گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

'تعارف' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2010۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جو تعارف

    [​IMG]

    اصل نالو: غلام حيدر ڪلهوڙو
    مشهور نالو: گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
    والد صاحب جو نالو: پير بخش ڪلهوڙو
    جنم جي تاريخ: 24 آڪٽوبر 1971ع
    جنم جو هنڌ: پاٽ شريف ضلع دادو
    تعليم: بي اي پاس سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    پيشو: پرائمري استاد
    سڃاڻپ: اديب، صحافي، سماجي ورڪر ۽ ڊرامه آرٽسٽ
    شادي جي تاريخ: 2 مئي 1990ع
    اولاد: 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون

    مختلف تنظيمن سان وابستگي، 1998ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ پاٽ شريف جو باني سيڪريٽري، سندس ادب ۾ استاد ڊاڪٽر حبيب الله صديقي آهي.

    صحافت جي شروعات، 1997ع کان ريڊيو پبليڪشن جي نمائندي طور ڪئي ۽ ان کانپوءِ روشن دنيا، اسٽار يار شوبز، فلم اسپيشل مئگزين، فرض اردو اخبار، رفتا، سرهاڻ پبليڪشن، ڪوهستان اخبار، الک، پاڪ، سنڌو ڊائجسٽ، هالار ڊائجسٽ، تعليمي دنيا ۽ سنڌ جي مشهور اخبار عوامي آواز جو رپوٽر آهي صحافت ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال ۽ وزير منگي سندس استاد آهن. سندس بيشمار مضمون، خبرون ۽ ٻيون رپوٽون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهن ٿيون.

    سماجي تنظيمن سان وابستگي. شهر اتحاد، سگا، الڪريم سٽيزن ڪميونٽي بورڊ پاٽ شريف جو بنيادي ميمبر ۽ انهن تنظيمن جو عهديدار پڻ آهي، تمام جاکوڙي انسان آهي ڏکئي وقت ۾ ٻين جي ڪم اچڻ وارو ماڻهو آهي سندس اهي سماجي خدمتون جاري آهن.

    فني حوالي سان پاڻ هڪ بهترين ادڪار پڻ آهي فن اداڪاري ۾ سيد آصف شاهه، انور شاد ۽ دادا غني سولنگي سندس استاد آهن. هن 1989ع کان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم شروع ڪيو. سندس مشهور ڊراما هي آهن، ضديرو، زال ڪري ٿي تال، سنڌ جا پٽ، دل خدا جو گهر، محبت زنده آباد ٻيا ڊرامه ۽ ويڊيو فلمون مشهور آهن. هن سنڌ جي نامور آرٽسٽن، منان عباسي، نثار شاهه، ممتاز جروار، آصف شاهه، ايم اڪرم سومرو، ايم بچل ڪلهوڙو، جي ايڇ ڏيپر، رشيد چارڻ، مسرت ناز، خوشبو سنڌي، نسرين ڀٽي، ۽ ٻين سان گڏ اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي پاڻ 50 کان مٿي اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. جنهن م مختلف رول ڪيا اٿس پيشي جي لحاذ کان پاڻ ننڍپڻ ۾ درزڪو ڪم به سکيو ۽ پورهيو ڪري پاڻ پڙهائي جو خرچ به ڪندو رهيو.

    3 جنوري 1990ع تي کيس پرائمري ٽيچر جي نوڪري ملي پنهنجي ڊيوٽي کي بهترين نموني نڀائيندو پيو اچي تعليم کاتي پاران کيس محنتي استاد هئڻ جي سند پڻ مليل آهي. هن مختلف تنظيمن ۽ انهن جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ پاڻ کي هميشه مصروف رکڻ کي ترجيح ڏني آهي. اهو ئي سبب آهي جو کيس بيشمار ايوارڊ مليل آهن. فن اداڪاري ۾ کيس ماروي آرٽ ڪلب ايوارڊ، سنڌ فنڪار تنظيم ايوارڊ مليل آهن صحافت ۾ کيس ريڊيو پبليڪشن، ريڊيو لسنر ايوارڊ، هالار ڊائجسٽ ايوارڊ، سنڌ جرنلسٽ فائونڊيشن ايوارڊ، مليل آهن. ادبي ۽ سماجي خدمتن تي کيس سنڌي ادبي سنگت ايوارڊ، علامه آءِ آءِ قاضي ايوارڊ، عزت حبيب ٽرسٽ ايوارڊ، سگا ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. گلزار ڪلهوڙو مختلف اسٽيج پروگرامن ۾ ڪمپيئرنگ جا فرض به نڀائيندو رهيو آهي. کيس سنڌ جي مشهور شاعرن جي شاعري پڻ ياد آهي ۽ هن پاڻ به ڪجهه شاعري ڪئي آهي. پاڻ سنڌ جي مختلف اهم شخصيتن عابده پروين، شمن علي ميرالي، عرس اظهر، منظور سخيراڻي، مائي الهوسائي، راشد مورائي، الهنواز رڪڻائي، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، احمد خان مدهوش ۽ ٻين جا انٽرويو ڪري چڪو آهي ۽ هن وقت پاڻ چئن ڪتابن کي ترتيب ڏئي چڪو آهي ۽ پر اهي اڻ ڇپيل آهن. گلزار ڪلهوڙو جا ٽي پٽ اظهار علي، جنسار علي ۽ وقار علي پڻ ادب ۽ صحافت سان دلچسپي رکن ٿا. کيس پاٽ پراڻي جي تاريخي دڙو، شاعرن ۾ استاد بخاري ۽ مدهوش، فنڪارن ۾ عابده پروين ۽ مهدي حسن، کاڌي ۾ سبزي مڇي ۽ جوئر جي ماني، دوستن ۾ اسلم ملاح، ڪتابن ۾ جيڪو به پڙهڻ لاءِ ملي وڃي، رسالو شاهه جو رسالو، شخصيتن ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بهترين لکيڪ فدا ڪلرائي، امر جليل ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڪمپئير نصير مرزا ۽ مهتاب اڪبر راشدي ۽ بخشڻ مهراڻوي پسند ۾ شامل اٿس..........
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    سائين پاٽ شريف بابت بهترين معلومات ونڊيو پيا۔
     
