• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌي دوستو هي پنهنجو غزل توهان سان ونڊ پيو ڪريان، ڳالهه مجاز جي آهي، تصويري شڪل ۾ پيش پيو ڪريان ۔ توهان جي راين جو منتظر رهندس۔

71627_459727223215_794048215_5382214_7328850_n.jpg
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

سائين مست جي ڪمپيوٽر ۾ مسئلو هجڻ‌جي ڪري تصويرون ظاهر نه پيون ٿين، ان ڪري فلحال مان توهان جي ونڊ ڪيل هن شاعري جي ديدار کان محروم آهيان
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

واھ واھ سائين تمام سهڻي ڊزائين سان گڏ تمام لاجواب شاعري۔۔۔۔۔۔ونڊڻ جي مهرباني
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

سائين نثار سلام

سونهن ۽ سرت جو شاعر نثار ناز روز بروز نوان گيت ۽ غزل پيو ونڊ ڪري. سندس جذبا جوان آهن ۽ نه ٿڪجندڙن مان آهي. سندس شاعري ۾ مجازي عشق انتها تي پهتل پيو نظر اچي۔ سندس هن غزل ۾ اٿاه سوچ جي انتها آهي

رس نه پي تون مٺا واس وٺ تون ڀلي
هوء ڪنواري ڪلي آ ااڙي ڀونئرا

دعا آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ادب سان چاه رکندڙ دوست کيس سلام پيا پيش ڪن.
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

سائين مست جي ڪمپيوٽر ۾ مسئلو هجڻ‌جي ڪري تصويرون ظاهر نه پيون ٿين، ان ڪري فلحال مان توهان جي ونڊ ڪيل هن شاعري جي ديدار کان محروم آهيان

مست ديدار ٿيندا ضرور ٿيندا، آخر ته تصوير ظاهر ٿيندي۔ پو تنهنجا خوبصورت ڪامينٽس به پڙهبا ڪا تڪڙ ڪانهي دوست اسد ڪا تڪڙ ناهي۔
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

سائين نثار سلام

سونهن ۽ سرت جو شاعر نثار ناز روز بروز نوان گيت ۽ غزل پيو ونڊ ڪري. سندس جذبا جوان آهن ۽ نه ٿڪجندڙن مان آهي. سندس شاعري ۾ مجازي عشق انتها تي پهتل پيو نظر اچي۔ سندس هن غزل ۾ اٿاه سوچ جي انتها آهي

رس نه پي تون مٺا واس وٺ تون ڀلي
هوء ڪنواري ڪلي آ ااڙي ڀونئرا

دعا آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ادب سان چاه رکندڙ دوست کيس سلام پيا پيش ڪن.
پيارا سليمان وساڻ اهي توهان جا پيار آهن، جو توهان سلامن جون ڳالهيون ڪريو پيا، نه ته هِي غريب سدائين توهان دوستن جي لاري لڳل آهيون، توهان اسان ٽي درجي وارن شاعرن جي صنفن کي خوبصورت ڪري ليکيو ٿا اها توهان جِي وڏائي آهي مٺا !نه ته ڇا نثار ناز ؟ ڇا سندس شاعري ؟ مڙئي مجاز کي آزمايون پيا، دل ۾ ويٺل هڪڙي ”ناز“ کي آزمايون پيا ! ناز جيڪو دنيا جو نفيس ترين منهنجي نظر ۾ هڪڙو ماڻهو آ، موتي ڌاڻو آ، هڪڙي ڳالهه اڄ ٻي به ٻُڌائي ٿو ڇڏيان ته ناز تون ڀي آهين ته مان ڀي آهيان، ناز، پرين پيارو به آهي ته منهنجي دل جو قاتل به آهي، ناز وفا جو اٿاهه سمنڊ به آهي ته جفا جو ٻرندڙ جبل به آهي۔ ناز مون کي اڻ ميون خوشيون به ڏيندو آهي ته وري ناز ٻورا ڀري ڏُکن جا مونکي ڏيندو آهي۔الغرض ناز جي ڪڏهن ستمگر آهي تڏهن به اکين تي ۽ وري ناز جيڪڏهن دلبر آهي ته منهنجي نيڻن ي۔ لک لائق ادا جو ايتريون سگهاريون همت افزايون ڪريو ٿا، جو ڏات جي ديوي کي ڪو موقعو ئي ڪونه ٿو ملي جو هو گوهيون هڻي۔
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

واھ واھ سائين تمام سهڻي ڊزائين سان گڏ تمام لاجواب شاعري۔۔۔۔۔۔ونڊڻ جي مهرباني
ادا عاشق سولنگي جي مهرباني جو سدائين اسان جي ڪاوشن تي واهه واهه ڪري پنهنجا پيار اسان تي واري ٿو۔ لک لائق ادا عاشق سولنگي جا
 
جواب: ڇا ته نازن پلي آ اڙي ڀونئرا غزل ( نثاراحمد ناز)

واھ واھ سائين تمام سهڻي ڊزائين سان گڏ تمام لاجواب شاعري۔۔۔
 
Back
Top