• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماءُ جو ٿڃ

نثارابڙو

نائب منتظم
ماءُ جو ٿڃ پيئڻ وارا ٻار ڪامياب ۽ ڪامران ٿين ٿا، اهي اسڪول ۾ انهن ٻارن کان وڌيڪ نمبر کڻن ٿا جي دٻي جي کير تي پلجن ٿا، اها تحقيق ڪئي آهي آمريڪي ناري محترمه ”پروفيسر جوسف صابيا“ آمريڪن يونيورسٽي آف ڪولراڊو مان ...

اها تحقيق 126 ٻارن تي ڪئي وئي جيڪي 59 خاندانن مان کنيا ويا هئا ... ان آرٽيڪل مطابق جيڪي ٻار ماءُ جي ٿڃ پي وڏا ٿين ٿا سي انهن ٻارن کان وڌيڪ چالاڪ، ڦڙت ۽ حاضر دماغ رهنٿا جنکي ماءُ جو کير نصيب نه ٿو ٿئي ...

اسانجي دين ۾ آهي ته، ٻار کي ماءُ جو کير گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال ضرور پيئارجي ...

هن فورم جا دوستو! اچو ته پاڻ سڀ پنهنجن گهرن ۾ جي ڪا اهڙي غير واجبي هرو ڀرو ٿيندي هجي ته انکي روڪيون ۽ معاشري ۾ ذهين ٻارن جو واڌارو ڪيون ...
 
حق موجود!

سائين محترم نثار ابڙو صاحب

معلوماتي ڄاڻ فراهم ڪرڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون.. تمام پياري شيئرنگ.....،،،،lajwab-sharing

shal judy hujeen
 
ماءُ جو ٿڃ پيئڻ وارا ٻار ڪامياب ۽ ڪامران ٿين ٿا، اهي اسڪول ۾ انهن ٻارن کان وڌيڪ نمبر کڻن ٿا جي دٻي جي کير تي پلجن ٿا، اها تحقيق ڪئي آهي آمريڪي ناري محترمه ”پروفيسر جوسف صابيا“ آمريڪن يونيورسٽي آف ڪولراڊو مان ...

اها تحقيق 126 ٻارن تي ڪئي وئي جيڪي 59 خاندانن مان کنيا ويا هئا ... ان آرٽيڪل مطابق جيڪي ٻار ماءُ جي ٿڃ پي وڏا ٿين ٿا سي انهن ٻارن کان وڌيڪ چالاڪ، ڦڙت ۽ حاضر دماغ رهنٿا جنکي ماءُ جو کير نصيب نه ٿو ٿئي ...

اسانجي دين ۾ آهي ته، ٻار کي ماءُ جو کير گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال ضرور پيئارجي ...

هن فورم جا دوستو! اچو ته پاڻ سڀ پنهنجن گهرن ۾ جي ڪا اهڙي غير واجبي هرو ڀرو ٿيندي هجي ته انکي روڪيون ۽ معاشري ۾ ذهين ٻارن جو واڌارو ڪيون ...
الله تعالى جا ڪروڙين ڪرم آهن، جو ٻار لاءِ ماءُ جي ٿڃ ئي ٻار کي تندرست توانو، صحتمند ۽ هوشيار بنائي ٿي. تمام بهترين شيئرنگ. شال جُڙيو هُجين ادا نثار ابڙا
 
ادا نثار ابڙا تمام بهترين شيئرنگ آهي، دنيا ۾ انهي کان بهترين خوراڪ ٻار جي لاءِ اڄ تائين ناهي ملي ، پر وڏن گهرن جي عورتن ۾ اهو رواج عام آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي ٿڃ ناهن پيارينديون. اهو ڇاجي ڪري سائين ٿورو انهي جي باري ۾ به تفصيل ڏيندا ته مهرباني ٿيندي.
 
Back
Top