  3. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    اللهم صل علي محمد وآل محمد
     
  4. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    السلام عليڪم

    زبردست ادا
     
  5. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    السلام عليڪم
    منهنجو نالو راشد احمد چنا آهي مان دادو ضلع جي ڳوٺ ٻورڙي جو آهيان ۽ هاڻي منهنجي رهائش ڪوٽڙي شهر ۾ آهي مان پرئيويٽ نوڪري ڪندو آهيان مونکي هن سنڌي فورم جي باري ۾ چاچي منير احمد لوهار ٻڌايو مونکي هن فورم ۾ اچي ڏاڊو سٺو لڳو
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    ادا زاهد توهان جي مهرباني
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    ادا توهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ...........................
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    ادا اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    غلام حيدر ڪلهوڙي عرف گلزار ڪلهوڙي پاٽائي جو تعرف پڙهي خوشي ٿي ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ جاکوڙي انسان موجود آهن، هر انسان هڪ افسانو ۽ هڪ داستان هوندو آهي ۽ سائين گلزار صاحب به سنڌ جي ڪردارن مان هڪ ڪردار آهي، سائين جن کي سلام جو هو تعليم ۽ تربيت سان گڏ فنون لطيفه ۽ صحافت سان پڻ لاڳاپيل رهي سنڌ جي خدمت ڪري رهيا آهن ۔۔۔ گهڻ پاسائي شخصيت آهن، رب کين همٿ ۽ حوصلو عطا ڪري ته جيئن سنڌ جي خدمت ۾ پاڻ پتوڙيندا رهن ۔۔۔

    خوشي ٿئي ها جو گلزار صاحب پاڻ هن اڱڻ تي اچي پنهنجو تعرف به ڏئي ها ۽ دوستن سان ڪچهري به ڪري ها، پر جي ادي زاهد اهو تعرف ڏنو به آهي ته هي تعرف ناهي، هڪ شخصيت تي مقالو آهي، جيڪو سنڌ جي شخصيتن واري ڌاڳي ۾ هجي ها ته اڃان سهڻو لڳي ها ۔۔۔

    هن ئي ڌاڳي ۾ راشد چنا به پنهنجو تعرف ڏنو آهي، دوست راشد کي پڻ ڀليڪار ۽ سائين چاچا منيرپاٽائي جا پڻ لک ٿورا جو پاڻ ته ڪجهه چوڻ ۽ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو اٿن پر سهڻا دوست موڪلي پيا سڪون لاهن۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿوار ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    مهرباني سائين
     
  11. Hullio

    Hullio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    English
    ماڳ:
    English
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    اسلام عليڪم مهنجو نالو ثناءالله هليو آء لارڪاني شهر م رهندو آهيان مون کي هي ويب ڏسي تمام خوشي ٿي ۽ هي ويب ٻدائڻ ۾ عبدلواهد ڀاء مدد ڪئي
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    ادا ثناءُ الله اوهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار۔
    ۽ ادا عبد الواحد جن جي به مهرباني جو اوهان کي اسان سان ملايو۔
    مهرباني ڪري اوهان پنهنجو تعارف ، تعارف واري سيڪشن ۾ ونڊ ڪندا ته ٿورا۔
    سدائين گڏ۔۔۔
     
  13. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گلزار ڪلهوڙ پاٽائي جو تعارف

    ادا ڀليڪار هن محبتي فورم تي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو