٻچا پنھنجا آڻي اوھان کي ڏيان.“



    تنھن تي سھي ھڪڙي گھاٽي ٻوڙي ۾ گھڙي ويئي ۽ ٻه ننڍڙا سھا وٺي آئي. اھي اھڙا سھڻا ۽ مزي جھڙا ھئا، ۽ ھيڏي ھوڏي خوشيءَ مان پئي ٽپيا، جو ھنن ٻن ڀائرن جي دل نه چيو، ته انھن کي ڪھي کائين، تنھنڪري اھو ھنڌ ڇڏي اڳڀرو ھليا.

    سگھو ئي ھڪڙي لومڙي اڳيان اچي لنگھين، ۽ انھيءَ کي بندوق ھڻڻ تي ھئا ته انھيءَ به چين:

    بيت

    ”ڇڏيو مون نماڻيءَ کي تان پئي جيان،
    ٻچا پنھنجا آڻي اوھان کي ڏيان.“



    ھن به وڃي پنھنجا ٻه ٻچا آندا، جن کي پڻ ھنن جي دل نه چيو ته ڪھن، سھن جي ٻچن سان ھنن کي به گڏي ڇڏيائون.

    اڃا اڳڀرو ھليا ته وري ھڪڙو بگھڙ ملين، ۽ پوءِ رڇ ملين ۽ نيٺ ھڪڙو شينھن ملين. ھر ھڪ جانور ھنن ٻن ڀائرن کي ٻه – ٻه ٻچا ڏيندو ويو. ھنن وٽ ٻه سھا، ٻه لومڙيون، ٻه بگھڙ، ٻه رڇ ۽ ٻه شينھن ٿيا.

    پر ھنن کي کاڌو نه مليو ھو، تنھنڪري ڏاڍي بک لڳين. لومڙين کي چيائون ته ”توھين چالاڪ آھيو، اسان لاءِ کاڌي جي شيءِ کڻي اچو“ ھنن چيو ته ”ھتان ٿوري پنڌ تي ھڪڙو ڳوٺ آھي، جتان اسان جي ماءُ گھڻائي ڪڪڙ ۽ بدڪون کڻي ايندي آھي اسين توھان کي اھو ڳوٺ ھلي ڏيکارينديونسين.“

    ھو ٻنھي ڀائرن کي انھيءَ ڳوٺ ۾ وٺي ويون، ۽ ھنن اتي کائڻ لاءِ ڪي ورتو، ۽ پنھنجن جانورن لاءِ به کاڌو ورتائون. جڏھن سڀني کائي ڍؤ ڪيو، تڏھن وري اڳتي پنڌ پيا. لومڙيون انھيءَ ملڪ جون واقف ھيون، جو ماءُ سان گڏ گھمڻ وينديون ۽ ڪڪڙ چورائينديون ھيون، تن ھنن کي رستو ڏيکاريو.

    انھيءَ طرح ھنن شڪاري ڇوڪرن ڪن ڏينھن تائين پنڌ پئي ڪيو، ڪوبه اھڙو ڌنڌو نه لڳن، جو ڪري پاڻ ۾ گڏ گذارين. نيٺ منجھانئن ھڪڙي چيو ته ”بھتر آھي ته ڌار ٿيون ۽ ھرڪو پنھنجي منھن وڃي مٿو ھڻي.“ تنھن تي ھنن جانور ورھايا، ۽ ھرھڪ کي ھڪ سھو، ھڪ لومڙي، ھڪ بگھڙ، ھڪ رڇ ۽ ھڪ شينھن مليو. ھنن پاڻ ۾ انجام ڪيو ته ھڪٻئي کي پيا ياد ڪندا، پوءِ چاقون ھڪڙي وڻ ۾ کڻي ھنيائون، جنھن جي ڦر جو ھڪڙو پاسو اڀرندي ٿيو، ۽ ٻيو الھندي. پوءِ ھڪٻئي کان موڪلائي جانور وٺي ھليا ويا.

    جاري۔۔۔۔آهي۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ڀيڻ ڪهاڻي تمام پياري ۽ نصحيت آموز پئي لڳي پر اڳتي جاري لکيل آهي۔۔۔ جڏهن اها مڪمل ٿئي۔۔۔۔۔ ته پوءِ خبر پوندي ته اصل مقصد ڪهاڻي جو ڇاآهي۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ڪافي ڏينهن کان پوءِ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي هيءَ ڪهاڻي پڙهي تمام گهڻا خوش ٿياسين ايندڙ ڪهاڻيءَ جو شدت سان انتظار رهندو۔
     
  5. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    باب ٽيون
    ھڪڙي ازدھا سان لڙائي

    سگھوئي ھڪڙو ڀاءُ پنھنجن جانورن سوڌو ھڪڙي وڏي شھر ۾ آيو، جتي ڏسي ته درن ۽ درين تي ڪارا پردا ٽنگيا پيا آھن، جا ڏک ۽ ماتم جي نشاني ھئي. ھو ھڪڙي مسافرخاني ۾ وڃي ٽڪيو، ۽ طنبيلي ۾ جانور بيھاريائين. طنبيلي جي ڀت ۾ ھڪڙو سوراخ ھو، تنھن مان سھو لنگھي ويو، ۽ وڃي ھڪڙي موري چورائي آيو ۽ ويھي کائڻ لڳو.
    لومڙي به انھيءَ سوراخ مان لنگھي ويئي، ۽ پھرين ھڪڙي ڪڪڙ چورائي آئي. اھا کائي ڍؤ ڪري، وري وڃي ھڪڙو ڪڪڙ جو ٻچو کڻي آئي. بگھڙ، رڇ ۽ شينھن انھيءَ سوراخ مان لنگھي نه سگھيا، تنھنڪري انھن جي کاڌي لاءِ ٻه ٻڪريون ڪھڻيون پيون. جڏھن سڀ کائي پي رھيا، تڏھن شڪاري مھمانسراءِ جي نگھبان کان گھرن جي درن تي ڪارن پردن جو سبب پڇيو.
    انھيءَ خبر ڏنيس، ته ”اسان جي بادشاھه کي اولاد ئي ھڪڙي ڌيءَ آھي، ۽ اھا شھزادي سڀاڻي مرڻي آھي!“
    شڪاريءَ چيو ته ”ھوءَ بيمار آھي ڇا؟“ ھن چيو ته ”نه، آھي ته چڱي ڀلي، پر انھيءَ ھوندي به مرڻي سڀاڻي آھي!“ شڪاريءَ جي وري پڇڻ تي ھن ھيٺين ڳالھ ڪري ٻڌايس:
    ”ھن شھر کان ٻاھر ھڪڙو وڏو جبل آھي، جنھن تي ھڪڙي وڏي ازدھا ٿي رھي. ھر سال انھيءَ کي ھڪڙي ڪُنئاري ڇوڪري ڏيندا آھن، نه ته جيڪر ھوءَ شھر ۾ اچي، سڀ ماڻھو ناس ڪري وڃي. ھيستائين شھر ۾ جيڪي اھڙيون ڇوڪريون ھيون، سي سڀ کائي کپايون اٿس. ھاڻ فقط ھڪڙي بادشاھه جي ڌيءَ آھي، جا سڀاڻي ھن کي ڏيندا.“
    شڪاريءَ پڇيو ته ”ھن کي مارين ڇو نٿا؟“ ھن ورندي ڏني ته ”گھڻئي پھلوان ھن سان وڙھڻ لاءِ ويا آھن، ڇا لاءِ جو بادشاھه اھڙو انجام ڪيو آھي، ته جيڪو انھيءَ کي ماريندو، تنھن کي نه رڳو شھزاديءَ سان پرڻائيندو، پر پنھنجي مرڻ کان پوءِ انھيءَ کي پنھنجي تخت ۽ تاج جو وارث ڪندو، پر افسوس ته سڀ انھيءَ ڪوشش ۾ مارجي ويا آھن.“
    شڪاري انھيءَ بابت وڌيڪ ڪين ڪڇيو، پر ٻئي ڏينھن صبح جو سوير اٿيو ۽ پنھنجا جانور ساڻ وٺي جبل تي چڙھي ويو. جڏھن ان جي چوٽيءَ تي آيو، تڏھن اتي ھڪڙي ننڍي مڙھي ڏٺائين. اندر وڃي ڏسي ته ٿلھي تي ٽي پيالا رکيا آھن، جي پاڻيءَ جھڙي ڪنھن شيءِ سان ڀريا پيا آھن. انھن جي مٿان ھي لفظ لکيا پيا آھن ته ”جيڪو ھي پيالا پيئندو سو دنيا ۾ نھايت زور وارو ماڻھو ٿيندو، ۽ جيڪا ترار مڙھيءَ کان ٻاھر زمين ۾ لڳي پيئي آھي، سا کڻي ۽ ھڻي سگھندو.“
    ھن ھڪدم اھي پيالا نه پيتا، پر پھرين ٻاھر نڪري ترار ڏسڻ ويو، ۽ انھيءَ کي کڻڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر چوري به ڪين سگھيو، تنھنڪري ھو وري مڙھيءَ ۾ لنگھي ويو، ۽ اھي پيالا پيتائين. پوءِ آسانيءَ سان اھا ساڳي ترار کڻي ھلائي سگھيو. سگھو ئي بادشاھه ۽ ٻيا شھر جا ماڻھو، اھا شھزادي وٺي پيادا جبل تائين آيا. شھزاديءَ پري کان چوٽيءَ تي ھن جوان شڪاريءَ کي ڏٺو، ۽ ڀانئيائين ته اھا ازدھا آھي، سا اڳتي نه پيئي ھلي.
    پر جڏھن سڀني چيس ته جي مٿي نه ويندينءَ ته شھر جا سڀ ماڻھو مارجي ويندا، تڏھن پاڻ اڳتي ھلي، بادشاھه ۽ ٻيا امير امراءُ سڀ غمگين ٿي شھر ڏي موٽيا، فقط ھڪڙي سپھه سالار کي پٺتي ڇڏيائون، ته پوءِ اچي ٻڌائي ته پٺيان ڇا ٿو ٿئي.
    جڏھن ھڪڙي جبل جي چوٽيءَ تي آئي، تڏھن ڏسي ته خوفناڪ ازدھا جي بدران، ھڪڙو خوبصورت جوان شڪاري بيٺو آھي. حيرت ۾ پئجي ويئي، انھيءَ چيس ته ”شھزادي، تون متان ڊني آھين. آئون انھيءَ ازدھا سا وڙھندس ۽ ضرور انھيءَ کي ماريندس. تون ھلي اندر مڙھيءَ ۾ ويھه.“
    سگھو ئي پوءِ شڪاريءَ ھڪڙي وڏي گوڙ ٻڌي، جنھنڪري ڌرتيءَ ئي دٻي ويئي. ڏسي ته ھڪڙو وڏو ستن مٿن سان نانگ آھي، سو ڪاھيندو پيو اچي. جڏھن اھو ويجھو آيو، تڏھن پڇڻ لڳو: ”تون جبل تي ڇو آيو آھين؟“ شڪاريءَ جواب ڏنس ته ”توسان وڙھڻ لاءِ آيو آھيان.“
    ازدھا کلي چيس ته ”گھڻن بھادرن ۽ پھلوانن اھڙي ڪوشش ڪئي آھي، پر پنھنجي جان وڃائي اٿن. اجھو انھيءَ دم تون به ٿو مرين.“ ائين چئي ھن پنھنجي ستن ئي واتن مان باھه ڪڍي، جنھن آسپاس جي جھنگ کي ساڙي ڇڏيو. باھه جي دونھين ۽ سيڪ شڪاريءَ کي بيھڻ ئي نٿي ڏنو، پر ھن جا جانور باھه جي مٿان ڊوڙندا آيا.
    اتي ازدھا شڪاريءَ تي حملو ڪيو ته شڪاريءَ ترار مٿي ڪئي، ۽ اھڙي ھنيائينس، جو ھن جون ٽي سسيون لھي پيون. ازدھا پاڻ زياده ڪاوڙي، ۽ شڪاريءَ تي باھه جا الا اڇلڻ لڳي. شڪاري پاسي تي ترار سان ٻيو ڌڪ ھنيس، ته ٽي ٻيون سسيون به وڍجي پيس.
    بلا مان رت وھڻ لڳو ۽ ھوءَ نستي ٿيڻ لڳي. پر ھن وري به مٿس وار ڪيو. جيتوڻيڪ شڪاري ھاڻي ٿڪجي پيو ھو، ته به ٻه ڌڪ ھڻي ازدھا جي سسي به وڍي وڌائين ۽ پڇ به وڍي وڌائينس. پوءِ ھن پنھنجن جانورن کي بڇيو. جن ڇِني ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيس.
    جڏھن لڙائي پوري ٿي، تڏھن شڪاري موٽي مڙھي ۾ آيو. شھزاديءَ کي ڏٺائين ته ھيٺ زمين تي ڪري پيئي آھي. جيسين ٻاھر لڙائي پئي ھلي، تيسين ھوءَ ڊپ ۽ خوف کان بيھوش ٿي ويئي ھئي. شڪاريءَ کڻي ٻاھر کليل ھوا ۾ آندس ۽ گاھه تي کڻي رکيائينس. سگھوئي ھن ساھه پٽيو ۽ اکيون کوليون. ھن ٻڌايس ته ازدھا مارجي ويئي ۽ ڏيکاريائينس به.
    ھوءَ ڏاڍي خوش ٿي ۽ ھن کي چوڻ لڳي ته ”تون ڏاڍو بھادر شخص آھين، آئون تنھنجي گھڻو شڪر گذار آھيان. ھاڻ آئون توسان شادي ڪنديس، جو منھنجي پيءُ بادشاھه انجام ڪيو آھي ته جيڪو انھيءَ ازدھا کي ماريندو، تنھن سان مون کي پرڻائيندو.“
    شھزاديءَ کي ڳچيءَ ۾ ھڪڙو پنج سرو ھار پيو ھو، سو لاھي انعام وانگي ورھائي، ھن جي جانورن کي ڏنو. شينھن کي سوني دگدگي ڏنائين. شڪاريءَ کي کيسي مان پٽ جو رومال ڪڍي ڏنائين، جنھن تي سندس نالو ڀريل ھو. ھن وڃي ازدھا جون ست زبانون وڍي انھيءَ رومال ۾ ويڙھي کنيون.
     
  6. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    باب چوٿون
    ھڪڙو عجيب علاج
    جوان شڪاريءَ شھزاديءَ کي چيو ته ”شھزادي، تون ڊپ کان ٿڪي ھوندينءَ، ھاڻي ھلي ٿورو آرام ڪر. توکي ڪو ايذاءُ نه پھچندو.“ ھوءَ برابر ٿڪل ھئي، ۽ خوشيءَ سان اٿي گاھه تي ليٽي پيئي، ۽ ننڊ کڻي ويس.
    شڪاري پاڻ به ھھڙي سخت لڙائيءَ کان پوءِ ٿڪجي پيو ھو، تنھن شينھن کي چيو ته ”آئون ٿورو آرام ٿو ڪريان، تون ويجھو ٿي ويھه.“ ائين چئي پاڻ به شھزاديءَ جي ويجھو گاھه تي سمھي پيو ۽ ننڊ کڻي ويس. شينھن پنھنجي ڌڻيءَ جي حڪم موجب سندس ويجھو ويھي رھيو، پر ھو به ٿڪل ھو، تنھن رڇ کي چيو ته ”مون کي ننڊ ٿي اچي، آئون ٿورو آرام ٿو ڪريان. ڪو اچي ته مون کي جاڳائج.“
    تنھن تي رڇ شينھن جي ويجھو ٿي ويٺو. پر اھو به ٿڪل ھو، تنھن وري بگھڙ کي چيو ته ”تون اچي منھنجي پاسي ۾ ويھه ته آئون ننڊ ڪري وٺان جو ٿڪجي پيو آھيان.“ بگھڙ ان موجب ويٺو، پر ھو به ٿڪجي پيو ھو، تنھن لومڙيءَ کي چيو ته ”آئون سمھان ٿو، تون جاڳ، جي ڪو ماڻھو اچي ته مون کي جاڳائج.“
    انھيءَ طرح لومڙي به بگھڙ جي پاسي ۾ ويٺي، پر ٻين وانگي ٿڪل ھئي ۽ ننڊ اچڻ لڳيس، تنھنڪري سھي کي چيائين ته ”آئون ٿي سمھان، تون جاڳ، ۽ ڪو به اچي ته مون کي جاڳائج.“ ان موجب سھو لومڙيءَ جي پاسي ۾ ويھي رھيو، پر اھو به ٿڪل ھو، تنھن کي به ننڊ کڻي ويئي، اگرچ باقي ٻيو ڪونه ھو، جنھن کي جاڳائڻ ۽ پھري ڏيڻ لاءِ چوي.
    مٿي چيو ويو آھي ته بادشاھه سپه سالار کي ھيٺ ڇڏي ويو ھو، ته جيڪي ٿي گذري تنھن جي ھن کي خبر ڏئي. تنھن جڏھن ڏٺو ته ازدھا شھزاديءَ کي کڻي ڪين ويئي ۽ مٿي جبل جي چوٽيءَ تي ماٺ لڳي پيئي آھي، تڏھن ڊپ ڇڏي ھمت ڪري سماءُ رکڻ لاءِ مٿي ويو.
    ڏسي ته شھزادي ۽ ھڪڙو جوان شڪاري ۽ ٻيا جانور ستا پيا آھن ۽ انھن جي ويجھو ازدھا مئي پيئي آھي. ھڪدم سھي ڪيائين ته انھيءَ جوان اھا پربت بلا ماري ھوندي! اھو سپه سالار خراب ماڻھو ھو، تنھن کي اھا لالچ ٿي ته آئون شھزاديءَ سان شادي ڪريان، تنھن ھيئن ڪيو جو ترار کڻي انھيءَ جوان شڪاريءَ جي سسي لاھي ڇڏي.
    پوءِ ستل شھزاديءَ کي آرام سان ڀاڪر ۾ کڻي جبل تان ھيٺ لھي آيو. اتي ھوءَ اوچتو جاڳي پيئي ۽ دانھون ڪرڻ لڳي، سپه سالار چيس ته ”تون ھاڻ منھنجي وس ۾ آھين. سڀڪنھن کي چؤ ته مون اھا ازدھا ماري آھي“. شھزاديءَ چيو ته ”آئون ائين ڪين ڪنديس. انھيءَ جوان شڪاريءَ ۽ سندس جانورن ھن کي ماريو ۽ مون کي بچايو آھي. مون پنھنجن اکين سان ڏٺو.“ پر بدمعاش سپه سالار ترار ڪڍي ھن کي مارڻ جو دڙڪو ڏنو، تنھنڪري ھن لاچار ائين چوڻ جو انجام ڪيو.
    پوءِ سپه سالار ھن کي محلات ڏي وٺي ويو. بادشاھه پنھنجي ڌيءَ کي صحيح ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. سپه سالار ٻڌايس ته ”انھيءَ بلا کي ماري شھزاديءَ کي مون بچايو آھي، تنھنڪري ھاڻ انجام موجب حضور انھيءَ جي مون سان شادي ڪرائي.“ بادشاھه انھيءَ بابت ڌيءَ کان پڇيو. انھيءَ چيس ته ”شايد ائين ھوندو، پر ھڪڙي سال ۽ ھڪڙي ڏينھن تائين آئون شادي ڪرڻ نه ڏينديس.“
    دل ۾ خيال ڪيائين ته شايد انھيءَ وچ ۾ ھن جوان شڪاريءَ جو ڪو پتو پئجي وڃي.
    ھوڏي ھو سڀ جانور پنھنجي مئل ڌڻيءَ جي پاسي ۾ ستا پيا ھئا. نيٺ ھڪڙي وڏي ماکيءَ جي مک اچي سھي جي نڪ تي ويٺي، ۽ چرڻ پرڻ لڳي، پر سھو انھيءَ کي ھڪلي وري سمھي پيو. تڏھن مک نڪ تي ڏنگ ھنيس. جنھن تي سھو جاڳيو ۽ نڪ ملڻ لڳو. پوءِ لومڙيءَ کي جاڳايائين، جنھن وري بگھڙ کي جاڳايو، ۽ بگھڙ واري سان رڇ کي، ۽ رڇ شينھن کي جاڳايو.
    شينھن اٿڻ سان ڏسي ته سندس ڌڻي مئو پيو آھي، ۽ شھزادي آھي ئي ڪانھ! رڇ کان پڇڻ ۽ انھيءَ کي عتاب ڏيڻ لڳو، رڇ بگھڙ کي عتاب ڏنو، ۽ بگھڙ لومڙيءَ تي ڪاوڙيو، ۽ لومڙي سھي تي. ويچاري سھي کي ٻيو ڪونه ٿي سجھيو جنھن تي بار وجھي. ڏاڍو ڊنو ھنن کي چيائين ته ”اوھين مون کي جيئدان ڏيو ته آئون پنھنجي ڌڻيءَ کي وري جيئرو ڪريان. مون کي جھنگ ۾ ھڪڙي ٻوٽيءَ جي پاڙ سُجھي ٿي، جا جيڪڏھن ڦٽ کي لائبي ته اھو ڇٽي ويندو ۽ سڀڪا بيماري لھي ويندي، پر اھا ھتان ٻه سؤ ميل پري ھڪڙي جبل تي آھي!“
    شينھن چيو ته ”ھڪدم وڃي اھا کڻي آءُ، انھيءَ لاءِ توکي چوويھن ڪلاڪن جي مھلت ٿي ڏجي. وڌيڪ ھڪڙو لحظو به مھلت نه ڏبي.“ ان موجب سھو ڊوڙندو ويو، ۽ چوويھن ڪلاڪن کان به گھٽ عرصي ۾ اھا پاڙ کڻي موٽي آيو. ھڪدم شينھن سسي کڻي شڪاريءَ جي ڳچيءَ تي رکي، ۽ سھي اھا پاڙ کڻي انھيءَ جي وات ۾ وڌي ته جھٽ دل ھلڻ لڳي، ۽ شڪاري جيئرو ٿي اٿي ويھي رھيو.
    جڏھن شڪاري جاڳيو، تڏھن شھزادي نه ڏسي ڊڄي ويو. ڀانئيائين ته پاڻ اڳي جاڳي، ۽ مون کي ستل ڏسي ھلي ويئي آھي، ۽ ھاڻ مون کان عمر جي لاءِ ويئي! شايد آئون ھن کي نٿي وڻيس، تنھنڪري ائين ڪيائين. اھي خيال پچائي ھو ڏاڍو غمگين ٿيو.
    اتفاق ھيئن ٿيو ته شينھن تڪڙ پڪڙ ۾ شڪاريءَ جي سسي ابتي کڻي ڳچيءَ تي رکي ھئي، جنھنڪري منھن ٿيس پٺيءَ ڏي. شڪاريءَ کي ته پھرين ڳڻتين جي ڪري اھو سماءُ ڪونه پيو، جڏھن ڪي کائڻ لڳو، تڏھن اھا ڳالھه ڌيان تي آيس، ۽ سمجھي نه سگھيو ته وات پٺيءَ ڏانھن ڪيئن ٿيو! تنھنڪري پنھنجن جانورن کان انھيءَ جو سبب پڇيائين.
    شينھن سڄي ڳالھه ڪري ٻڌايس ۽ چيائين ته ”اسان کي ڏاڍو ارمان آھي ته ڇو اسان سڀني کي ننڊ کڻي ويئي، پر ھاڻي حرڪت ڪانھي، انھيءَ جو اسين علاج ڪري سگھنداسين.“ ائين چئي ھن ترار کڻي شڪاريءَ جي سسي وري ٻيو ڀيرو لاھي، سندس ڳچيءَ تي سنئين ڪري رکي، ۽ سھي عجيب پاڙ لائي زخم ڇٽايو. پوءِ ھو پنھنجي سفر تي ھليا.
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پياري ڀيڻ ساره
    يه دولت ڀي لي لويه شهرت ڀي لي لو ڀلي ڇين لو مجهه سي ميري جواني
    مگر مجهه ڪو لوٽا دو وه بچپن ڪا ساون، وه ڪاغذ ڪي ڪشتي وه بارش ڪا پاني
    محلي ڪي سڀ سي پراني نشاني وه بڙيا جسي سب بچي ڪهتي ٿي ناني
    وه ناني ڪي باتون مين پريون ڪا ڊيرا وه چهري ڪي جُهريون مين صديون ڪا پهرا،
    ڀلائي نهين ڀول سڪتا ڪوئي وه 'ڇوٽي سي راتين وه لمبي ڪهاني​

    مٺي ڀيڻ بس هن عمر ۾ توهان جي اها ڪهاڻي پڙهي سڇ پڇو ته مٿئين شاعري جو لفظ لفظ ياد اچي ويو ۽ ناني مرحومه جون سموريون ڪهاڻيون ياد اچي ويون ۔ جس لهڻو ادي الله سائين توهان کي آباد رکي جو هن فورم تي توهان اسان جو وڃايل ورثو ايڏي بهترين آکاڻي آڻي وري ياد ڪرائي ڇڏيو مهرباني ڀيڻ. هن ڪهاڻي جي باقي حصي جو شدت سان انتظار رهندو
     
  8. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بس توهان ائين ئي پسند ڪندا رهو..مان ائين ئي پوسٽ ڪندي رهندس ..

    جس لهڻو جي معني ڇا آهي
     
  9. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    باب پنجون

    شڪاري موٽي اچي ٿو

    ھڪڙي سال جي سفر کان پوءِ شڪاري موٽي ساڳئي انھيءَ شھر ۾ آيو، جنھن ۾ شھزاديءَ کي ازدھا کان بچايو ھئائين. ھن ڀيري ماتم جي ڪارن پردن جي بدران سڀني گھرن ۽ دڪانن تي ڳاڙھا خوشيءَ جا پردا ۽ ڪپڙا ٽنگيل ھئا. مھمانسراءِ جي نگھبان کان انھيءَ جو سبب پڇيائين.
    انھيءَ چيس ته”پر سال اسان جي بادشاھھ جي ڌيءَ ازدھا کي ڏيڻي ھئي ۽ اھا مرڻي ھئي، پر سپه سالار ازدھا سان وڙھي ان کي ماريو ھو، ۽ شھزاديءَ جي جان بچائي ھئائين، تنھنڪري ھاڻي ساڻس ھن جي شادي ٿيڻي آھي.“
    ٻئي ڏينھن شڪاري نگھبان کي چيو ته ”جي انصاف مڃين ته اڄ بادشاھه جو طعام ھتي ٿو گھرايان ۽ پاڻ سڀئي گڏجي ويھي ٿا کائون!“
    ھن چيو ته ”ائين ڀلا ڪيئن ٿيندو؟“ شڪاريءَ چيو ته ”چڱو، ھاڻ ڏس.“ پوءِ پنھنجي سھي کي سڏي چيائين ته ”بابا وڃ، وڃي محلات مان بادشاھه جي کائڻ واري مانيءَ مان ڪي کڻي اچ“. سھو حڪم جي پٺيان نڪتو سھي، پر ڏاڍو ڊپ ٿيس. محلات جي در وٽ ھڪڙو ڪتو پٺيان ڪاھي پيو، تنھنڪري ھو ڊوڙي سامھون چوڪيدار جي گھر ۾ گھڙي ويو، ۽ چوڪيدار ڪتي کي ھڪالي ڪڍيو.
    پوءِ وجھه ڏسي لڪي سھو محلات ۾ گھڙي ويو ۽ جتي شھزادي ويٺي ھئي، اتي سندس ڪرسيءَ جي ھيٺيان لڪي ويھي رھيو، ۽ آھستي آهستي ھن جو پير ننھن سان کرڙڻ لڳو شھزاديءَ ڀانئيو ته ڪا ٻلي آھي، پر ھيٺ چتائي ڏسي ته سھو آھي، ۽ انھيءَ جي ڳچيءَ ۾ جيڪا سندس ھار جي ھڪڙي سر پئي ھئي، تنھن تي سڃاتائينس.
    ھٿن ۾ کڻي چيائينس ته ”منھنجا پيارا سھا، تون ھتي ڪيئن آئين؟“ ھن چيو ته ”منھنجو ڌڻي، جنھن ازدھا کي ماريو، سو ھن شھر ۾ آيو آھي، ۽ اھو بادشاھه جي کائڻ واري مانيءَ مان ڪي گھري ٿو.“ شھزادي، جنھن سارو سال انھيءَ شڪاريءَ جي سڪ ۽ انتظار ۾ گذاريو ھو، ۽ ڄاتائين ٿي ته گم ٿي ويو آھي، سا ھن جي اچڻ جو ٻڌي ڏاڍي خوش ٿي.
    بورچيءَ کان ماني وٺي سھي کي ڏنائين. پر سھي چيس تھ ”مون کي رستي ۾ ڪتا ھلاڪ ڪندا، تون ڀلائي ڪري بورچيءَ کي چئو ته مھمانسراءِ تائين مون سان گڏجي ھلي. شھزاديءَ بورچيءَ کي حڪم ڏنو ۽ اھو ماني کڻي سھي سان گڏجي ھليو. در تان سھو اھا ماني کڻي پنھنجي ڌڻيءَ وٽ آيو، جنھن اھا مھمانسراءِ جي نگھبان کي ڏيکاري ۽ ھو حيرت ۾ پئجي ويو!
    شڪاريءَ وري لومڙيءَ کي چيو ته ”ھاڻ تون وڃي بادشاھه جي کائڻ واري ڪباب مان ذرو کڻي اءُ“. لومڙي به سھي وانگر ويئي، ۽ شھزاديءَ جي ڪرسيءَ ھيٺان لڪي ويئي، جنھن پٽو ڏسي سڃاتس ۽ بورچيءَ جي ھٿان ڪباب کڻائي موڪليو. لومڙي اھو کڻي پنھنجي ڌڻيءَ تائين نيو ۽ ھن نگھبان کي ڏيکاريو، جو وري به حيران ٿي ويو.
    انھيءَ طرح شڪاريءَ وري بگھڙ موڪلي ڀاڄيءَ ذرو گھرايو. وري رڇ کي موڪلي حلوو گھرايو. ۽ پڇاڙيءَ ۾ شينھن کي موڪلي بادشاھه جي پيئڻ واري شراب مان ٿورو گھرايو. جڏھن بادشاھي کاڌو اچي گڏ ٿيو، تڏھن سڀني ويھي گڏجي کاڌو. انھيءَ طرح شھزادي به انھن جانورن کي ڏسي ۽ سڃاڻي خوش ٿي ۽ شڪاري به خوش ٿيو، جو ڄاتائين ته شھزادي کي سندس اچڻ جي خبر پيئي آھي ۽ اڃا ھن جي ساڻس محبت قائم آھي.
     
  10. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    باب ڇھون

    محلات ۾

    باب ڇھون

    محلات ۾

    جڏھن سڀني ماني کائي بس ڪئي، تڏھن شڪاري مھمانسراءِ جي نگھبان کي چيو تھ ”ھاڻ مون بادشاھه جي ماني کاڌي آھي، ھاڻ سندس محلات ۾ ويندس ۽ سندس ڌيءُ سان شادي ڪندس.“ ھن چيو ته ”اھو ڪيئن ٿي سگھندو؟ اڳيئي سپه سالار سان شاديءَ جو بندوبست ٿي ويو آھي، جنھن ازدھا کي ماريو آھي. شڪاريءَ چيو ته مون وٽ ڪا شيءِ آھي، جا مون کي مدد ڪندي.“ ائين چئي ازدھا جون ست زبانون، جي شھزاديءَ جي رومال ۾ ويڙھي رکيون ھئائين، سي ڪڍي ڏيکاريائينس ۽ چيائينس ته ”ازدھا کي مون ماريو ھو.“
    مھمانسراءِ واري چيو ته ”تو ڪي ڏاڍا عجيب ڪم ڪيا آھن، پر مون کي ڊپ آھي ته تنھنجي فتحيابيءَ جو وقت لنگھي ويو آھي!“ شڪاريءَ چيو ته ھاڻ ويھي تماشو ڏس.“ انھيءَ ڏينھن بادشاھه مانيءَ مھل پنھنجي ڌيءُ کان پڇيو ته ”اڄ صبح کان وٺي تنھنجي جاءِ ۾ ڪي جانور پئي آيا آھن، تنھن جو مطلب ڇا آھي؟“ ھن چيو ته ”بابا سائين، في الحال آئون ٻيو ڪين ٿي چوان، اوھين خود انھن جانورن جي مالڪ کي گھرايو ته اھو اوھان کي ساري خبر ڏئي“.
    تڏھن بادشاھه ماڻھو موڪلي شڪاريءَ کي گھرايو. شڪاريءَ مھمانسراءِ واري کي چيو ته ”ميان ڏٺئي“، بادشاھه پاڻ ئي مون کي پنھنجي محلات ۾ گھرايو آھي. ”بادشاھه جي نوڪر کي چيائين ته ”بادشاھه سلامت کي وڃي چئو ته آئون ائين ڪين ايندس. مون ڏي ڇھن گھوڙن واري گاڏي موڪل ته انھيءَ تي چڙھي اچان.“
    نوڪر اھو پيغام وٺي ويو. بادشاھه ڌيءُ سان صلاح ڪري پنھنجي گاڏي نوڪرن سميت ھن ڏي موڪلي ڏني. مھمانسراءِ جو نگھبان اھو ڏسي حيران ٿي ويو. شڪاري گاڏيءَ ۾ چڙھي ويٺو ۽ اچي محلات ۾ لٿو. بادشاھه ھن کي گڏيو ۽ کيس جانورن سميت اندر وٺي ويو. شڪاري شھزاديءَ جو ھٿ چمي ادب سان پاسي تي ويھي رھيو. ٻئي پاسي سپه سالار اچي ويٺو، پر شڪاريءَ کي سڃاتائين ڪين ٿي.
    بادشاھه ازدھا جون ست سسيون گھرائي حاضر ماڻھن کي ڏيکاريون ۽ چوڻ لڳو ته ”ھي انھيءَ ازدھا جون سسيون آھن، جنھن پر سال ھن شھر ۾ ڦڙڦوٽ کڻي وڌي ھئي، ۽ جنھن کي نيٺ اسان جي بھادر سپه سالار ماريو ۽ انھيءَ جي انعام ۾ اڄ ھن جي منھنجي ڌيءُ سان شادي ٿيڻي آھي.“ تنھن تي شڪاريءَ اٿي ستن ئي سسين جا وات ڦاڙي پڇيو ته ”سو ته چڱو سائين، پر ھنن جون زبانون ڪٿي آھن؟“ سپه سالار ڊپ ۽ شرمندگيءَ ۾ اڇو ٿي ويو.
    شڪاريءَ چيو ته ”جيڪي ڪوڙ ڳالھائيندا، تن جي زبان نه ھلندي. جنھن وٽ ازدھا جون زبانون ھونديون سوئي ان جو سچو ماريندڙ آھي. اجھي اھي زبانون مون وٽ آھن.“ ائين چئي ست ئي زبانون، جي وٽس رومال ۾ ويڙھيل ھيون، سي ڪڍي ٻاھر ڪيائين، ۽ ھر ھڪ سسي ۾ رکي ويو، ۽ اھي انھن جي وڍيل زبانن سان ملي آيون.
    پوءِ شھزاديءَ ڏي منھن ڪري، اھو رومال جنھن تي سندس نالو ڀريل ھو، سو ڏيکاريائينس ۽ پڇيائينس ته ھي ڪنھن جو آھي؟ شھزاديءَ ورندي ڏني ته ”ھي منھنجو آھي. اھو مون توکي انھيءَ ڏينھن ڏنو ھو، جنھن ڏينھن تو انھيءَ ازدھا کي ماريو ھو“. شڪاريءَ وري پنھنجن جانورن جي ڳچين مان پنج ئي سرون ۽ سوني دگدگي شينھن جي ڳچيءَ مان لاھي، گڏي پڇيو، تھ ”ھي ھار ڪنھن جو آھي؟“ شھزاديءَ وري به چيو ته ”اھو به منھنجو آھي، جو مون انھيءَ ڏينھن جانورن کي انعام ۾ ورھائي ڏنو ھو.“
    بادشاھه حيران ٿي چوڻ لڳو ته ”آئون ته ھيءُ پرولي سمجھي نٿو سگھان. ھي ڪا عجيب ڳالھه آھي. ھن جو مطلب ڇا آھي؟“ تڏھن شڪاري ۽ شھزاديءَ ٻنھي ساري ڳالھ بادشاھه کي ڪري ٻڌائي. بادشاھه ڏاڍو ڪاوڙيو. سپه سالار کي ھڪدم مارائي ڇڏيائين، پوءِ اھو شڪاري شھزاديءَ سان شادي ڪري شھزادو ۽ ولي عھد ٿي ويٺو. ھن ماڻھو موڪلي پنھنجي غريب پيءُ ٻھارين جوڙڻ واري کي، توڙي پنھنجي شڪاريءَ پيءُ ۽ پنھنجي ماءُ کي گھرائي ورتو، ۽ انھن کي ايترو مال ڏنائين، جو ھو عمر لاءِ سکيا گذاريندا ھئا
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جي ڀيڻ توهان ”بس توهان ائين پوسٽ ڪندا رهو مان ته ڇا پر سنڌ فورم جو هرڪو ساٿي پنهنجي ٻالڪپڻي وارو دور ياد ڪندي توهان جي موڪليل ڪهاڻي کي پسند ڪندا رهندا.
    باقي ڀيڻ ” جس لهڻو“ جي معنى آهي شاباسيون ماڻيو، مرحوم سرويچ سجاولي محترمه بينظير ڀٽو شهيد لاءِ هڪڙو نظم لکيو هو، جنهن جو هڪڙو ٻول مونکي ياد پيو اچي ته
    جس هُجئي او ٻاگهل ٻائي ، جس هُجئي او مُنهنجي ڀيڻ. اميد ٿو ڪريان ته جس لهڻو جي معنى سمجهي ويا هوندا. باقي ڪهاڻيءَ جي اڳئين حصي جو شدت سان انتظار رهندو ڇاڪاڻ ته اڃان ٻي جاڙي ڀاءُ جي حوال جي ڪا خبر ڪانهي، ڇو جو اهو به مڃيل شڪاري هو، جيڪي جانور هِنَ شڪاري وٽ آهن اُهي ساڳيا جانور پڻ هُنَ ٻي شڪاري(ٻي جاڙي ڀاءُ) وٽ موجود آهن . مهرباني ڀيڻ
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادي سارا تمام بهترين شيئرنگ آهي،
     
  13. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين ڪهاڻي آهي ادي ساره
     
  14. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اڳيون حصو حاضر آهي ...
     
  15. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    باب ستون

    ٻيئي ڀائر وري ملن ٿا

    اسان جو جوان شھزادو اڃا به شڪار جو ڏاڍو شوقين ھو، اڪثر ھرڻن جي شڪار تي ويندو ھو. ھميشه پاڻ سان پنھنجا نوڪر وفادار وٺيو ويندو ھو. ھڪڙي ڏينھن پري کان ھڪڙو اڇو ھرڻ ڏٺائين. پنھنجن ماڻھن کي چيائين ته اوھين سڀ ھت بيھو. متان اھو ھرڻ ڀڄي وڃي. آئون اڪيلو ھن جي پٺيان ٿو وڃان.“ ائين چئي ھو پنھنجا جانور وٺي جھنگ ڏي ويو.
    نوڪر شام تائين اتي ترسيا، پوءِ محلات ڏي ھليا آيا شھزاديءَ کي پنھنجي مڙس جي نه اچڻ ڪري ڏاڍو انتظار ٿيو، خاص ڪري جڏھن ٻيو ڏينھن به ائين ئي گذري ويو. ھوڏي شھزادو ھرڻ جي پٺيان ڪاھيندو ويو، ۽ وقت ۽ ھنڌ جو ڪو به سماءُ ڪونه پيس. تڏھن اھو ھرڻ اوچتو نظر مان نڪري ويس اتي اک پٽيس ۽ ڏٺائين ته پري اچي پيو آھيان، ۽ محلات ۾ پھچي نه سگھندس. تڏھن گھوڙي تان لھي رات جھنگ ۾ رھڻ جو سعيو ڪيائين، ۽ ڪاٺيون گڏ ڪري باھه ٻاريائين. باھه تي ويٺو ھو ته مٿان وڻ تان ھڪڙيءَ زال جو آواز ٻڌائين: ته ”آئون سيءَ ٿي مران، آئون سيءَ ٿي مران.“ شھزادومٿي نھاري ته ھڪڙي ڪراڙي زال وڻ جي ٽارين ۾ ويٺي آھي. انھيءَ کي چيائين ته ”جي سيءَ ٿي مري، ته ھيٺ لھي اچي باھه تي ڪوسي ٿيءُ“.
    زال ورندي ڏني ته ”نه آئون تنھنجي جانورن کان ڊڄان ٿي.“ شھزادي خاطري ڏنيس ته ”ھو توکي نه چوندا“. پر ھن چيو ته ”مون کي ھنن تي ڀروسو نٿو اچي آئون ھڪڙي ٽارڙي ھيٺ ڪيرايان ٿي، تنھن سان تون ھنن جي پٺي ٺپر. پوءِ ھو مون کي ايذاءُ نه پھچائيندا.“
    شھزادي کي اھا خبر نه ھئي ته اھا ڪراڙي زال ڪا ڏائڻ آھي. جيئن ھن چيس، تيئن ڪيائين. ھڪدم سڀ جانور بدلجي پھڻ ٿي پيا. پوءِ ڏائڻ وڻ تان لھي ھيٺ ٿي، ۽ اھا ساڳي ٽارڙي کڻي شھزادي جي انھيءَ سان پٺي ٺپريائين، ته ھو به ڦري پھڻ ٿي پيو. تڏھن ڏائڻ خوشيءَ مان بيھي نچڻ ۽ ٽپڻ لڳي. پوءِ اھي سڀ پھڻ گھلي ھڪڙيءَ کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيائين، جتي ٻيا به گھڻا پھڻ پيا ھئا.
    جڏھن شھزادو محلات ڏي نه موٽيو، تڏھن شھزادي ڏاڍي بي آرام ٿيڻ لڳي. ھاڻي اھڙو اتفاق ٿيو، جو ان وقت ھو ٻيو ڀاءُ به انھيءَ ملڪ ۾ اچي نڪتو. سارو جھان پنھنجن جانورن سميت لتاڙي ھاڻ وري به انھيءَ ساڳئي ھنڌ آيو، جتان ھو ھڪٻئي کان جدا ٿيا ھئا. جڏھن انھيءَ وڻ وٽ آيو، جنھن ۾ چاقو ھڻي ڇڏيو ھئائون، تڏھن ڏسي ته سندس ڀاءُ جي طرف وارو ڦر جو پاسو، ڪٽيو پيو آھي ۽ ٻيو پاسو پيو چمڪي.
    تڏھن پڪ ٿيس ته ھن سان خير ڪونھي. ارادو ڪيائين ته ھن کي ڳولي لھي، من ڪا مدد ڏئي سگھيس. انھيءَ خيال سان ھو پنھنجا جانور وٺي گھمندو انھيءَ شھر ۾ آيو، جنھن ۾ سندس ڀاءُ جي زال، بادشاھه جي ڌيءَ ھئي. جڏھن اھو جوان شڪاري محلات جي در وٽ آيو، تڏھن دربان سمجھيو اھو شھزادو آھي، سو اٿي تعظيم ڪيائينس ۽ ٻڌايائينس ته ٻه ڏينھن سندس غير حاضر ھئڻ ڪري شھزادي بي آرام پئي رھي آھي.
    شڪاريءَ ھڪدم سھي ڪيو ته ڀاءُ سان ھمشڪل ھئڻ ڪري، توڙي ساڳين جانورن جي ھئڻ ڪري، درٻار توڙي ٻين نوڪرن ڀل ۾ کيس شھزادو سمجھيو آھي. ارادو ڪيائين ته ڀلي ھو انھيءَ ڀل ۾ ھجن، ته من پنھنجي ڀاءُ جو زياده سماءُ لھي سگھي، پر جي ھن جي بچائڻ جي ڪا اميد ھجي ته ھن کي بچائي. اھو پھه پچائي ھو ماٺ ڪري محلات ۾ لنگھي ويو. شھزادي به ھن کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي، جو ڄاتائين ته سندس مڙس آھي. پڇڻ لڳيس ته ”ھي ٻه ڏينھن ڪٿي ھئو؟“ ھن ورندي ڏني ته ”جھنگ ۾ شڪار جي پٺيان پري وڃي نڪتس، ۽ رستو وڃائي ويھي رھيو ھوس.“
    ٻن – ٽن ڏينھن جي اندر ڀاڻس جو سمورو حال کيس معلوم ٿي ويو، تنھنڪري ھن ارادو ڪيو ته وڃي جھنگن ٻيلن ۾ ھن جي پڇا ڪري. شھزاديءَ توڙي بادشاھه گھڻو ئي روڪيس، پر ھو نه رھيو. چوڻ لڳو ته ”منھنجي دل شڪار کان سواءِ نٿي رھي.“ انھيءَ طرح ھو پنھنجا جانور ساڻ ڪري نڪري ويو. جھنگ گھمندي ھن ڀاءُ وانگي ساڳيو اڇو ھرڻ ڏٺو، ۽ انھيءَ جي پٺيان ڪاھيائين، پر جڏھن رات پيئي. تڏھن وڻ جي ھيٺان باھه ٻاري ويھي رھيو.
    ھن به انھيءَ ڪراڙيءَ زال جي دانھن ٻڌي، ته ”سيءَ ٿي مران.“ شڪاريءَ چيس ته ”جي سيءُ ٿي مرين ته لھي اچي ڪوسي ٿيءُ.“ زال چيس ته ”جانورن جي ڊپ کان ھيٺ نٿي لھان.“ ھيءَ ٽاري انھن تي گھماءِ.“ شڪاريءَ کي ھن جي ڳالھين تي شڪ پوڻ لڳو. ڪاوڙجي چيائينس ته ”نه، آئون ائين ڪين ڪندس. تون ھڪدم لھي اچ، نه ته آئون بندوق ھڻي اِتي ئي ماري ٿو وجھانءِ.“ تنھن تي ڏائڻ ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳي. چيائينس ته ”جيڪي وڻئي، سو ڪر، تون مون کي ڪو ايذاءُ رسائي نه سگھندين.“
    ھي ٻڌي شڪاريءَ مٿس بندوق سنئين ڪئي ۽ اھا ڇوڙيائين، پر گوليءَ سان ڏائڻ کي ڪو ايذاءُ نه رسيو. پاڻ وڏا ٽھڪ ڏيئي شڪاريءَ تي کلڻ لڳي. پر شڪاريءَ کي خبر ھئي ته جھنگ ۾ ڏائڻيون ملن ته انھن سان ڪھڙي ھلت ڪجي. تنھن ھيئن ڪيو، جو پنھنجي ڪوٽ مان چانديءَ جا بٽڻ ڇني، اھي گولين جي بدران بندوق ۾ وجھي، بندوق ڀري ڇوڙيائين ته ھوءَ رڙ ڪري ھيٺ ڪري پيئي.
    شڪاريءَ کڻي ھن جي ڳچيءَ تي لت ڏني، ۽ چوڻ لڳس ته ”ڪراڙي ڏائڻ، ھاڻ مون کي ھڪدم ٻڌاءِ ته منھنجو ڀاءُ ڪٿي آھي، نه ته توکي باھه ۾ اڇلائي ٿو وجھان.“ ڏائڻ ڊني ۽ چيائينس ته ”مون ھن کي سندس جانورن سميت ڦيرائي، پھڻ ڪري ڇڏيو آھي، ۽ ھڪڙيءَ کڏ ۾ پيا آھن.“ تنھن تي ھن چيس ته ”ڪمبخت رن، انھن سڀني کي وري پنھنجي اصلوڪي صورت ۾ آڻ، نه ته اجھا ٿي باھه ۾ پوين.“
    انھيءَ تي لاچار ڏائڻ ھڪڙي ٽارڙي کڻي ھلي انھن تي گھمائي، ته نه فقط ھن جو ڀاءُ شھزادو ۽ سندس جانور اٿي کڙا ٿيا، پر ٻيا به پھڻ جيڪي ان کڏ ۾ پيا ھئا، سي ماڻھو ٿي اٿيا. ڪي ڌنار، ڪي شڪاري، ڪي واٽھڙو ۽ واپاري. ٻئي ڀائر ھڪٻئي کي ڏسي، ڏاڍا خوش ٿيا ۽ ھڪٻئي کي پيار مان ڀاڪر پائي گڏيا. پوءِ ھنن ٻنھي گڏجي انھيءَ ڏائڻ کي ٻڌي، کڻي باھه ۾ وڌو، جتي ھوءَ سڙي مري ويئي.
    ھن جي مرڻ شرط اھو سارو ٻيلو ۽ جھنگ گم ٿي ويو، ۽ چوڌاري يڪو ميدان ٿي پيو. پري کان بادشاھه جي محلات پئي ڏسڻ ۾ آئي. ھو ٻيئي پنھنجا جانور وٺي انھيءَ پاسي ھليا. رستي ۾ شھزادي پنھنجي ڀاءُ کي چيو، ته ادا، پاڻ ٻنھي کي چڱا ڪپڙا پيا آھن، ۽ اسان مان ھر ھڪ کي پنج ھڪجھڙا جانور آھن. ھاڻ ھيئن ٿا ڪريون، ته آئون محلات ۾ ھڪڙي پاسي کان ٿو وڃان، تون ٻئي پاسي کان وڃ. ڏسون ته شھزادي پنھنجو مڙس سڃاڻي سگھي ٿي يا نه؟“
    ان موجب ھو ڌار ٿي محلات ۾ ويا. ٻنھي دروازن جي نگھبانن بادشاھه ۽ شھزاديءَ کي اچي ٻڌايو، ته شھزادو پنھنجن جانورن سميت ھن پاسي کان شڪار تان موٽيو ٿو اچي. بادشاھه دربان کي چيو ته ھيءَ ڪھڙي ڳالھه آھي؟ اوھان ٻنھي مان ھڪڙو ڀلجي ٿو يا ڪوڙ ٿو ڳالھائي، ڇا لاءِ جو ٻيئي در ھڪٻئي کان پري آھن.“ اڃا دربان اتي ئي بيٺا ھئا، ته ٻيئي جوان گڏ جاءِ ۾ اندر لنگھي آيا، ۽ اچي بادشاھه ۽ شھزاديءَ جي اڳيان بيٺا.
    بادشاھه بلڪل منجھي پيو. شھزاديءَ کي چيائين ته ”ابا، ھنن ٻنھي مان ڪو سڃاڻي سگھين ٿي ته تنھنجو مڙس ڪھڙو آھي؟“ ھنن ٻنھي جا مھانڊا ته ھڪجھڙا آھن، جو آئون ته سڃاڻي نٿو سگھان!“ تڏھن شھزاديءَ کي اوچتو پنھنجو ھار ياد پيو، ۽ ھڪڙي شينھن جي ڳچيءَ ۾ ھار واري دگدگي ڏسي چوڻ لڳي، ته ”جنھن سان اھو شينھن آھي، سو منھنجو مڙس آھي“.
    تنھن تي شھزادي کلي ڏنو. چوڻ لڳو ته ”تون سچي آھين.“ پوءِ سڀئي ويھي رھيا ۽ ٻنھي ڀائرن بادشاھه کي جيڪي ٿي گذريو، سو سڀ بيان ڪري ٻڌايو. ھو ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اھا رات ھنن نھايت خوشيءَ ۾ گذاري. شھزادو به پنھنجي ڀاءُ جي محبت ۽ ھوشياريءَ تي فخر ڪرڻ لڳو، ۽ ھميشه ھن جو احسانمند رھندو آيو.

    ڳالهه پوري ٿي..
     
  16. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    سارا تمام بهترين شيئرنگ آهي،
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    خالي سارا لکڻ جي بجاءِ اگر توهان ادي سارا لکو ها ته ڪيڏو نه سهڻو لڳي ها.
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام بهترين ساره وڏا اسان کي باد شاهن ۽ شهزادن جا قصا جنهن کي سنڌي ۾ نذير چوندا آهن ٻڌائيندا هئا اسان ڏاڍو شوق سان ٻڌندا هئاسين خاص ڪري منهنجي والد مرحوم کي اسان فرمائش ڪندا هئا سي ته رستم بادشاه واري جنهن لڪڻ واري ٽوپي هوندي هئي وارو قصو ٻڌايو پوءِ سردي جي رات ۾ اسان سڀ ڀائر ۽ ڀينر چُلهه تي مچ هڻي ويهندا هئا سي بابو مرحوم منجي تي ويهي ڪري قصو ٻڌائڻ شروع ڪندو هئو تان جو صبح جي آذان جو ٽائم ٿيندو هئو
    ڪاش اهي ڏينهن واپس اچن
    يا ليت الشباب يعود لنا فاخبره بما فعل المشيب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو