جواب: جي تون نه هجي هان شايد مان به نه هجان هان
هڪ شاعر چيو هو ته ” جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، ته پوءِ منهنجي توکان دوري آ“ لڳي ٿو عاشق به پنهنجي وطن جو نالو نه کڻندي به ڳجهارت ئي ڳجهارت ۾ سنڌ سان ازلي ناتي جي ڳالهه ڪئي آهي ۔۔ پر چوندا آهن ته شاعر جي من ۾ هڪڙي ته پڙهندڙ جي من ۾ وري ٻي ۔۔۔ ممڪن عاشق جو اڃان به ڪو ٻيو وجود هجي جنهن سان سندس وجود قائم هجي ۔۔۔؟
هڪ ماڻهونءَ، بکي ماڻهونءُ کان پڇيو ته ” ٻه ۽ ٻه گهڻا ٿيندا آهن؟“
بکئي جواب ڏنو ته ” چار مانيون“
سو اسان به هر ڳالهه کي ڦيرائي اچي سنڌ سان ملائينداسون جو پاڻ سنڌ جا بکيا آهيون ۔۔۔
شابس آهي دوست اوهانجي محنت کي ۔۔۔