• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳوان گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لا نيڪ تمنائون

زاهد سومرو

سينيئر رڪن
پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳواڻ گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لاءِ نيڪ تمنائون

سڀ کان پهرين آئون پنهنجي انهن سنڌي ڀائرن کي لک لک واڌايون ڏيان ٿو. جن سنڌ سلامت جهڙو عظيم فورم جوڙي هڪ سچي سنڌي هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي مون جڏهن سنڌ سلامت جو ڇپيل ڪئلينڊر ڏٺو ته دل باغ بهار ٿي پئي ۽ هڪ اميد پيدا ٿي ته ڌرتي ماءُ جي سونهن کي سينگارڻ وارا سچا سپوت پنهنجي ڪوششن ۾ رُڌل آهن. هونءَ به دور جديد ۾ جتي انسان اڃان به وڌيڪ ترقي يافته ٿيڻ جي جدوجهد ڪري رهيو آهي اتي وري هنن سنڌي نوجوانن عبدالرشيد سمون، ادا عامر ضياءَ چارڻ، ادا علي علي ، سائين نثار ابڙو، سائين نثار احمد ناز، ادا مخدومي زاهد حسين سومرو الجميلي ۽ ٻين ساٿين گڏجي انٽرنيٽ ذريعي سنڌي ڪلچر کي دنيا ۾ متعارف ڪرائي اهو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته دنيا وارا ڏسو سنڌ ڪيڏي خوبصورت آهي ۽ اسان سنڌي به ڪنهن کان گهٽ نه آهيون. مطلب ته سنڌ سلامت جي ساٿين پنهنجي پختي ارادي سان شايد استاد بخاري جي انهن سٽن تي عمل ڪيو آهي ته:

ڇو ڪٿي رڪجون رفيقو ارتقا ڪجي نٿي
زندگي جي آرزو ۾ جستجو ٿڪجي نٿي
ساٿيو سندرا ٻڌي هلندا هلو وڌندا هلو
پاڻ ڇو بيهي رهون دنيا جڏهن بيهي نٿي.

سنڌ سلامت بابت آئون اڪثر ڪري پنهنجي ڳوٺائي مخدومي زاهد حسين سومرو الجميلي کان هر دفعي حال احوال وٺندو رهندو آهيان. سندس ڳالهين مان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هنن سڀني ساٿين جي حوصلا بلند آهن. هڪ صحافي ۽ ننڍڙي ليکڪ جي حثيت ۾ مون وٽ جيڪو مواد هوندو آئون هن فورم آڏو پيش ڪندو رهندس ۽ هنن ساٿين لاءِ منهنجو مڪمل سهڪار هوندو. منهنجون نيڪ تمنائون ۽ دعائون اوهان سان گڏ آهن. آخر ۾ استاد بخاري جي ئي شعر ذريعي سڀني سنڌين لاءِ پيغام آهي ته:

مرندي به قوم آهي جيئندي به قوم آهي
ڪرندي به قوم آهي اٿندي به قوم آهي
هِنَ ڀونءِ جا جيالا جهونجهار پُٽَ ڌيون
سنسار کي مڃايو سنڌي به قوم آهي

فقط اوهان سڀني لاءِ دعاڳو
گلزار ڪلهوڙو پاٽائي
پاٽ شريف ضلع دادو
 
جواب: پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳوان گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لا نيڪ تمنا

مرندي به قوم آهي جيئندي به قوم آهي
ڪرندي به قوم آهي اٿندي به قوم آهي
هِنَ ڀونءِ جا جيالا جهونجهار پُٽَ ڌيون
سنسار کي مڃايو سنڌي به قوم آهي
ادا زاهد۔۔۔۔ توهان جون مهربانيون ۽ لک ٿورا۔۔۔ جو سنڌ سلامت بابت سنڌي دوستن کي آگاهه ڪندا رهو ٿا۔۔۔
ان سان گڏ لک ٿورا سائين گلزار ڪلهوڙو جن جا، جنهن سنڌ سلامت جي لاءِ ايتريون نيڪ تمنائون پيش ڪيون۔۔ واقعي سنڌ سلامت جي دوستن جا حوصلا بلند آهن، انشاءَ الله هن پليٽ‌فارم تان سنڌي ٻولي جي خدمت جي جذبي کي اڳتي وڌائبو
 
جواب: پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳوان گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لا نيڪ تمنا

ادا زاهد علي سومرا صاحب توهان جي وڏي مهرباني جو توهان سائين گلزار ڪلهوڙو کي سنڌ سلامت فورم ۽ سنڌ سلامت فورم جي ڪيلينڊرس بابت ڄاڻ ڏني ۽ لک ٿورا سائين گلزار ڪلهوڙو صاحب جن جا جن سنڌ سلامت فورم لا۽ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪريو اسان سنڌ سلامت فورم جي سٿ پاران سائين گلزار ڪلهوڙو صاحب جن جا شڪر گذار آهيون

سدائين گڏ
 
جواب: پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳوان گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لا نيڪ تمنا

ادا زاهد توهان جا لکين قرب جو سنڌ سلامت کي دوستن اڳيان پيا پيش ڪيو۔

مهرباني مانواري سائين گلزار ڪلهوڙو جي جنهن هيڏي ساري سڪ ۽ پاٻوه مان اسان لاء نيڪ تمنائون موڪليون آهن۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳوان گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لا نيڪ تمنا

محبتي ماڻهو ادا زاهد سومرو جون مهربانيون جو محترم گلزار ڪلهوڙو آف پاٽ شريف جو نيڪ تمنائن وارو پيغام اسان تائين پُڄايو، اسان ٿورائتا آهيون سائين گُلزار ڪلهوڙو جا جن سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا ايترا پيار ونڊيا، ايڏا قرب ڪيا، سائين گُلزار اسان کي توهان جهڙن سنڌ جي سڄڻن جي سخت ضرورت آهي، پيارا گُلزار سنڌ ڌرتي ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آهي، جيڪي سنڌ جيجل لا پنهنجي دل ۾ درد رکن ٿا اهي خدار اڳتي اچن ۽ ادا عبدالرشيد سمون جي ٻاريل هن لاٽ سنڌ سلامت جي اڱڻ کي اڃان به روشن ڪريون۔ هڪ دفعو ٻيهر ادا زاهد سومرا جا ٿورا جو هن سائين گُزار ڪلهوڙو جو پيار ڀريو سنيهو اسان تائين پهچايو
 
جواب: پاٽ شريف جي صحافي ۽ سماجي اڳوان گلزار ڪلهوڙو پاران سنڌ سلامت جي سٿ لا نيڪ تمنا

ادا ذهد ڪهڙاحال آهن سنڌ سلامت تي گهٽ پيا نظر اچو لڳي ٿو ته مصروفيتون وڌي ويون آهن۔۔۔۔
تمام سٺوجو سنڌ سلامت بابت سنڌي دوستن کي آگاهه ڪندا رهو ٿا۔۔۔
ان سان گڏ لک ٿورا سائين گلزار ڪلهوڙو جن جا، جنهن سنڌ سلامت جي لاءِ ايتريون نيڪ تمنائون پيش ڪيون۔۔
 
Back
Top