گل حسن ڪلمتي جو ڪم ۽ شخصيت

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2010۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    گل حسن ڪلمتي جو ڪم ۽ شخصيت
    براد جوکيو درساڻو ڇنو

    سنڌ جي سرزمين جي ھن اھم ۽ اڻ ٽُٽ حصي ڪراچيءَ جي ملير واري علائقي جو به ھميشه کان ھڪ مانائتو ۽ منفرد تعارف رھندو آيو آھي،قدرت جي سمورين نعمتن ۽ خاصيتن کي پنهنجي وجود ۾ سمائي رکندڙسنڌ امڙ جي ملير واريءَ ڪُک مان به مختلف وقتن تي ڪيترائي اھڙا سورما ۽ سپوت ڄميا آھن جن پنھنجي قومي انائن ،ارڏائين ، ڏاھپ وطن پرستي ، ويڙھ،ڌرتي ۽دنگ لاءِ پير پوئتي نه ڪرڻ وارا بهادري ڀريا داستان پنهنجي سدا حيات ڪردار ذريعي رُقم ڪيا آھن سي اڄ به سنڌ جي تاريخ جواُتساھ ڏيندڙ حصوآھن، مڃون ٿا ته وقت جي دزوطن لاءِ ساھ ڏيئي ويساهه وٺندڙ سورھيه ڪردارن جي صفن کي وقتي طور تي ڏُندلو ضرور ڪندي آھي ، پرنه ته سنڌي قوم ايڏي غافل۽احسان فراموش آھي ۽نه وري سنڌ جي مٽيءَ ۾ اھڙي ڪاخامي ۽ بيڪاري آھي جواُھا پنھنجي سپوتن جا آدرش ۽ اُھڃاڻ پنھنجي سيني تان ميساري ۽ وساري ڇڏي .
    سنڌ جي دنگ ۽ ننگ جي عزت ۽ناموس کي جيئرو ۽ آزاد رکڻ لاءِ وڙھي ويندڙ ويڙھ وارين صفن۾ مليرمان مغلن خلاف بغاوت جو علم بُلند ڪندڙ حاجي جوکيو،اورنگزيب عالمگير جي شاھي فرمانن کي سنڌيت جي خودمختياريءَ جي پيرن ھيٺ رونديندڙ ڄام مُريد خان ،انگريز سامراج خلاف جنگ ڪري ڦاھين ۽ ڦندن کي محبوب جي پھرينءَ چُميءَ طور قبول ڪندڙشھيد چاڪرخان ڪلمتي ۽ ڄام چاڪر خان جوکيوجھڙا جوڌا اڄ به نئين روُح سان وجود پذير ٿي تڌھن توھان۽اسان جي سامھون اچي بيھندا آھن جڏھن آزاديءَ جي عزمن جوورجاءَ ٿيندڙ سنڌ جي سپاھين جي ڪنھن ڪچھريءَ جو موضوع سنڌ لاءِ سر گھوري ڇڏڻ ھوندو آھي ،
    وٺي ھرھرجنم وربو،مٺا مھراڻ ۾ملبو
    ختم ٿي اونداھ ويندي ،چٽيءَ چانڊاڻ ۾ملبو

    ڪجھ دوستن پاران طنزيه طور تي ڪڏھن ڪڏھن اھو خيال ظاھر ڪيو ويندو آھي ته سنڌڪاز لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ ملير يا ڪراچيءَ جي اصلوڪن سنڌين جو ڳڻپ جھڙو ڪردار ۽ حصو ناھي ھوندو، آئون انھن دوستن کي اھي ڳالھيون ڳڻائي چوندو آھيان ته سنڌڪاز لاءِ ٿيندڙ جدوجھد ۾ملير واسي رکي رکي تڌھن سنڌ لاءِ سرگھور ڪرڻ واري روايت کي تازو ڪري وجھندا آھن ، جڏھن عبدالله مراد بلوچ کي شھيد ڪيو ويندو آھي ، جڏھن شھيد نور حسن جوکيو جو ريٽو رت ملير تي ماڪ ڦڙن جيان وسي پوندو آھي ، جڏھن شھيد براد ڪلمتي لطيف سائين جي ھنن سٽن

    ڀڳوآئونه چوان،ماريوته وسھان
    ڪاند منُھن۾دڪڙا،سڪيندي سونھان
    ته پُڻ لڄ مران،جي ھونس پُٺ ۾

    تي پورو لهندي پوليس جون گوليون سيني تي سھي ھميشه لاءِ امر ٿي پوندو آھي ، اھا ٻي ڳالھ آھي ته سنڌ جي مجموعي روش کان مُتاثر ھنن ملير واسين جي بـ جدوجھد جو دڳ جُدا ضرور سھي پر مقصد ۽ منزل اُھائي سنڌ رهي آھي .
    ھتي آئون اھڙي ئي ھڪ سنڌپرست جو ذڪر ڪرڻ چاھيان ٿو جنھن جي جدوجھد ھٿيار بند يا سياسي تحريڪ جي صورت ۾ته ناھي پر ڪيئي ڀيرا وزنائتي ۽ موثر ضرور آھي، اُھا آھي سندس قلمي جدوجھد ، ھونئن به هر دور ۾ سنڌ جي اديبن،شاعرن،ليکڪن دانشورن ھر دوُر ۾ بلاشڪ پنھنجي حصي جو ڪردار بخوبي نڀايو آھي .
    اھڙن ئي سنڌ جي سڄڻن ۽ مڻيادار ماڻهن جي لڙيءَ ۾ هڪڙونالو گل حسن ڪلمتيءَ جو بـ آهي، جي ها سنڏ جي ملير واري ڪُک مان جنم وٺندڙ اُن گل حسن ڪلمتيءَ جي ڳالهـ ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن ادبي کيتر ۾ سنڌ جي احترام ۾ سيس نمائندي چار ڪتاب پيش ڪيا آهن جن ۾ برف جو دوزخ، رُٺل شهر جي ڪهاڻي، عشق جون ڳالهيون ۽ ڪراچي سنڏه جي مارُئي لکي سنڏيت جو فرض نڀائڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي،
    گل حسن ڪلمتيءَ جو سنڌ سان محبت ۽ عقيدت جو عالم اھو آھي جو ھو چوندو آھي ته مذھب ۽سماج جون پابنديون ۽ رڪاوٽون جي حائل نه ھُجن ھا ته جيڪر آئون سنڌ کي ھرروز ڪيترائي سجدا ۽ پوڄائون ڪريان ھا ، ڪلمتيءَ جا ھونئن ته سمورا ڪتاب ٿوري گھڻي تنقيد جي گنجائش رکڻ جي باوجود مجموعي طور ساھ سان سانڊڻ جھڙا آھن، پر خاص ڪري ” ڪراچي سنڌ جي مارئي“ تي پنهنجي زندگي جي خوبصورت حصي جواني جا 8 سال لڳاتار ارپي، ڪاڙهن لُڪن ۾ سفر ڪٽي، سياري جون پُرسرد راتيون سر تي سهي، سنڌ ۽ بلوچستان جا ڪيترائي پنڌ، پهاڙ ۽ پيچراه پسي، ڪراچي جي ترقي ۾ اوچين اڏواتن هيٺ دٻجي ويل ونگين، وستين، واهڻن، ندين، نئين، ڍورن، ڍنڍن، مندرن، مسجدن، مڙهين، مُقامن۽ ٻين مقدس ماڳن کي ڳولي لهي، سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڪيترين ئي لائبريرين ۽ ڪُتب خانن ۾ سالن جا سال نور نچوئي پنهنجي لازوال قلمي پورهئيي ذريعي ڪراچي سنڌ جي مارئي جهڙو ڪراچي تي اُونهي کوج سان ڀريل تاريخي ڪتاب لکي ڪراچي کي قديم زمانن کان فطري طورسنڌ جو حصو ۽ سنڏين جو شهر ثابت ڪري ڏنو آهي، سوبه اياز جي لفظن ۾ تـ ( سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو ) جهڙي دور ۾ جڏهن مسلط ۽ قابض ٿيل ماڻهن پاران ڪراچي ۽ سنڌ جي گڏيل جُملي کي ئي گواره نٿو ڪيو وڃي، هن ڪتاب ۾ سيٺ ڀوڄومل کان مصطفٰي ڪمال تائين ڪراچي تي حڪمراني جي انداز ۽ انهن جي دلچسپي جا ڪارڻ واضع نموني پسايا ويا آهن، گويه ترقيءَ جي نالي ۾ وڃائجي ويل سنڌين جي هن شهر کي گل حسن هن ڪتاب ذريعي اڳوڻو وجود ۽ سنڌيت واري صورت موٽائي ڏني آهي.
    ڪراچي سنڌ جي مارئي هُن کي اهڙن ٿورن دور انديش ڏاهن جي قطار ۾ نمايان ظاهر ڪري ٿو جيڪي سنڌيت جي فڪر سان سرشار هُجن ٿا، جيڪي پنهنجي لکڻين ذريعي پنهنجيءَ قوم کي ڪالهوڪين ڪار گذارين، ڪاميابين ناڪامين، عروج ۽زوال جي سڄي پس منظر کان روشناس ڪرائڻ سان گڏ اڄوڪي بيٺل مقام جو احساس ڏياريندي قوم کي منزل چٽي ڏيکارڻ ۽ ان تائين پهچڻ جو دڳ بـ ڏسيندا آهن،
    گل حسن کي انهن ڳالهين جو چڱيءَ طرح ادراڪ آهي جيڪي هڪ ميچور ۽ سنجيدا لکاريءَ ۾هُجڻ گهرجن، سندس هن سالن جا سال ڪيل محنت ۽ جفا ڪشي کي نظر ۾ رکندي ڪوبـ ادب دوست ۽ سنڏ دوست ماڻهو کيس شابس جا هار پارائڻ کان سواءِ رهي نـ سگهندو اهو ئي سبب آهي جو هن وقت تائين ڪلمتي کي ڄاڻايل ڪتاب تي، نيشنل بينڪ آف پاڪستان پاران” ايڪسيلينس ايوارڊ ۽ گڏ ٽي لک روپيا انعام “ سنده گريجويئٽس ايسوسي ايشن پاران ”گولڊميڊل “ سنڏي ادبي سنگت پاران ” بهترين ڪتاب ايوارڊ “ سوجهرو اڪيڊمي پاران ” تحقيق ايوارڊ “ نئون نياپو اڪيڊمي پارن ” ڊاڪٽر نجم عباسي تحقيقي ايوارڊ “ ملير جي علي نواز جوکيو ڳوٺ ترقياتي تنظيم درساڻو ڇنو پاران هڪ شاندار پروقار تقريب ۾ صوبائي وزير سنڌ محمد ساجد جوکيو جي هٿان ۽ ساڻس شريڪ سردار ڄام اويس بجار خان، عبدالحڪيم بلوچ، امداد جوکيو، خدا ڏنو شاه، راجا عبدالرزاق، حاجي شفيح محمد ڄاموٽ جي هٿان ”ملير مڃتا ايوارڊ “ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڊاڪٽر قادر مگسي هٿان ”ادبي ايوارڊ “مليا آهن ۽ اهو سلسلو اڃا هلندڙآهي، ان سان گڏ ڪلمتي جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي سنگت پاران گذريل هڪ سئوسالن دوران لکيل هڪ سئو بهترين ڪتابن ۾ شامل هئڻ جو اعزاز بـ حاصل آهي،

    قدرتي طور تي ڪوبه ماڻھوروڳوسمورين سُٺاين ۽خوبين جو مالڪ ناھي ھوندو ۽نه ڪوئي آئون اھا فتوا جاري ڪرڻ جو حق ٿو رکان ته ھن وڏي ليکڪ ۽ محقق ۾ ڪي ڪوتاھيون ۽اوڻاھيون نه ھونديون ،
    پر ڪنھن ڏاهي جي ھن چوڻيءَ موجب تـ ڪنھن به ماڻھوءَ جي شخصيت کي جانچڻ ۽پرکڻ جو سولو طريقو ۽ ماپ ھي آھي ته توھان اُن جي دوستن کي نظر مان ڪڍي وٺو ،آسانيءَ سان پتو پئجي ويندو ته ڄاڻايل ماڻھو ڪھڙي طبيعت ۽ مزاج جو ٿي سگھي ٿو،
    بدر ابڙي،مرحوم انور پيرزادي،ڪليم لاشاري،سائين بشير جوکيئي ،تاج بلوچ، تاجل بيوس، استاد لغاري ،جامي چانڊئي،انعام عباسي،روُف نظاماڻي ،نصير ميمڻ، نورحسن جوکيو گڏاپ ، اشتياق انصاري،سائين خداڏني شاھ،اسحاق انصاري ، گل پالاري ، بيڪس بروھي ، سامي ميمڻ ، زبيداه برواڻي،يوسف سنڌي،سلطان شاھ ساقي،جاويد جوکيي، تصوير سنديلي ۽ انور ابڙي جي ھن دوست کي ھنن سٽن ذريعي توھان پڙھندڙن جي ڪٽھڙي ۾ بيھارجي ٿو۽ اھو توھان جو حق آھي ته هن جي ڪم ۽ شخصيت جي باري ۾ پنھنجو فيصلو صادر ڪريو، پر منھنجو ان سلسلي ۾ايتروعرض ضرورآھي ته توھان اڳ ۾ سندس ڪتاب ( ڪراچي سنڌ جي مارئي ) پڙھي پوءِ ڪو فيصلو ڏجو، ڇو ته بقول سامي ميمڻ جي ته ھي ڪتاب ڪراچي ۽ سنڌ جي ماڻھن جو ھڪ مضبوط ڪيس آھي جنھن ۾ ماضيءَ ٿيندي آيل حق تلفين ۽ ناانصافين جي وارتا به آھي ته مستقل ۾ ازالي جو مُقدمو به سمايل آھي .

    گل حسن جي شخصيت جي هڪڙي جهلڪ هيءَ بـ آهي جو عرضي بلوچ ڳوٺ گڏاپ جو هي ڪم گو ۽ ماٺيڻو ماڻهو تڏهن ڏک ۽ ڪاوڙ جو مجموع ٿي پوندو آهي جڏهن ذڪر سنڏين جي هن شهر ڪراچي تي پراون ۽ ڌارين جي مڪمل قبضي ۽ تسلط جو ٿيندو آهي، هو چوي ٿو تـ ڌارين جي سازشن سان گڏ پنهنجن جي لاپرواهي بـ اسان کان پنهنجو بين القوامي شهر هٿن مان واريءَ جيان وڃائڻ جو وڏو سبب آهي، جسقم۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي تي سنڌين جي مالڪي واري حق جتائڻ وارين نڪتل ريلين تي هو سرهو ٿيندي هر سال ” ڪراچي سنڌين جو شهر “ نالي هر سال ڏهاڙوملهائڻ جي تجويز بـ رکي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سان وابسته سمورين سياسي پارٽين، سماجي تنظيمن، ادبي فورمن ۽ ساڃاه وند سنڌين کان اڳتي اچڻ ۽ وک کڻڻ جو بـ گُهرجاوُ آهي، هن جو خيال آهي تـ اهو قدم هن ڌرتي جي آجائپ ڏانهن وڏي پيش رفت ثابت ٿيندو
    آخري اکر اهي تـ هو بنيادي طور بيوروڪريٽ آهي پر ائين لڳندو ڪونهي، سندس آفيس ۽ عرضي ڳوٺ واري ساوطاق تي هر وقت سنڌ جي سپاهين، سماجي تنظيمن ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرن ۽ ٻين مختلف سنڌ دوست فورمن سان تعلق رکندڙ دوستن جو ديرو ڄميل نظر ايندو آهي، عمر ۽ حيثيت جي ماپ طور کان سواءِ هر ڪنهن سان ڪشاده پيشاني ۽ مرحبائيت سان پيش اچڻ جو ئي سبب آهي جو دل چاهيندي آهي تـ ساڻس بار بار ملجي، رلجي، ڳالهائجي ۽ روح رچنديون ڪجن.


    مون سي ڏٺا ماءِ ، جن ڏٺو پرئينءَ کي
    تني سندي ڪاءِ ، ڪري نه سگھان ڳالھڙي
    (شاھ،)
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گل حسن ڪلمتي جو ڪم ۽ شخصيت

    سنڌ سوين سورما پيدا ڪيا آهن

    سائين بهترين ونڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔مهرباني
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گل حسن ڪلمتي جو ڪم ۽ شخصيت

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     
  4. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: گل حسن ڪلمتي جو ڪم ۽ شخصيت

    تمام بهترين ونڊ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو